سائين جي ايم سيد اعلي آدرشن ۽ اصولن جو پاسدار، عملي ميدان ۾ سدائين اڳتي، قول ۽ فعل جي تضاد کان آجو، سچو ۽ صالح سياستدان ھئڻ سان گڏ نامور اديب ۽ عالم هيو جنهن لڳ ڀڳ 60 ڪتاب لکي هڪ منفرد تاريخ رقم ڪئي. ھن جيڪو ادب سرجيو ۽ تخليق ڪيو سو حب الوطني جي جذبي سان سرشار آهي، تنھن ۾ پنهنجي تاريخي وطن سان وفاداري جو وچن ۽ درس آهي، ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيندڙ بيواجبين، ناانصافين ۽ ناحق خلاف نوحو آهي، سنڌي قوم سان مسلسل ٿيندڙ ويساگهاتين خلاف واويلا آهي، پنھنجي مارو ماڻهن جي اھنجن، عذابن ۽ دردن جي دانهن آهي. سائين جي ايم سيد پنھنجي قلم جي قوت کي سانگيئڙن جي قومي حقن جي حاصلات لاءِ، قوم جي ڀلائي، روشن آئيندي ۽ مستقبل لاءِ جدوجهد ڪندي وقف ڪري ڇڏيو. سائين جي ايم سيد چيو ته زنده رهڻ جي تمنا ان ڪري ناهي ته ذاتي عيش گهرجي، پر ان عظيم ڏينهن جو ديوانو آهيان جڏهن سموري وحشت دفن ٿيندي ۽ دنيا جي هر قوم جبر جي زنجير کان آزاد ٿيندي.
سائين جي ايم سيد پنهنجي تاريخي وطن جي خوشحاليءَ جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ صبر، سچائيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان طرح طرح جون تڪليفون، اذيتون، صعوبتون، عقوبتون ۽ ڀوڳنائون برداشت ڪيون پر ڪنهن جابر جي ھٿ بيعت ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. سيد چيو ته عشق مون ۾ آزاديءَ لاءِ تڙپ پيدا ڪئي، عشق مون کي بت شڪني جا ڪم ڪرايا. سيد کي سنڌ سان ازل کان عشق ھو ۽ عاشق پنهنجي منزل ۽ مقصد ماڻڻ لاءِ ڪنهن کان به خوفزده نه ٿيندا آهن. سائينءَ چيو ته عشق جڏھن بغاوت ۽ جنون تي لھي ايندو آهي تڏهن عاشق انجام جي پرواھ ناهن ڪندا. اھو عشق ئي ھو سيد کي لطيف کي سمجهڻ جي سگھ ۽ صلاحيت عطا ڪئي. سائين جي ايم سيد فرمايو ته عشق مون کي ساھ لطيف جي ڪلام جي معني ۽ مفهوم جي ساڃاھ ڏني. سائين جي ايم سيد وڌيڪ چيو ته عشق بي ڪيف زندگيءَ ۾ سرور پيدا ڪرڻ جو وسيلو آهي. عشق بذات خود ھڪ ڪيفيت آهي جنهن جي موجودگي ٽامي کي سون بڻائي ٿي، خاڪ کي ڪيميا جو درجو ڏئي ٿي.
سائين جي ايم سيد چيو ته سنڌ کي اوهان جي ھمدردي جي نه پر عشق جي ضرورت آهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب پيغام لطيف ۾ ڀٽائي کي انقلابي شاعر قرار ڏنو جنهن پنهنجي شاعري ذريعي ھر استحصالي ۽ پرماري قوتن کي للڪارن جو درس ڏنو آهي، ھر جبر ۽ ڏاڍ جي ايوانن ۾ زلزلو آڻڻ لاءِ اتساھيو آهي. سائين جي ايم سيد لکيو آهي ته اسان پنهنجي عظيم ڪردارن کي درويشن جا لقب ڏيئي مقبرا ٺاهي انهن جا مريد ٿي ويھي رھياسين، پر دنيا جون جيڪي عظيم قومون ھونديون آهن اُهي پنهنجي عظيم ڪردارن جي ڪيل جدوجهد کي ھٿيار بڻائي تبديليءَ ڏانهن سفر ڪنديون آهن. سائين جي ايم سيد هڪ ٻي ھنڌ فرمايو آهي ته اونداھي رات جو رخ موڙي انقلاب جو صبح اڀارڻ قوم جي باشعور فردن مٿان تاريخ جي ذميواري ھوندي آھي.سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب موجوده سياسي مسئلا ڪتاب جي صفحي 88 تي لکيو آھي ته جيڪڏهن سنڌين جي ڀلي ۽ بھتري جو خيال رکڻو آهي ته انهن کي ڪھڙي به قيمت تي ڌاريءَ دست اندازيءَ کان آزاد ڪرائڻو آهي سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب موجوده سياسي مسئلا جي صفحي 125 تي لکي ٿو ته خطرو ۽ امن، ڏک ۽ سک، انساني زندگيءَ سان هميشه وابسته رهن ٿا. هر خطري جي پٺيان امن آهي ۽ ڪوبه امن خطري کان خالي نه آهي. اهڙيءَ طرح سان سُکَ ڏُکَ به هميشه ڦرندا گهرندا رهن ٿا. دائميت ڪنهن کي به نه آهي…!
