دنيا کي 3 هزار ارب ڊالرن جو فائدو ڏيندڙ پاڪستان آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن لاءِ پريشان

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا) هڪ عالمي ماهرِ معيشت ٽوئيٽ ڪيو آهي ته پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ بندي ڪرائي عالمي معيشت کي ٽي هزار ارب ڊالرز جو فائدو/منافعو پهچايو آهي.اڄ ئي آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي قسط لاءِ يارهن سخت شرط موڪليا آهن، جيڪي عوام جو ئي ساهه مٺ ۾ آڻيندڙ آهن، جن ۾ بجلي، گئس ۽ تيل جون قيمتون وڌنديون. ان ئي وقت جنگ بندي جي دوران دبئي چيو آهي ته اسان جا ٻه ارب ڊالر واپس ڪريو، جنهن کي هن جنگ رڪجڻ سان سڌو سنئون فائدو ٿيو آهي. اسان ٻه ارب ڊالر ڪنهن ٻئي کان اڌار وٺي واپس ڪيا آهن، جنهن تي الڳ وياج ڏينداسين.اسان کي جنگ بندي ذريعي دنيا کي ٽي هزار ارب ڊالرز جو فائدو پهچائڻ ۽ دبئي کي قرض جي واپسي کانپوءِ آئي ايم ايف جي انهن نون شرطن جو بنڊل مليو آهي. ٻئي ڪجهه ڏينهن انتظار به نه ڪري سگهيا، نه آئي ايم ايف ۽ نه ئي دبئي جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران هاڻي "هرمز” تي في بيرل هڪ ڊالر ٽيڪس جو سوچي رهيا آهن، ته جنگ بند ڪرائڻ ۽ ان تي ٽي هزار ارب ڊالرز جي عالمي فائدي تي ڇا اسان جو حصو هڪ سيڪڙو به نٿو بڻجي، جو اسان جنگ بندي ڪرائي؟آءِ ايم ايف هينئر تائين 75 شرطون موڪلي چڪي آهي. انهن ۾ هڪ به شرط اهڙي ناهي ته وزيرن، صلاحڪارن ۽ خوشامدي دوستن جو تعداد گهٽ ڪريو، جهاز نه خريد ڪريو، لگژري گاڏيون نه وٺو، وزيرن/ميمبرن جون پگهارون رات وچ ۾ پنج سئو ڀيرا نه وڌايو، سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جيڪي سترنهن مهينا پراڻي تاريخ سان سوا ارب رپيا هٿ ڪيا آهن اهي واپس ڪرايو، هي سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن هاڻي جيڪو ست ارب رپين جو آفيس ٺاهي رهي آهي اهو نه ٺاهي، پنج سئو ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ جي نالي تي جيڪا اسيمبلي ميمبرن کي رشوت ڏني وڃي ٿي جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي جي بقول ٽيهه سيڪڙو ڪميشن آهي ان کي بند ڪريو، پنهنجا شاهي خرچ روڪيو، وزارتن ۽ وزيرن جو تعداد ڏهن تائين آڻيو.اهڙي ڪا به ڳالهه نه ملندي. شرطون آهن ته اهي هي آهن ته ايندڙ ڇهن مهينن ۾ بجلي، گئس ۽ پيٽرول جون قيمتون  وڌائڻيون آهن. آئي ايم ايف به پاڪستاني سياسي ۽ بيوروڪريٽ اشرافيه (ايليٽ) کان ڊڄي ٿي، ان جو ڏنڊو به پاڪستاني عوام تي ئي هلي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.