بلاول ڀٽو زرداري جي اسلام آباد ۾ ڏنل حڪومتي ڪارڪردگي جي بريفنگ يا صوبن جو مقدمو وڙهڻ آهي

رپورٽن موجب ڪالهه پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ايوان صدر اسلام آباد ۾  سال 2008 کان 2025 تائين واري  پ پ جي سنڌ صوبي جي حوالي سان پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي بابت ”سنڌ جي تبديلي جي ڪهاڻي“ جي عنوان سان تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾  هن اهو تاثر ڏنو ته صوبن ۾ سڀ کان سٺي ڪارڪردگي پ پ جي حڪومتي دور جي آهي. پهرين ڳالهه ته بلاول ڀٽو زرداري يا ڪنهن به پارٽي يا حڪومتي سربراهه جو اهو حق آهي ته اهو پنهنجي ڪارڪردگي عوام ۽ ميڊيا آڏو پيش ڪري. ان بريفنگ ۾ مختلف ملڪن جا سفير  ۽ سفارتي عملو، ڪاروباري شخصيتن، ميڊيا اينڪرز ۽ صحافين  شرڪت ڪئي.

اسان جو خيال آهي ته پ پ جي صوبائي حڪومت 2008 کان  2025 تائين جيڪا به ڪارڪردگي پيش ڪئي آهي تنهن ۾ بي شڪ وڏين عالمي تنظيمن سان وڏن پراجيڪٽن تي ڪم ڪيو آهي جنهن ۾ صحت، تعليم، زراعت، سنڌو درياهه مٿان پلن، پوليو جي بيماري جي روڪٿام، جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ،  ٿر ۾ ڪوئلي تي ڪم، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ٻوڏن کان پوءِ ڪريل گهرن کي ٻيهر اڏڻ جا منصوبا وغيره شامل آهن.

ان بريفنگ جي حوالي سان بحث ان تي ٿي رهيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي ايوان صدر ۾ اها بريفنگ ڏيڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي يا چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته سنڌ جو اهو مقدمو پيش ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس  ڪئي وئي؟ ان حوالي سان هڪ تاثر اهو به آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ چاهي ٿو ته پ پ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ روينيو ڏيڻ جي باوجود ڪجهه قوتون ڪم نه ڪرڻ جا الزام لڳائي سنڌ جا وسيلا کسڻ چاهين ٿيون. اهڙو اظهار هن ٽيون ڏينهن ٿر ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ سائنس اينڊ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي نئين ڪئمپس جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي پڻ ڪيو هو. ان موقعي تي هن چيو هو ته ٿر ۾ ايترو ڪوئلو آهي جيترو سعودي عرب وٽ ٿيل آهي پر بدقسمتي سان اسان کي پنهنجا وسيلا استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهي. ڪجهه عنصر سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ چاهين ٿا. جڏهن ته ٿر جا معدني وسيلا عوام جو اثاثو آهن هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿر پارڪر جي ترقي لاءِ ڪوشان آهي ۽ اسان جو خيال آهي ته ٿر پاڪستان کي بدلائي رهيو آهي. جڏهن ته اڳ اهو تاثر هوندو هو ته  اسلام آباد پاڪستان کي پيو هلائي پر ٿر اهو تاثر ختم ڪري ڇڏيو آهي.

ان لحاظ کان ڪجهه تجزئي نگار چون ٿا ته بلاول ڀٽو زرداري ڪافي وقت کان سنڌ جو مالي ڪيس وڙهي رهيو آهي ۽ اها شڪايت ڪري رهيو آهي ته ڪجهه طاقتون 18 هين  ترميم  واپس ڪري صوبن جا اختيار ۽ مالي وسيلا گهٽائڻ چاهين ٿيون. جڏهن ته سندس خيال اهو رهيو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن جي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي ۽ ان روشني ۾ بجاءِ ان جي ته صوبن جا اختيار وڌايا وڃن الٽو مليل اختيار به کسڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جي ڪالهه اسلام آباد ۾ ڏنل بريفنگ بابت به اهو تاثر آهي ته هو اصل ۾ ان بريفنگ ذريعي حڪومتي ڪارڪردگي ٻڌائڻ سان گڏ صوبن جو مقدمو پڻ وڙهي رهيو آهي ۽ سندس زور ان ڳالهه تي آهي ته صوبن کان اختيار نه کسيا وڃن. ان حوالي سان بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ صوبي جي جيڪا ڪارڪردگي پيش ڪئي آهي تنهن جو مقصد اهو به آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته ڪي صوبا ڪم نٿا ڪن ۽ صرف ڪرپشن ٿي رهي آهي جنهن ڪري صوبن کان اختيار کسي  واپس  مرڪز يعني وفاق کي ڏنا وڃن.

