ادب ڪنهن به ٻوليءَ جو هجي اُهو ڪنهن به شخصي حاصلات کان گهڻو مٿانهون هوندو آهي شايد اهو متو سنڌ جي اديبن کان اوپرو آهي، ڪنهن به تفصيل ڄاڻائڻ کان سواءِ مون کي چٽو چوڻو آهي ته اردو ادب جي هلندڙ روايت جنهن جي منهنجي طرفان بيحد تعريف ڪرڻ جي ڳالهه آهي، اها هيءَ ته هُنن جڏهن به ”اردو ادب“ لفظ استعمال ڪيو آهي ته اتي هُنن اهو ويڇو ويجهو نه آندو آهي ته، هي پاڪستاني اردو ادب آهي، هيءُ هندستاني اردو ادب آهي، ۽ هيءُ آمريڪي وغيره اردو ادب آهي، اها احساس ڪمتري سنڌي ادب سان لاڳو آهي. ٻيءَ طرح سنڌي ادب، سنڌي ادب آهي، اهو ڪٿي به لکيو ويندو هجي.سنڌي ادب ۾ ڪن ليکڪن محققن مذهب/ڌرم جي بنياد تي هند جي سنڌي ادب کي وساريو آهي ته رد عمل ۾ ڪن ليکڪن هند ۾ سرجندڙ ٽئين درجي جي ادب کي پاسخاطريءَ طور سنڌ ۾ پهرئين درجي تي ويهاري تعارف ڪرايو آهي، جنهن سبب سنڌ جو عام پڙهندڙ ۽ ڪجهه خاص پڙهندڙ پڻ اڄ به هند جي ذهين ليکڪن، گني سامتاڻي، پرم اڀيچنداڻي، آنند کيماڻي، شيام جئسنگهاڻي، نامديو تاراچنداڻي، هريش واسواڻيءَ جو نالو شايد نالي طور ئي ٻڌو هوندو، هڪ اعليٰ اديب طور نه يا گهٽ!
اهو سچ آهي ته هندستان ۽ پاڪستان جي سياسي ناهموارين سبب ٻنهي ملڪن جو سنڌي ادب هڪ دوريءَ تي آهي.
مون کي ياد ٿو اچي ته ڪجهه سال اڳ سنڌ جي ڪنهن گورنر اديبن سان ملڻ وقت انهن کان پڇيو هُئو ته اوهان جا مسئلا ڪهڙا آهن جيڪي حل ٿيڻ کپن؟ ته اردو اديبن پهرين گهر اِها ڪئي هئي ته، پاڪستاني پوسٽ جا اگهه گهٽايا وڃن جيئن ڪتابن جي آڻڻ ۽ نيئڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ته سنڌي اديبن طنزيه مرڪندي پنهنجن کيسن مان شخصي درخواستون ڪڍي گورنر کي گوش گذار ڪيون هيون جن ۾ سندن ڪي شخصي گهرجون هيون.
اهو سڀ سنڌ جي گورنر جي وس ۾ نه هيو ڇو ته پاڪستان سارڪ جي نالي تنظيم جو هڪ ميمبر ملڪ هُئو، جنهن پنهنجي پوسٽ جي اگهن ۾ نرمي نه ڪئي پوءِ ٻين سارڪ تنظيم ۾ شامل ملڪن پنهنجا ڏهوڻا پوسٽ جا اگهه وڌائي ڇڏيا هئا جنهن ڪري پاڪستان سان ادبي مٽا سٽا جو مسئلو اڪثر اڄ تائين اڻ پورو آهي.
چوڻ اهو چاهيان ٿو ته اهڙين حالتن هيٺ سنڌ جي ڪن ڳاڻ ڳڻين ليکڪن کان سواءِ هند جا سنڌي ڪتاب پڙهندڙن کي ميسر نه آهن، جنهن سبب هند توڻي سنڌ جو ڪو به ادب، بابت اڀياس اڻ پورو آهي ۽ ڪجهه ڄاڻي ٻجهي ٿيل آهي، جنهن سبب ٻنهي پاسي جا سنڌي اديب هڪ ٻئي کي پڙهي يا سمجهي گهٽ سگهيا آهن.
