هر سال اپريل جي آخري هفتي، 24 اپريل کان 30 اپريل جي وچ ۾ جڏهن سڄي دنيا ۾ World Immunization Week ملهايو ويندو آهي ته اها رڳو هڪ رسمي صحت مهم نه هوندي آهي، پر انساني تهذيب جي هڪ اهڙي انتهائي طاقتور ڪاميابي جي ياد ڏياريندڙ بڻجي ويندي آهي جنهن ڪروڙين زندگيون بچائي اهو ثابت ڪيو آهي ته علم، سائنس ۽ اجتماعي شعور گڏجي انساني تقدير بدلائي سگهن ٿا۔ ويڪسينيشن دراصل جديد طب جي اها بنياد آهي جنهن انسان کي بيماري جي خوف مان ڪڍي تحفظ ۽ اعتماد جي دنيا ۾ داخل ڪيو آهي ۽ اها حقيقت آهي ته چيچڪ (Smallpox) جهڙي خطرناڪ بيماري جو مڪمل خاتمو، پوليو جي ڪيسن ۾ عالمي سطح تي نمايان گهٽتائي ۽ خسره، ڊفٿيريا، ٽيٽنس، هيپاٽائٽس، نمونيا ۽ ٻين قابلِ بچاءَ بيمارين ۾ واضح گهٽتائي انهيءَ سائنسي انقلاب جو نتيجو آهي جنهن انسان کي اهو سيکاريو ته علاج هميشه بيماري کان پوءِ نه پر بيماري کان اڳ به ممڪن آهي۔
اهو ئي اهو تصور آهي جنهن کي Preventive Healthcare چيو وڃي ٿو ۽ اهو ئي ويڪسينيشن جي اصل روح آهي ته انساني جسم جي مدافعتي نظام کي اهڙي ريت تربيت ڏنو وڃي جو اهو بيماري جي حملي کان اڳ ئي دفاعي تياري ۾ هجي۔ جڏهن ڪنهن معاشري ۾ گهڻا ماڻهو ويڪسين لڳرائن ٿا ته هڪ اجتماعي تحفظ پيدا ٿئي ٿو جنهن کي Herd Immunity چيو وڃي ٿو ۽ اهو اُهو نُڪتو آهي جتي انفرادي صحت اجتماعي حفاظت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ اهي ماڻهو به محفوظ ٿي وڃن ٿا جيڪي ڪنهن طبي مجبوري يا ڪمزوري جي ڪري ويڪسين نٿا وٺي سگهن۔
دنيا گذريل پنجاهه سالن ۾ اهو ڏٺو آهي ته ويڪسينيشن نه رڳو ٻارن جي موت ۾ نمايان گهٽتائي آندي آهي پر صحت جي نظام تي معاشي دٻاءُ به گهٽايو آهي ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ صحتِ عامه جي اشاري کي بهتر بڻايو آهي۔ پر هن عالمي ڪاميابي جي باوجود جڏهن اسان سنڌ جهڙي خطي جو جائزو وٺون ٿا ته هڪ مختلف ۽ وڌيڪ پيچيده حقيقت سامهون اچي ٿي جتي هڪ طرف Immunization Expanded Program (EPI) تحت ٻارن کي مفت ويڪسين فراهم ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻي طرف اڄ به ارڙي، پوليو، نمونيا ۽ ٻيون قابلِ بچاءَ بيماريون مختلف علائقن ۾ موجود آهن۔ اهو تضاد اسان کي ان ڳالهه جو احساس ڏياري ٿو ته مسئلو صرف ويڪسين جي فراهمي جو ناهي پر ان جي پٺيان سماجي، ثقافتي، انتظامي ۽ معاشي عنصرن جو هڪ گهرو پسمنظر موجود آهي۔ سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن جهڙوڪ ٿرپارڪر، بدين، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ بنيادي صحت مرڪز گهڻو ڪري يا ته ناڪافي آهن يا غير فعال، ڪيترين ئي جڳهن تي تربيت يافته عملي جي کوٽ آهي يا ويڪسين جي مسلسل فراهمي متاثر رهي ٿي۔ خاص طور تي ڪولڊ چين سسٽم جي ڪمزوري هڪ وڏو مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته ويڪسين جي اثرائتي هجڻ جو دارومدار صحيح گرمي پد جي انتظام تي هوندو آهي ۽ جڏهن بجلي جي غير يقيني فراهمي يا وسيلن جي کوٽ هجي ته اهو نظام متاثر ٿئي ٿو۔
