ويجهڙ ۾ سينيٽر رانا ثناءُالله، جيڪو حڪومتي ٽيم جو اهم رڪن آهي، اهو بيان ڏنو ته جيڪڏهن ملڪ جا پنج وڏا بااثر ماڻهو گڏ ويهي ڳالهائين ته حالتن جي بهتري لاءِ وچٿرو رستو نڪري سگهي ٿو. سندس اشارو نواز شريف، شهباز شريف، آصف علي زرداري، عمران خان ۽ فوجي قيادت ڏانهن هو. حقيقت ۾ مسئلو انهن پنجن ڌرين جي وچ ۾ نه، پر بنيادي طور باني پي ٽي آءِ جي سياست ٽڪراءَ جي علامت بڻيل آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ سياسي اڳواڻ فواد چوڌري، جيڪو اڃا تائين پاڻ کي پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل سمجهي ٿو پر پارٽي کيس قبول نٿي ڪري، نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي جي ڪانفرنس ۾ اهو اعلان ڪيو ته ملڪ جي سياسي ۽ غير سياسي قيادت کي گڏ ويهي نه رڳو سياسي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي، پر ان عمل جي شروعات حڪومت کي جيلن ۾ بند پي ٽي آءِ جي سزا يافته قيدين جي آزادي سان ڪرڻي پوندي. البت اها به حقيقت آهي ته هن ڪانفرنس ۾ بنيادي ڌرين، جن ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت ۽ پي ٽي آءِ شامل هئي، شرڪت نه ڪئي، جنهن سبب ڪانفرنس پنهنجو اصل مقصد حاصل نه ڪري سگهي. تنهن هوندي به، ڇاڪاڻته ان جو بنيادي مقصد مفاهمت واري سياست کي ويجهو آڻڻ هو، ان ڪري اهڙي ڪوشش جي همت افزائي ضرور ٿيڻ گهرجي. مسئلو اهو آهي ته باني پي ٽي آءِ ۽ سندس جماعت جو موقف الڳ آهي، جڏهنته حڪومت جو مفاهمت بابت پنهنجو موقف آهي.
حڪومت هڪ ئي وقت قومي مفاهمت ۽ ڳالهه ٻولهه جي حمايت ڪندي نظر اچي ٿي، پر ساڳئي وقت باني پي ٽي آءِ ۽ پي ٽي آءِ بابت سخت پاليسي به اختيار ڪئي وئي آهي. باني پي ٽي آءِ کي سيڪيورٽي ٿريٽ قرار ڏيڻ ٻه متوازي حڪمت عمليون ظاهر ڪري ٿو. مائنس باني پي ٽي آءِ واري سوچ ۽ خيبر پختونخواهه جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي بابت حڪمران جماعت جو سخت لهجو مفاهمت جي امڪانن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ٿو. نتيجي طور مفاهمت جون ڳالهيون في الحال سياسي نعرا بڻيل آهن ۽ ڪنهن حقيقي ڳالهه ٻولهه جي اميد گهٽ نظر اچي ٿي.
ڪجهه تجزئي نگارن جو خيال آهي ته وفاقي حڪومت جي پي ٽي آءِ بابت پاليسي اهي نتيجا نه ڏئي سگهي آهي، جيڪي حڪومت چاهيندي هئي، ڇاڪاڻته پي ٽي آءِ اندر ڪو الڳ ڌڙو سامهون نه اچي سگهيو. ان ناڪاميءَ کانپوءِ ئي مفاهمت جون ڳالهيون تيز ٿيون آهن. حقيقت اها آهي ته مفاهمت ڪجهه لو ۽ ڪجهه دو واري اصول تي اڳتي وڌندي آهي، پر سڀ ڌريون يا ته هن نڪتي کي سمجهي نٿيون سگهن يا ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪري رهيون آهن. حڪمرانن کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته باني پي ٽي آءِ ۽ پي ٽي آءِ بابت سندن پاليسي اڃا تائين واضح ناهي. ان بنياد تي ڪيترائي سياسي مبصر اهو به مڃين ٿا ته پي ٽي آءِ مخالف بيانيي اهي نتيجا نه ڏنا آهن، جيڪي ڏيڻ گهرجن ها. موجوده حالتن ۾ مفاهمت واري سياست سياسي ڌرين جي مجبوري بڻجي چڪي آهي، پر اصل مسئلو اڳتي وڌڻ جي طريقيڪار جو آهي.
ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي مزاحمتي سياست نه رڳو پاڻ پارٽي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن، پر حڪومت لاءِ به مشڪلاتون وڌايون آهن. حڪمران طبقي جو خيال آهي ته پي ٽي آءِ سان مفاهمت جا امڪان محدود آهن، جنهن سبب مسلم ليگ (ن) ۽ حڪومت جي سنجيدگي تي به سوال اٿن ٿا. پيپلز پارٽي جي سياست ۾ به قومي مسئلن ۽ حڪمت عملي جي سطح تي تضاد نظر اچي ٿو. اسٽيبلشمينٽ جي حلقن ۾ به باني پي ٽي آءِ بابت ڪا نرمي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. پي ٽي آءِ جي اصل طاقت باني پي ٽي آءِ آهن، ۽ في الحال پارٽي اندر اهڙي ڪا قوت نظر نٿي اچي، جيڪا کيس نظرانداز ڪري مفاهمت جو عمل اڳتي وڌائي سگهي. ٻي پاسي حڪمران جماعتن ۽ نظام طرفان پي ٽي آءِ ۽ خاص طور جيلن ۾ قيد پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن لاءِ به ڪا نرمي نظر نٿي اچي. نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي به ايتري اثرائتي ثابت نه ٿي سگهي، جيتري ٿيڻ گهرجي هئي، ۽ ان جي ڳالهه کي به گهڻي پذيرائي نه ملي.