جيستائين ڪتاب ايندا ويندا هئا، خاص طور ضياءَ جي مارشل لائي دور کان اڳ، تيستائين سنڌ جو اديب خاص طور وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌي اديب هند جي سنڌي ادب تائين رسائي رکندڙ هُئو. اڄ سنڌ جو لکندڙ هند جي ادب کان بنهه اڻ واقف آهي. جنهن ڪري هو هند جي سنڌي نئين ادب جي روايت توڻي جدت کان اڻڄاڻ آهي. سچ ته اِهو به آهي هند جي سنڌي ادب ۾ ڪجهه مثال اهڙا اعليٰ ملي ويندا جيڪي ڀل گهڻا نه هجن پر اسان جي آس پاس وارين ٻولين جي ادب ۾ به شايد نه ملي سگهن ۽ جيڪڏهن هوندا ته به مان انهن کان اڻڄاڻ آهيان.
ساڳيءَ طرح سنڌ جي ادب ۾ ڪي اهڙا مثال پڻ ملي ويندا جن جي ادنائيءَ سوچي ڪنهن به ٻوليءَ جي اديب کي اندر ۾ ادنيٰ هجڻ جو احساس ٿيڻ لڳي. اهڙو هڪ مثال جنهن تي ڪٿان جو به رهندڙ سنڌي اديب فخر ڪري سگهي. اهو پرم اڀيچنداڻي ۽ آنند کيماڻي وچ ۾ آيل آهي. (حوالو: ڪونج 2006 جو پرم اڀيچنداڻي پرچو) ساڳي طرح اهڙو هڪ مثال جنهن تي ڪنهن به ٻوليءَ جي اديب جو ڪنڌ جهڪي وڃي اهو سنڌ جي اديبن جي وچ ۾ آيل آهي. جن ٻنهي اديبن جي نالن اڳيان ڊاڪٽر به لکيل آهي، نالا لکي پنهنجي ۽ انهن جي لکڻ جي ايئپروچ توڻي روايت ظاهر ڪرڻ ٺيڪ نه ٿيندي پر ايترو ته چوڻ ئي جڳائي ته اهڙو رويو اديب لاءِ ۽ پنهنجي ٻولي جي ادب لاءِ ڪنهن به طرح هاڃيءَ وارو آهي.
مٿين حوالن جي وچ ۾ ذڪر جيئن ته ان ڪتاب جو ڪرڻو آهي جيڪو تازو ئي سنڌي ٻوليءَ جي برک ناول نگار، ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ عالم پرم اڀيچنداڻيءَ جي خدمتن تي ڇپيو ويو آهي. ان ئي حوالي ۾ هڪ نه وسرندڙ ڪريڊٽ عوامي آواز اخبار ڏانهن وڃڻ وارو هت درج ڪرڻ ضروري آهي ته ان اخبار جي هفتيوار مئگزين پرم اڀيچنداني جو نهايت اهم ڪتاب ”نظر ۽ نظريو“ ڏهن قسطن ۾ ڇاپي هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو هُئو، جنهن جو مثال هند جي سنڌي ادب ۾ ۽ اخبارن ۾ به نه ملي سگهندو، جنهن عمل کان مايوس ٿي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار موهن ڪلپنا پنهنجو ڪتاب ” سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش“ لکيو هُئو، ٻيو ڪتاب ”نظر ۽ نظريو آهي“ ۽ ٽيون مثال سنڌي ادب ۾ اڄ تائين نه آهي، اڳتي هلي ملي اهڙي امڪان کي ٽاري نٿو سگهجي. هيءُ ڪتاب سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپيو ويو آهي ان کان ان ئي اداري پاران ڏهه سال اڳ پرم اڀيچنداڻيءَ بابت هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو هُئو، جنهن ۾ الڳ الڳ ليکڪن کي موضوع ورهائي ڏنا ويا هئا ته جيئن ساڳين ڳالهين جي ورجاءَ کان بچي سگهجي.
