ڪراچي(ذوالفقار راڄپر) اقتصادي ماهرن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ليکڪن سنڌ ۾ آزاد خودمختيار ترقي ۽ منصوبا بندي جوڙي زمينن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي هارين ۽ آبادگارن کي ڪٽنب جي ضرورت مطابق ورهائي پيداوار ۽ زمينن کي پاڻي پهچائڻ وارو جديد نظام لاڳو ڪري زمينن کي زرعي فارمن تحت ان ۾ ڪم ڪندڙ هارين کي ماهوار پگهارون ڏنيون وڃن، سنڌ سميت سموري ملڪ بيمار ۽ ختم ٿيل صنعتن جي جاء تي نئين صنعتن جو ڄار وڃايو وڃي، سنڌ اندر ٻاهران ايندڙ آبادي جي روڪ ٿام لاءِ صوبي جي ڊوميسائل رکندڙ شهرين کي سماجي تحفظ تحت صحت ڪارڊ ۽ پينشن ڏني وڃي، اھا ڳالھه سنڌ جي اقتصادي ترقي جي منصوبابندي طرفان ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ منعقد ٿيل هڪ مذاڪري ۾ ڳالهائيندي حصو ڪئي وئي، جنهن جو ميزبان گروپ جو سربراهه 50 کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ ۽ دانشور پروفيسر اعجاز قريشي هو، ان موقعي تي اقتصادي ماهر ۽ سنڌ حڪومت جي اڳوڻي صلاحڪار قيصر بنگالي ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ زمينداري نظام ختم ڪري ان جي جاءِ تي زرعي فارم ٺاهي پيداوار جا جديد طريقا اپنايا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ اڃان تائين مدي خارج جاگيرداري نظام ۽ پيداوار جي پراڻن طريقن تي هلي رهي آهي، هن چيو ته سنڌ جو ترقي ۽ منصوبابندي وارو کاتو 18هين ترميم کان اڳ ۽ پوءِ به پوسٽ آفيس جي ڪمن وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اقتصادي ترقيءَ لاءِ مستقل ۽ پائيدار پاليسي موجود نه آهي، سنڌ ۾ صنعت جو وجود نه آهي، ترقي ۽ منصوبا بندي گروپ جي سربراهه پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ تعليم ۽ صحت جو بنيادي ڪردار آهي ۽ سنڌ جا 82 لک ٻار پرائمري اسڪولن کان ٻاهر روڊن رستن تي زندگي گذاري رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت جو ترقي ۽ منصوبابندي وارو کاتو پنهنجو گهربل ڪردار ادا نه ٿو ڪري، گذريل 18 سالن ۾ سنڌ ۾ صنعت جو ڪوبه هڪڙو يونٽ نه لڳايو ويو آهي، بي روزگاري ۽ غربت وڌي چڪي آهي ان ڪري صوبي ۾ آزاد ۽ خودمختيار ترقي ۽ منصوبه بندي وارو ادارو جوڙڻ گهرجي ۽ سندس گروپ زميني حقيقتن کي گڏ ڪري سنڌ حڪومت کي پنهنجون تجويزون موڪليندو ، نامور وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ مسعود نوراني چيو ته اسان کي سنڌ جي معاشي، سماجي ترقيءَ جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت کي پنهنجون تجويزون پيش ڪرڻ گهرجن ۽ هڪ عوامي منصوبه بندي ڪميشن جوڙڻ گهرجي، سنڌ ويزن جي سربراهه ڊاڪٽر محبوب شيخ چيو ته سنڌ جي تعليم جي بربادي ۽ ان سڌارن جي تجويزن جو هڪ پيپر تيار ڪري سنڌ جي هڪ تعليم واري وزير کي ڏنو ويو، جيڪو کيس پسند ته آيو پر ان تي ڳالهائڻ لاءِ پنج سال وقت نه ڏنو ويو، هن چيو ته سنڌ جي وزيرن کي سنڌ جي تعليم جي بهتري ۽ عام ماڻهن جي ترقيءَ ۾ ڪابه دلچسپي نه رهي آهي، مذاڪري ۾ ڊاڪٽر رياض شيخ، سهيل سانگي ، اصغر ملڪ،جاويد مھر، قاضي آصف، يونس مهر ،اسلم بلوچ، فريد جوڻيجو، ولي محمد روشن، ،انجنيئر سڪندر علي ۽ ٻين بحث ۾ وٺندي تجويز ڏني ته سنڌ جي ترقي ۽ منصوبه بندي لاءِ جوڙيل هن پليٽ فارم تان سنڌ اقتصادي ،سماجي ترقيءَ، عورتن جي اقتصادي آزاديءَ ۽ تعليم ۽ صحت بابت انگ اکر گڏ ڪري سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيا وڃن،