اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪرغزستان جي صورتحال تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار بشڪيڪ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪرغزستان مان پاڪستانين جي واپسي جي معاملي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار متحرڪ ٿي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار سڀاڻي صبح بشڪيڪ روانو ٿيندو.
هوڏانهن پاڪستاني شاگردن کي کڻي پهرين اڏام سڀاڻي 10 وڳي لاهور پهچندي، جنهن ۾ 180 شاگرد موجود آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪرغزستان ۾ پيدا ٿيل صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي، پاڪستاني شاگردن کي سفارتخاني طرفان مدد فراهم ڪئي وڃي.
#bishkek #ishaqdar #shahbazsharif