بنگلاديش ٽِين ۽ آخري ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ کي 55 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

چٽاگرام(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ٽِين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 55 رنسن تان شڪست ڏئي ميچ ۽ سيريز کٽي ورتي آهي. بنگلاديش جي 256 رنسن جي جواب ۾ ڪيويز ٽيم 210 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
چٽاگرام ۾ کيڏيل آخري ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو.
بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي نجم الحسين شانتو جي 105 ۽ لٽن داس جي 75 رنسن جي مدد سان 50 اوورن ۾8 وڪيٽن جي نقصان تي 265 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جا 32 رنسن تي 3 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا، پر چوٿين وڪيٽ تي شانتو ۽ لٽن 160 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪري نه رڳو ٽيم کي مشڪل مان ڪڍيو پر ساڳي وقت ميچ به نيوزيلينڊ جي پهچ کان پري ڪري ويا.
نيوزيلينڊ جي طرفان ول اورورڪ ڪامياب بالر رهيو جنهن 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته بين لسٽر ۽ جيڊن ليناڪس جي حصي ۾ ٻه ٻه وڪيٽون آيون.
266 رنسن جي هدف جي جواب ۾ نيوزيلينڊ جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون.
بنگالي بالرن نيوزيلينڊ جي بيٽنگ دوران ڪنهن به موقعي تي بيٽرن کي کلي کيڏڻ نه ڏنو، آخر ۾ ڊين فاڪس ڪرافٽ تيز کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊين فاڪس ڪرافٽ 75 ۽ نڪ ڪيلي 59 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
بنگلاديش جي مستفيض الرحمان 5 وڪيٽون ورتيون، ناهيد رانا ۽ مهدي حسن ميراز 2-2 شڪار ڪيا.
نجم الحسين شانتو کي سينچري هڻڻ تي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ناهيد رانا کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو .
نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 27 اپريل کان شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.