اسان به ان معاملي ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي موقف سان متفق آهيون ته صوبن کي خودمختيار بڻايو وڃي. صوبن جي خودمختياري ۽ اختيارن سان ئي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر رهندي ۽ بهتر نظر ايندي. ان حوالي سان بلاول ڀٽو زرداريءَ صوبن جو جيڪو ڪيس وڙهي رهيو آهي تنهن جي اسان به آجيان ڪندا رهيا آهيون گڏوگڏ پ پ جي حڪومت کي اسان به تجويز ڏيندا رهيا آهيون ته جيئن اها صوبن جي اختيارن جو ڪيس وڙهندي رهي آهي تيئن ئي اها صوبن جا اختيار وري هيٺ ضلعي سطح تي منتقل ڪري ته ممڪن آهي ته  صوبن کان اختيار کسڻ واري سازش کي ناڪام بڻائي سگهجي. سو صوبن جي مفاد ۾ اهو ئي آهي ته اهي وفاق کان ڀلي پنهنجا صوبائي اختيار وٺڻ وارو ڪيس وڙهي پر گڏوگڏ اهي اختيار وري ضلعي انتظاميا ڏانهن منتقل ڪرڻ جي پڻ اڳڀرائي ڪري. اسان جو خيال اهو آهي ته ان سان جيئن صوبن جي ڪارڪردگي بهتر ٿي رهي اهي تيئن ئي ضلعي انتظاميا کان به جڏهن پڇيو ويندو آهي ته هيٺين سطح تي ڪو ڪم نٿو ٿئي ته اهو جواب ملندو آهي ته اسان کي مٿان کان فنڊ نٿو ملي. سو ايئن چئي سگهجي ٿو ته بلاول ڀٽو زرداري جيئن صوبن جي بااختياري ۽ خاص ڪري مالي وسيلن جو ڪيس وڙهي رهيو آهي تيئن ڪي ڌريون وري اهو ڪيس وڙهي رهيون آهن ته صوبا پنهنجا اختيار ۽ مالي وسيلا هيٺين سطح تي به منتقل ڪن ته جيئن ضلعن کي به پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو ملي.

جيستائين صوبن جي بااختياري ۽ مالي وسيلن جي مقدمي جو معاملو آهي ته ان ڏس ۾ پ پ ۽ مسلم  ليگ (ن) کي پاڻ ۾ ڳالهائڻ گهرجي. جيتوڻيڪ مسلم ليگ (ن) هميشه کان مرڪزيت جي قائل رهي آهي پر جڏهن ان 18 هين ترميم ۾ پ پ جو ساٿ ڏنو هو ته ان حساب سان هاڻي ان کي به صوبن جو ئي ڪيس وڙهڻ گهرجي پر اها به حقيقت آهي ته پ پ ۽ مسلم ليگ ۾ ان قسم جي پاليسيءَ تي نظرياتي فرق آهي پر آئين ۽ قانون جي روشني ۾ ڏسجي ته ملڪ جي مفاد ۾ صوبائي خودمختياري آهي سو جيڪو موقف يا نظريو ملڪ جي مفاد ۾ ۽ آئين جي روح تحت هجي وس هر جماعت کي قبولڻ گهرجي ڇاڪاڻ  ته هر جماعت جي ماڻهوءَ آئين ۽ قانون جي پاسداري جو هميشه حلف کنيو آهي ۽ ان حلف جي تقاضا اها ئي آهي ته آئين، قانون ۽ جمهوريت جي روح پٽاندڙ ملڪ کي هلائجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.