”ڀوت بنگلا“ جي ڪاميابي کانپوءِ کهلاڙي ڪمار جو ”منجوليڪا“ سان گڏ نئين پروجيڪٽ جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ کهلاڙي اڪشي ڪمار ” ڀوت بنگلا “ جي ڪاميابي کانپوءِ هڪ نئين پروجيڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اداڪار سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي پنهنجي ايندڙ فلم بابت مداحن کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته هو نئين پروجيڪٽ لاءِ ڪيرالا روانو ٿي ويو آهي ۽ هو مشهور فلم ساز انيس بزمي سان اٽڪل 15 سالن کانپوءِ ٻيهر گڏ ڪم ڪري رهيو آهي.
اداڪار سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي ۽ چيو ته هو پنهنجي ساٿي اداڪارا وديا بالن سان گڏ هن خوبصورت رياست ۾ آئوٽ ڊور شوٽنگ لاءِ تيار آهي.
اڪشي ڪمار پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته” اداڪارا وديا بالن سان گڏ چوٿين فلم آهي ۽ مونکي اميد آهي ته اسان جي جوڙي جو لڪي چارم برقرار رهندو.“
هي فلم اڪشي ڪمار ۽ انيس بزمي جي 2011 ۾ آيل فلم ”ٿينڪ يو“ کانپوءِ پهريون گڏيل پروجيڪٽ آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هي فلم تيلگو هٽ فلم ”سانڪرانتيڪي واستونم“ جي ڪهاڻي تان کنيل آهي، جيڪا هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي جيڪو پنهنجي زال ۽ اڳوڻي گرل فرينڊ جي وچ ۾ ڦاٿل هوندو آهي.
انيس بزمي هن ڪهاڻي کي هندي سئنيما جي مزاج موجب نئين سر ترتيب ڏئي رهيو آهي. فلم جي ڪاسٽ ۾ راشي کنا، وجئه راز ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.