سيد هڪ ٻي ھنڌ فرمايو ته شخصي ۽ انفرادي عزت، حق ۽ جائيداد وغيره لاءِ لڙڻ کان، قومي عزت، قومي حق ۽ قومي جائيداد جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪرڻ ھزار دفعا بھتر ۽ ضروري آهي. تاريخ شاهد آهي ته اھي ئي قومون عروج تي پھتيون، جن ۾ اھڙا ماڻھو پيدا ٿيا جن قوم جي نفعي لاءِ خون ھاريا،راتيون جاڳي ڏينهن ڪيا، پيٽ سان پٿر ٻڌي وقت گذاريو. هر مشڪلات کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رھيا ۽ مستقبل لاءِ جان کي قربان ڪيو. دنيا ۾ ڪيئي قومون عاد، ثمود وغيره آيون،صالح نه هئڻ ڪري صفه هستي تان مٽجي ويون. قدرت ڪنهن جي به طرفدار نه آھي، اوھان جي باصلاحيت پيدا ڪندا ته اوهان کي نئين مقابلي ۾ ڪو به بچائي نه سگهندو. ذھني صلاحيت ۽ اخلاقي درستي زندگيءَ جي مقابلي ۾ ڪارآمد شيون آھن! سائين جي ايم سيد عدم تشدد ۽ اھنسا واري اصول تي ڪاربند هو ۽ فرمايائين ته تشدد عقل جو دشمن آهي، عقل جي عدم موجودگيءَ ۾ اتحاد، امن ۽ ترقي حاصل ٿي نه سگهندا آهن.
سائين جي ايم سيد فرمايو ته پئسو اھڙو رنگين بسترو آهي جنهن تي غيرتون، نظريا ۽ آدرش ڪپڙا لاهي سمھي رھندا آھن. آئون اھڙي فتح جو منتظر آھيان جيڪا صدين جي شڪستن جا داغ ڌوئي ڇڏيندي. رسول بخش پليجو سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪندي چوي ٿو ته ذاتي طرح جي ايم سيد ھڪ بيحد سادو، بيحد پيارو، بيحد نھٺو ۽ نماڻو ۽ سٻاجهو انسان آهي، ھو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، کلمک، رلڻو ملڻو، ننڍي ۽ وڏي سان پيار ۽ قرب سان ملندڙ ۽ بيحد مھمان نواز آهي. مطلب ته ھو سونھن آنا سنڌي آهي. ڪنهن کي اعتبار ئي نه ايندو ته ھيءُ ئي اھو ماڻهو آهي، جنهن ھن صديءَ جي سنڌ بلڪ پاڪستان جي سياست تي ھيڏو زبردست اثر وڌو آهي پر تاريخ اھو ئي فيصلو ڏيندي، ته جي ايم سيد ويھينءَ صديءَ جي سنڌ جو ضمير، ان جي دليرانه روايتن جو علمبردار، ان جي روشن مستقبل جو ضامن ۽ ان جي ھمت جو سدائين اوچو جهنڊو ھو. جي ايم سيد جھڙن دلبر ۽ بيباڪ ھستين جو سنڌ، بلڪ پاڪستان جي اندر وجود ھن ڳالھ جو دليل آهي ته اسان جي وطن جي عوام جو ضمير ڪڏهن به مري نه ٿو سگهي.