هر سال ، ملڪ جي سالياني بجيٽ جون مهيني ۾ پيش ڪئي ويندي آهي. هن، سال به نئين سال جي بجيٽ پيش ٿيڻ جي ويجهو آهي. ڪن ذريعن کان معلومات ملي اٿئون ته ، نئين بجيٽ ڇهين جون تي پيش ڪئي ويندي. جنهن سلسلي ۾ حڪومت جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن. انگن اکرن جا ماهر بجيٽ تيار ڪري رهيا آهن. جيڪي پنهنجي مهارت جا ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي ٽيم سان گڏجي ڪوششون ڪري رهيا آهن. هر، شيءِ سندن غور هيٺ آهي. ڇا ٿو ٿئي؟ ڇا نه ٿو ٿئي؟ اها سموري خبر بجيٽ جي اعلان کان پوءِ پئجي ويندي. هن وقت اڳواٽ ئي ان تي تبصرا ڪيا پيا وڃن. انديشا ۽ امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. پر، اهي محض قياس آرائيون آهن ۽ جيڪي به ڳالهيون گردش ڪن پيون سي قبل از وقت آهن. ڪا حتمي راءِ قائم ڪري نه ٿي سگهجي. بهرحال نئين مالي سال جي بيجٽ اچڻ جو هر هڪ ماڻهو کي شديد انتظار آهي. جيڪو جون مهيني ۾ ختم ٿي ويندو. عوام جو اڳواٽ ڪيل ڳالهيون ڪي صحيح ثابت ٿينديون ته ڪي مورڳو غلط به ٿينديون.
اهو، ڪافي سالن کان وٺي رواج هلندو پيو اچي ته ، بجيٽ اچڻ کان اڳ ۾ واپاري حضرات شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ وڌيڪ نفعو ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. شين جا هٿرادو اگهه مقرر ڪري ٻنهي هٿن سان عوام کي ڦريندا وتندا آهن. ڪن شين کي گودامن ۽ ڀانڊن ۾ بند ڪري ، هٿرادو کوٽ به ڪئي ويندي آهي. خاص ڪري روزانه استعمال ٿيندڙ شين سان اهڙو حشر ڪيو ويندو آهي. کين اندازو هوندو آهي ته بجيٽ ۾ هنن شين جا اگهه وڌايا ويندا. جنهن ڪري ذخيره اندوزي ڪري انهن شين کي مهانگي اگهه ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي. اها سڀني کي خبر آهي. حڪمران به ان ڳالهه کان بخوبي واقف هوندا آهن. پر، واپاري سگهاري ڌر آهن. جنهن ڪري انهن جي خلاف ڪو به قدم ڪونه کنيو وڃي ٿو. کين مڪمل طرح ڇوٽ ۽ رعايت ڏني ويندي آهي. سندن ڪو به نالي وٺڻ وارو ڪونه هوندو آهي. حڪمران انهن جي خلاف هڪ لفظ به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. هن سال به اڃا سالياني بجيٽ جو اعلان ڪونه ٿيو آهي. بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن پيا آهن. هينئر سان ئي ڪافي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا اٿن. پنهنجي مرضي جا اگهه ورتا پيا وڃن. ڪن شين جي کوٽ به پيدا ٿي پئي آهي. کنڊ يا ڪڻڪ جو بحران ته ملڪ ۾ آهي. انهن جي باري ۾ روزانه نيون خبرون ٻڌندا رهون ٿا. پر، سگريٽ ، اٽي ڀاڄين ۽ ڪجهه ٻين شين جا اگهه وڌي ويا آهن. جيڪي اڃا به وڌيڪ مهانگا ڪيا ويندا. خبر ناهي ته ، واپارين کي ڪيئن ٿي خبر پوي يا سندن اندازو ڪيئن درست ٿو ٿئي ته فلاڻيون شيون مهانگيون ڪيون وينديون. فلاڻيون شيون تقريبن ساڳي قيمتن تي ڄميل رهنديون. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي هو قيمتن مقرر ڪرڻ ۽ شين جي کوٽ ڪرڻ شروع ڪندا آهن. مون کي تجربو آهي ته ، سندن اهڙو اندازو هميشه صحيح ثابت ٿيو آهي. اهو به تجربو اٿم ته ، جيڪي شيون هڪ دفعو اگهن جي لحاظ کان وڌيون آهن. سي ٻيهر ڪڏهن به گهٽ ڪونه ٿيون آهن.