سنڌ ۾ ادارا، يونيورسٽيون ۽ اهڙو ڪجهه سوچي ئي نٿا سگهن ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ سنڌي ادب کان وڌيڪ اهميت پنهنجي گروپ جي اديب کي ڏني ويندي آهي. جيڪا روش اڄ جي تاريخ تائين جاري و ساري آهي.هن ڪتاب ۾ اهي سڀ ليک شايع ڪيا ويا آهن، جيڪي پرم اڀيچنداڻيءَ بابت سيمينار ۾ پڙهيا ويا هئا. هڪ ڳالهه صاف آهي ته ان سيمينار توڻي ڪتاب آڻڻ ۾ جيڪا محنت ٻيانوي سالن جي نوجوان اديب ۽ نقاد آنند کيماڻي صاحب ڪئي آهي اها چٽي هن ڪتاب مان ظاهر ٿي رهي آهي. هند ۾ اهو قبول ڪيل آهي پرم اڀيچنداڻي ۽ آنند کيماڻي ٻه دوست آهن. هيءُ ٻئي اديب نقاد پڻ آهن ۽ ادب ۾ ڪنهن به بي ادبيءَ کي نه قبوليندڙ آهن، سنڌ جي ادبي ڪلچر جي ابتڙ.اها ڳالهه به لکيت ۾ موجود آهي ته پرم اڀيچنداني ۽ آنند کيماڻيءَ جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ ڌاڪ ويٺل آهي، ڪيئن به هيءُ ڪتاب آنند کيماڻي صاحب مرتب ڪيو آهي، جنهن ۾ سورهن ليک آهن ۽ اهي ادب ۾ الڳ الڳ ڌارائن سان جڙيل لکندڙن جا آهن جن جا نالا گهڻو مشهور پڻ آهن جيڪي ترتيبوار آهن، آنند کيماڻي، پروفيسر هيرو شيوڪاڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، واسديو موهي، نامديو تاراچنداڻي، وينا شرنگي، جيا جادواڻي، هيروٺڪر، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، ڀڳوان اٽلاڻي، شالني ساگر، موهن همٿاڻي، ڊاڪٽر ونود آسوداڻي، ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي ۽ ڊاڪٽر مرلي ڀاو نالي.
پرم اڀيچنداني ٻه هزار ڇهه ۾ گذاري ويو ۽ هي ڪتاب ٻه هزار ٽيويهه ۾ شايع ٿيو آهي، جيڪو آنند کيماڻي صاحب قرب ڪري منهنجي دوست ڪيلاش شاداب معرفت موڪليو آهي. ڪنهن به اديب کان ٻاهر سندس ادب تي ڪيئن لکبو آهي اهڙو مثال هيءُ ڪتاب مهيا ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ادب تي گهٽ اديب تي گهڻو لکيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن اهو اديب دوست يا گروپ جو آهي ته ۽ جيڪڏهن دوست ۽ گروپ جو نه آهي ته ٻنهي صورتن ۾ شفي توڻي نفي رخ ۾ لکڻ جا جوهر دل کولي ڏيکاريا ۽ اظهاريا ويندا آهن، جنهن سبب سچ پچ ته حقيقي تنقيد جي کوٽ هاڻ اڻ هوند/غربت جي حد تائين وڌيل آهي.
دوستن کي لکندڙن کي پنهنجي پنهنجي پهچ آهر جڏهن به سنڌو جوت جو هي 77-76 پرچو جيڪو پر اڀيچنداڻيءَ جهڙي عالم تخليقڪار تي شايع ٿيو آهي اهو ضرور پڙهڻ گهرجي ۽ ان ۾ لکندڙن جو اعتماد ڏسڻ گهرجي، جيڪو اسان کي لکندي شايد پنجاهه سال ٻيا به لڳي وڃن، هن پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙي ڪتاب کي پڙهڻ هڪ حاصلات ته آهي ئي پر مان شخصي طور محترم آنند کيماڻي صاحب ۽ سندس مددگار ڀائٽي ۽ منهنجي دوست پرڪاش کيمچنداڻيءَ کي ساڳئي وقت سنڌي اڪيڊميءَ دهليءَ جي عملدارن کي هڪ وڏي مبارڪ ڏيان ٿو ته هنن پرم اڀيچنداڻيءَ جهڙي خوددار اسڪالر ۽ تخليق ڪار تي هڪ امُلهه ڪتاب آڻي پنهنجي اداري جي ساک ۾ واڌارو ڪيو آهي، ساڳئي وقت انهن لکندڙن کي پڻ جن هن پرچي ۾ پرم اڀيچنداڻي تي ڪجهه به لکي پرچي جي اهميت/مرتبو وڌايو آهي ۽ بس!