ڌاڙيل پيا ڳــوليــون:خيرپور ۾ پوليس جي ڊرون حملي ۾ معصوم نينگري سميت 4 ڄڻا موت جو کاڄ

سکر/خيرپور (رستم انڍڙ/سيد نعيم شاهه/مختيار ڦلپوٽو/شاهد نواز سيال) خيرپور جي شادي شهيد واري علائقي ۾ سکر پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪيل مبينا ڊرون حملي ۾ نينگري ۽ عورت سميت  4 ڄڻا مارجي ويا، جنهن بعد وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي. سکر جي ڪنڌرا، پٽڻي ۽ صالح پٽ ٿاڻن جي پوليس خيرپور جي حد ڳوٺ سعيد خان لاکو تي چنڊ رات تي 4 ڀائرن جي قتل ۾ گهربل جوابدار نادر ڌاريجو جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي. ڳوٺاڻن موجب پوليس مبينا طور ڊرون حملن جو استعمال ڪيو ۽ سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ورهين جي نينگري عليشا، صدر الدين ڌاريجو، ضامن علي ڌاريجو ۽ پيرسن عورت امير زادي مارجي ويا، جڏهن ته عبدالسميع زخمي ٿي پيو. مارجي ويلن ۾ 2 ڄڻا شاگرد ٻڌايا پيا وڃن. واقعي بعد مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي ماڻهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين جو علاج جاري آهي. لاشن جي سول اسپتال خيرپور مان ضروري ڪاروائي بعد ڌاريجا برادري جي سوين ماڻهن، جن ۾ عورتون به شامل هيون، مريم ٽوب چوڪ ۽ ايس ايس پي آفيس خيرپور آڏو لاش رکي 6 ڪلاڪن تائين سخت احتجاجي ڌرڻو هنيو. احتجاج دوران ايس ايس پي آفيس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا ۽ ڪجهه مظاهرين پاران پوليس موبائل تي پٿراءُ پڻ ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي رحيم بخش ڌاريجو، غلام شبير ڌاريجو، محمد نواز ڌاريجو ۽ علي نواز ڌاريجو ڪري رهيا هئا. مظاهرين سکر-نوابشاهه روڊ تي ٽائر ساڙي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي ۽ پوليس گردي خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس بنا ڪنهن واضح جواز جي طاقت جو استعمال ڪيو. پوليس ٻن نوجوانن ۽ هڪ نينگري  کي قتل ڪيو ۽ هڪ نوجوان کي زخمي ڪري وڏي زيادتي ڪئي آهي. هنن سپريم ڪورٽ کان واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو. مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته هنن سان وڏو ظلم ٿيو آهي ۽ کين خبر ناهي ته پوليس ڪنهن جي چوڻ تي اها ڪارروائي ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته کين انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. ٻئي پاسي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ڪنڌرا، پٽڻي ۽ صالح پٽ ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪنڌرا ٿاڻي جي ايس ايڇ او شوڪت آرائين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته پٽڻي جي ايس ايڇ او عمران ڀيو ۽ صالح پٽ جي ايس ايڇ او علاوالدين ڦلپوٽو خلاف پڻ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي سکر جو آپريشن دوران ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جو اعتراف

سکر/خيرپور: ايس ايس پي سکر اظهر مغل آپريشن دوران ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جو اعتراف ڪيو آهي. آءِ جي سنڌ پاران واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي پاران مظاهرين کي انصاف ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ لاش  تدفين لاءِ نيا ويا. سياسي ۽ سماجي ڌرين واقعي جي سخت مذمت ڪندي اعليٰ عدلاتن کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. خيرپور شهري اتحاد جي صدر ميان غلام حسين فاتح، شاهنواز ڪلهوڙو ۽ ٻين هن پوليس گردي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته ننڍن آفيسرن کي معطل ڪرڻ مان ڪم نه هلندو ۽ وڏن آفيسرن خلاف قدم کڻڻو پوندو. هنن چيو ته هن  واقعي ۾ پوليس جي وڏي بدنامي ٿي آهي ۽ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ نوٽس وٺي جيئن اهڙا واقعا ٻيهر پيش نه اچن. وائيس آف خيرپور پاران پڻ واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

خيرپور پوليس جو آپريشن سان ڪو واسطو ناهي: ايس ايس پي امير سعود مگسي

سکر/خيرپور: ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته ڪارروائي سکر پوليس ڪئي، جنهن کي ڪنڌرا ۾ عيدالفطر جي رات ٿيل چئن ماڻهن جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي موجودگي جو اطلاع مليو هو. سندس چوڻ موجب خيرپور پوليس جو ان آپريشن سان ڪوبه واسطو ناهي. ڪارروائي ۾ شامل ٽن ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز معطل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته معطل ايس ايڇ او ڪنڌرا خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ڪئي وڃي. ٻئي پاسي اطلاعن موجب، ڪنڌرا پوليس، پٽڻي ٿاڻي جي پوليس ۽ صالح پٽ  شاهه لطيف ٿاڻو خيرپور ميرس جي ايس ايڇ او جي ساٿ سان خيرپور ميرس جي پوليس جي حد ڳوٺ سعيد خان لاکو تي چڙهائي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.