هاڻ ، جڏهن بجيٽ ۾ نوان ٽئڪس لاڳو ڪيا ويندا. انهن ٽئڪس لڳائڻ جو حڪم آءِ ايم ايف جي طرفان ڏنو ويو آهي جنهن جي اشاري تي حڪومت هلي رهي آهي ۽ هي ملڪ هلي پيو انهيءَ جي چوڻ جي بغير ڪک به ڪونه ٿو چري. تنهن کان سواءِ بيروني قرضن جو دٻاءَ به وڌندو پيو وڃي. ان صورتحال ۾ عوام جي مٿان وڌيڪ ٽئڪس لاڳو ڪيا ويندا. ٽئڪس لڳائڻ جي ڪري مهانگائي وڌيڪ ڪر کڻندي. جڏهن ته عوام اڳ ۾ ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي. ويتر مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري وجهندي. جنهن ڪري عوام وڌيڪ پريشان ۽ مونجهارن جو شڪار ٿي ويندو. ملڪ ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ٿيندو. غريب ماڻهو مايوس ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. اڳ ۾ ئي ڄاڻايل سبب جي ڪري. خودڪشيون ٿي رهيون آهن. اهو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي. جيڪو هڪ مهذب قوم ۽ ملڪ لاءِ هڪ وڏو داغ ۽ ڪو سٺو سنوڻ ڪونه آهي. جيتري قدر ، ٽئڪسن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. اهو چيو پيو وڃي ته بجيٽ ۾ ته ٽئڪسن جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو. اهڙو اعلان بجيٽ ۾ وزير خزانه ڪندو. جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن تي به ٽئڪس مڙهيو ويندو. جڏهن ته هو اڳ ۾ ٽئڪس ڏيئي رهيا آهن. سندن پگهارن مان ٽئڪس جي رقم ڪاٽي وڃي ٿي. هو ، ساليانه آمدني جي رٽرن پڻ ڀري واسطيدار آفيس ۾ جمع ڪرائيندا رهندا آهن. ٽئڪس جي مد ۾ انهن سان ڪا به رعايت ڪونه ٿي ڪئي وڃي. مذڪوره ملازمن جي ٽئڪس جي ادائيگي يقيني آهي. تنهن هوندي به انهن تي وڌيڪ ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جون تياريون شروع آهن. باقي بااثر ته مورڳو ٽئڪس ڪونه ڏين. هاڻ عالمي مالياتي اداري طرفان ، حڪومت کي چيو ويو آهي ته ، پينشرن کان به ٽئڪس ورتو وڃي. انهن جي پينشن جي رقم تي ٽئڪس لاڳو ڪيو وڃي. جنهن تي حڪمرانن ٻئي هٿ اکين تي رکيا آهن. هاڻ ، اهو شرط مڃڻ لاءِ غور ويچار شروع ٿي چڪو آهي. پينشرن کي به ڪونه بخشيو ويندو. انهن کان به ٽئڪس ورتو ويندو. جڏهن ته هو، ٿورڙي آمدني جا مالڪ آهن. انهن جي آمدني جو ٻيو ڪو به ذريعو ڪونه آهي. پر، ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. هاڻ ڏسجي ته ، بجيٽ م ان سلسلي ۾ ڪهڙو ٿو اعلان ڪيو وڃي. اها سڄي صورتحال چند ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندي. پر، سمجهه ۾ ايئن ٿو اچي ته رٽائرڊ ملازمن لاءِ ڪا خوشخبري ڪونه ٻڌائي ويندي. هونئن به موجوده حڪومت جي پاليسين تي نظر وجهجي ٿي ته سندس سموريون پاليسيون عوام دشمن آهن. سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۾ ڪو خاص واڌارو متوقع ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي ۽ نه وري حڪومت جي سرڪرده اڳواڻن اهڙو اشارو به ڏنو آهي. تنهن هوندي به کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته جن مطابق هڪ پاسي پگهارن ۾ واڌ ڪري ، ٿورو فائدو ڏنو ويندو ته ٻئي طرف ٽئڪس ورتو ويندو. جنهن ڪري هن مهانگائي جي دور ۾ ، مذڪوره طبقي کي ڪو خاص مالي فائدو ملي ڪونه سگهندو. حڪمرانن ۽ آءِ ايم ايف وارن کي ته رٽائر ملازمن تي ڏاڍي چڙ ۽ ڪاوڙ آهي. حڪمران ته سرمائيدار آهن. انهن کي پينشرن جو ڪو به احساس ڪونه ٿيندو.
