ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار جي وڪيل جبران ناصر چيو ته اسان مقتول جي پٽ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو آهي جنهن ڪري نقيب الله جي پٽ کي هتي نه ٿو آڻي سگهجي، اهڙا ڪيس به آهن جن ۾ پٽ جي بدران ڀاءُ حلف ناما جمع ڪرايا آهن، وڪيل عامي منصوب قريشي چيو ته مقتول يا سندس قانوني وارث اپيل داخل ڪري سگهن ٿا، اپيل ۾ ٻين کي به ڌر بڻايو ويو پر نوٽيس صرف اسان کي جاري ڪيو ويو، عدالت ٻڌڻي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست گذار جو چوڻ آهي ته دهشت گردي جي خاتمي واري عدالت اهم ثبوتن کي نظرانداز ڪندي رائو انوار ۽ ٻين جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو، دهشت گردي جي خاتمي واري عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، عدالت 2023 ۾ رائو انوار سميت 18 جوابدارن کي ثبوتن جي کوٽ سبب آزاد ڪيو هو.