ان سان گڏ جاگرافيائي فاصلا، خراب روڊ، محدود ٽرانسپورٽ ۽ پري پري آبادين تائين رسائي جون مشڪلاتون به ويڪسينيشن مهمن کي ڪمزور ڪن ٿيون۔ انهيءَ تناظر ۾ سنڌ حڪومت جي سطح تي حفاظتي ٽيڪن جي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ صوبائي وزير صحت ۽ پاپولوليشن ويلفيئر ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ سيڪريٽري صحت سنڌ طاهر حسين سانگي حفاظتي ٽيڪن جي پروگرام لاءِ موثر حڪمت عملي جي سلسلي ۾ واضح ۽ سخت هدايتون جاري ڪيون آهن ته جيئن ويڪسينيشن مهمن کي وڌيڪ منظم، فعال ۽ نتيجا خيز بڻائي سگهجي۔ انهن قدمن جو بنيادي مقصد سنڌ جي هر ٻار تائين ويڪسين جي مئڪسيمم ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ قابلِ بچاءَ بيمارين کان موثر تحفظ فراهم ڪرڻ آهي۔ پر مسئلو صرف انتظامي ناهي بلڪه سماجي به آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ويڪسين بابت غلط فهميون، افواهه ۽ شڪ شبها موجود آهن، جتي ڪجهه ماڻهو ان کي غير ضروري طبي عمل سمجهن ٿا۔ اهي رويا گهڻو ڪري گهٽ آگاهي، محدود تعليم ۽ سائنسي ڄاڻ جي کوٽ جو نتيجو آهن۔ ان سان گڏ عورتن جي محدود سماجي حرڪت به هڪ اهم رنڊڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترين ئي مائرن کي ٻارن کي ويڪسينيشن مرڪزن تائين وٺي وڃڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ جڏهن انهن سڀني عنصرن جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته واضح ٿئي ٿو ته ويڪسينيشن جو مسئلو هڪ طبي مسئلو گهٽ ۽ هڪ سماجي نظام جو امتحان وڌيڪ آهي۔
غربت به هن سڄي نظام ۾ هڪ بنيادي رڪاوٽ طور موجود آهي، ڇاڪاڻ ته روزاني آمدني تي ڀاڙيندڙ خاندانن لاءِ هڪ ڏينهن جي اجرت وڃائي صحت مرڪز وڃڻ گهڻو ڪري ممڪن نه هوندو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته ويڪسينيشن جا فائدا فوري طور نظر نٿا اچن، تنهن ڪري ان کي اڪثر غير ضروري سمجهيو وڃي ٿو۔ وڌيڪ اهو ته اندروني لڏپلاڻ (migration) به هڪ اهم مسئلو آهي، جتي ٻوڏ، روزگار يا ٻين سماجي سببن جي ڪري خاندان هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ٿيندا رهن ٿا، جنهن ڪري ٻارن جو ويڪسينيشن رڪارڊ مڪمل نه رهي ٿو ۽ اهي نظام کان ٻاهر رهجي وڃن ٿا۔ اهڙي طرح ڪراچي جهڙي وڏي شهر جون ڪچي آباديون به هڪ وڏو چئلينج آهن، جتي آبادي جو دٻاءُ وڌيڪ، صحت جون سهولتون محدود ۽ رجسٽريشن جو نظام ڪمزور هوندو آهي، نتيجي طور هزارين ٻار مڪمل حفاظتي ٽيڪن کان محروم رهجي وڃن ٿا۔