هتي ، اهو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته روزانه اجرت تي ڪمائيندڙ مزدور ۽ پورهيت طبقو انتهائي پريشان آهي. حڪومت سندن مزدوري ته وڌائڻ جا اعلان ڪندي رهندي آهي. تازو به مزدورن جو ماهوار پگهار ٻٽيهه هزار روپيه ڪرڻ جو اعلان ڪيو اٿس. پر، ان اعلان تي عمل مورڳو ڪونه پيو ٿئي. اڄ به مزدرون کي پنج سئو روپيه ڏهاڙي جا ملي رهيا آهن. ان حساب سان پندرهن هزار روپيا ٿين ٿا. هن دور ۾ ان معمولي رقم مان سڄو مهينو گذران ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏهن ته سرڪار سڳوري اعلان ڪيو آهي ته ان تي عمل به ڪرائي. باقي خالي اعلانن مان ڪهڙو فائدو؟ هونئن به هتي اعلان ڪيا ويندا آهن. ماڻهن کي سبز باغ ڏيکاريا ويندا آهن. ماڻهن کي آسرن ۾ رکيو وڃي ٿو. پر، ڪنهن به اعلان تي عمل ڪونه ٿو ٿئي. هاڻ ، بجيٽ اچي رهي آهي. اها وقت جي ضرورت آهي ته مذڪوره طبقي جي فلاح و بهبودي لاءِ ڪو خاص رليف پيڪيج ڏنو وڃي جنهن سان اهي زندگي سولائي سان گذاري سگهن. هن وقت مهانگائي جي ڪري سندن جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. جيڪڏهن سندن ڏهاڙي اها ساڳئي رهي ۽ بجيٽ ۾ وڌيڪ مهانگائي ڪئي ويئي ته پوءِ ان طبقي سان تعلق رکندڙ غريبن ۽ مسڪينن جو حال ڪهڙو ٿيندو. ان باري ۾ حڪومت ئي ٻڌائي سگهي ٿي. باقي ان جو جواب عام ماڻهو وٽ ڪونه آهي ۽ نه وري ڪير ٻڌائي سگهي ٿو.نئين مالي سال 2025-2024 جي بجيٽ متعلق ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ، اها رڳو انگن اکرن جي هيرا ڦيري هوندي. باقي بجيٽ ڪا خاص ڪانه هوندي. جنهن مان عوام کي هڪ ٽڪي جو به فائدو ٿئي. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ پلان تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو آءِ ايم ايف جي ڳرن شرطن کي عوام جي مٿان مڙهيو ويندو. ڪن جو چوڻ آهي ته ، هن بجيٽ ۾ عوام تي وڌيڪ بار وڌو ويندو. جڏهن ته سرمائيدارن ۽ جاگيردانن کي فائدي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جيئن ماضي ۾ هميشه ٿيندو رهيو آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هيءَ بجيٽ عوام دشمن پاليسين واري هوندي. جڏهن ته ڪن جو خيال آهي ته بجيٽ عوام ۽ ملڪ دوست هوندي جنهن ۾ عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف ڏنو ويندو. بهرحال جيترا آهن وات اوتريون ئي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. بجلي ۽ گئس جي بلن ۾ واڌ ڪئي ويندي. لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ به مشڪل آهي. هاڻ سڀئي ڳالهيون بجيٽ ۾ واضح ٿي وينديون. ان جو انتظار باقي آهي. ٻئي پاسي بجيٽ متعلق موجوده اتحادي حڪومت ڪجهه به ڪونه پئي ٻڌائي. بس ، مڪمل طرح خاموش ڏسڻ ۾ اچي پئي. جنهن ڪري عوام جي دلين ۾ ڪيترائي خدشا ۽ خطرا پيدا ٿي رهيا آهن. ڪيترائي امڪان ۽ انڪشاف جنم وٺي رهيا آهن. موجوده صورتحال مان چڱائي جي اميد گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. تنهن هوندي به هي دنيا اميدن ۽ آسرن تي هلي رهي آهي.
نئين مالي سال 2025-2024 جي بجيٽ متعلق ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ، اها رڳو انگن اکرن جي هيرا ڦيري هوندي. باقي بجيٽ ڪا خاص ڪانه هوندي. جنهن مان عوام کي هڪ ٽڪي جو به فائدو ٿئي. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ پلان تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو آءِ ايم ايف جي ڳرن شرطن کي عوام جي مٿان مڙهيو ويندو. ڪن جو چوڻ آهي ته ، هن بجيٽ ۾ عوام تي وڌيڪ بار وڌو ويندو. جڏهن ته سرمائيدارن ۽ جاگيردانن کي فائدي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جيئن ماضي ۾ هميشه ٿيندو رهيو آهي.