انهن سڀني مسئلن جي باوجود دنيا جو تجربو اسان کي اهو سيکاري ٿو ته جتي سياسي عزم، ڪميونٽي جي شموليت ۽ مضبوط صحت نظام موجود هجي اتي ويڪسينيشن جي ڪوريج تقريبن مڪمل حاصل ڪري سگهجي ٿي۔ ان لاءِ سڀ کان پهرين ڪميونٽي سطح تي شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته روين جي تبديلي ئي اصل بنياد آهي۔ جيڪڏهن مقامي ٻولي يعني سنڌي ۾ آگاهي مهمون هلائجن، مذهبي اڳواڻن، استادن ۽ مقامي سماجي شخصيتن کي شامل ڪيو وڃي ته اعتماد وڌي ٿو ۽ افواهن جي طاقت گهٽجي وڃي ٿي۔ مذهبي قيادت جو ڪردار هن حوالي سان خاص طور تي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن عالمِ دين ويڪسينيشن کي انساني جان جي تحفظ جي اسلامي اصولن سان ڳنڍين ٿا ته عوامي قبوليت ۾ واڌارو ٿئي ٿو۔
اهڙي طرح حڪومت جي ذميواري آهي ته بنيادي صحت مرڪزن کي فعال بڻائي، ڪولڊ چين سسٽم کي جديد ۽ مضبوط ڪري، موبائل ويڪسينيشن يونٽن کي پري وارن علائقن تائين وڌائي ۽ ڊجيٽل رڪارڊ سسٽم ذريعي هر ٻار جي ويڪسينيشن جي نگراني کي ممڪن بڻائي ته جيئن ڪو به ٻار نظرانداز نه ٿئي۔ بين الاقوامي ادارا جهڙوڪ WHO ۽ UNICEF هن سڄي نظام ۾ فني مدد، لاجسٽڪ سپورٽ ۽ پاليسي رهنمائي فراهم ڪري اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، جڏهن ته ميڊيا هن پيغام کي عام ڪرڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٽي وي، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا ذريعي جڏهن صحيح معلومات عوام تائين پهچي ٿي ته غلط فهميون گهٽجڻ لڳن ٿيون۔ تعليمي ادارا به هن تبديلي جو حصو بڻجي سگهن ٿا، جتي اسڪولن جي ذريعي ٻارن ۽ والدين ٻنهي ۾ صحت بابت شعور پيدا ڪري سگهجي ٿو۔
اصل حقيقت اها آهي ته ويڪسينيشن صرف هڪ طبي عمل ناهي پر هڪ سماجي معاهدو آهي جيڪو اسان پنهنجي ٻارن سان ڪريون ٿا۔ اهو هڪ وعدو آهي ته اسان انهن کي بيماري، تڪليف ۽ غير ضروري موت کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين۔ اهو محبت جو اهو عملي اظهار آهي جيڪو فرد کان وڌي سڄي معاشري کي ڳنڍي ٿو۔ جيڪڏهن سنڌ ۾ سڀئي اسٽيڪ هولڊرز يعني حڪومت، ڪميونٽي، مذهبي قيادت، ميڊيا ۽ بين الاقوامي ادارا هڪ مربوط حڪمت عملي تحت ڪم ڪن ته نه صرف ويڪسينيشن جي ڪوريج ۾ نمايان واڌارو ممڪن آهي، پر اهي بيماريون جيڪي اڄ به ٻارن جي زندگين لاءِ خطرو آهن آهستي آهستي ختم ٿي سگهن ٿيون ۽ هڪ اهڙي سنڌ جو قيام ممڪن آهي جتي هر ٻار بيماري جي خوف کان آزاد ٿي هڪ محفوظ ۽ باوقار زندگي گذاري سگهي۔
اهو ئي World Immunization Week جو اصل پيغام آهي ته صحت ڪا انفرادي سهولت ناهي پر هڪ اجتماعي ذميواري آهي، ۽ ويڪسينيشن هن ذميواري کي نڀائڻ جو سڀ کان وڌيڪ موثر، سائنسي ۽ انسان دوست ذريعو آهي۔