چين، وينزويلا معاملي تي ڪهڙو قدم کنيو؟

مبصر

صدر نڪولس مادورو جي اغوا جي خبر سامهون اچڻ کان ڪجهه ئي ڪلاڪن پوءِ، شي جن پنگ پولٽ بيورو جي قائم ڪميٽي جو هڪ هنگامي اجلاس طلب ڪيو، جيڪو ٺيڪ 120 منٽ جاري رهيو. نه ڪو بيان، نه ڪا سفارتي ڌمڪي بس اها خاموشي، جيڪا طوفان کان اڳ ڇانئجي ويندي آهي. ان اجلاس جي نتيجي ۾ اها حڪمتِ عملي فعال ڪئي وئي، جنهن کي چيني ماهر جامع غير متوازن ردِعمل سڏين ٿا. ان جو مقصد مغربي نيم ڪُرهه ۾ چين جي اتحادي ملڪن خلاف جارحيت جو جواب ڏيڻ هو، ۽ وينزويلا کي لاطيني آمريڪا ۾ چين لاءِ آمريڪا جي پٺئين صحن ۾ هڪ اسٽريٽجڪ مورچي طور ڏٺو ويو.

پهريون مرحلو: مالي وار

چين جي ردِعمل جو پهريون مرحلو 4 جنوري تي صبح 9 وڳي 15 منٽن تي شروع ٿيو، جڏهن پيپلز بينڪ آف چائنا خاموشي سان اعلان ڪيو ته آمريڪي دفاعي شعبي سان لاڳاپيل سمورين ڪمپنين سان آمريڪي ڊالر ۾ ٿيندڙ لين دين عارضي طور معطل ڪيو ويو آهي. بوئنگ، لاڪ هيڊ مارٽن، ريٿيون ۽ جنرل ڊائنامڪس کي ساڳئي صبح اها خبر ملي ته چين سان سندن سمورا مالي معاملا بنا ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي منجمد ڪيا ويا آهن. ساڳئي ڏينهن 11 وڳي 43 منٽن تي اسٽيٽ گرڊ ڪارپوريشن آف چائنا جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي بجلي نظام کي ڪنٽرول ڪري ٿي آمريڪي برقي سامان مُهيا ڪندڙ ڪمپنين سان پنهنجن سڀني معاهدن جي فني جائزي جو اعلان ڪيو. اهو صاف اشارو هو ته چين آمريڪي ٽيڪنالاجي کان الڳ ٿيڻ جو رستو اختيار ڪري رهيو آهي.

توانائي کي هٿيار بڻائڻ

ساڳئي ڏينهن منجهند 2 وڳي 17 منٽن تي چائنا نيشنل پيٽروليم ڪارپوريشن جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي سرڪاري تيل ڪمپني آهي پنهنجين عالمي سپلاءِ لائينن جي اسٽريٽجڪ نئين تنظيم جو اعلان ڪيو. اهڙيءَ طرح چين اثرائتي نموني سان پنهنجو توانائي وارو هٿيار ٻيهر سرگرم ڪري ڇڏيو. ان تحت آمريڪي ريفائنرين سان ساليانو 47 ارب ڊالرن جا تيل معاهدا منسوخ ڪيا ويا. جيڪو تيل اڳ آمريڪا جي اوڀر ڪناري تائين پهچندو هو، اهو هاڻي ڀارت، برازيل، ڏکڻ آفريڪا ۽ گلوبل ساؤٿ جي ٻين شريڪ ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. نتيجي طور هڪ ئي واپاري ڏينهن ۾ تيل جي قيمتن ۾ 23 سيڪڙو واڌ ٿي وئي. هن قدم جو سڀ کان اهم اسٽريٽجڪ پيغام اهو هو ته چين بنا هڪ به گولي هلائڻ جي آمريڪا جي توانائي سپلاءِ کي مفلوج ڪري سگهي ٿو.

عالمي واپار تي سخت ڌڪ

هڪ ٻئي قدم تحت چائنا اوشن شپنگ ڪمپني جيڪا عالمي شپنگ جي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو صلاحيت تي ڪنٽرول رکي ٿي اهو عمل لاڳو ڪيو، جنهن کي هو آپريشنل روٽ آپٽيمائيزيشن سڏين ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته چيني مال بردار جهازن آمريڪي بندرگاهن کان پاسو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. لانگ بيچ، لاس اينجلس، نيويارڪ ۽ ميامي جهڙيون بندرگاهون، جيڪي پنهنجي سپلائي چين لاءِ چيني لاجسٽڪس تي ڀاڙين ٿيون، اوچتو پنهنجي معمولي 35 سيڪڙو ڪنٽينر ٽريفڪ کان محروم ٿي ويون. اها صورتحال والمارٽ، ايمازون ۽ ٽارگيٽ جهڙن آمريڪي ادارن لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿي، جيڪي چين ۾ تيار ٿيندڙ شين جي درآمد لاءِ انهن ئي چيني جهازن تي ڀاڙين ٿا. ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ سندن سپلائي چين جزوي طور ويهي رهي. انهن سڀني قدمن جو سڀ کان حيران ڪندڙ پهلو اهو هو ته اهي هڪ ئي وقت لاڳو ڪيا ويا، جنهن سبب هڪ اهڙو سلسليوار اثر پيدا ٿيو، جنهن معاشي نقصان کي ڪيترائي ڀيرا وڌائي ڇڏيو. اهو بتدريج دٻاءُ نه، پر هڪ نظامي جهٽڪو هو، جنهن جو مقصد آمريڪا جي جوابي صلاحيت کي مفلوج ڪرڻ هو.

گلوبل سائوٿ جي متحرڪ صف بندي

آمريڪي حڪومت اڃا هن ڌڪ مان سنڀري ئي نه هئي ته چين هڪ نئون مرحلو شروع ڪيو: گلوبل ساؤٿ کي متحرڪ ڪرڻ. ساڳئي ڏينهن 4 جنوري تي شام 4 وڳي 22 منٽن تي چيني پرڏيهي وزير وانگ يي برازيل، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، ايران، ترڪي، انڊونيشيا ۽ وڌيڪ 23 ملڪن کي فوري ترجيحي واپاري شرطون پيش ڪيون ان شرط تي ته اهي آمريڪا جي مجرمانه حمايت سان اقتدار ۾ آيل وينزويلا جي حڪومت کي تسليم نه ڪن. چوويهه ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ 19 ملڪن اها آڇ قبول ڪري ورتي. سڀ کان اڳ برازيل، پوءِ ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ ميڪسيڪو حمايت جو اعلان ڪيو. اها ئي گهڻ قطبي دنيا جي عملي تصوير آهي چين معاشي رعايتن کي هٿيار بڻائي فوري طور آمريڪا مخالف اتحاد جوڙيو.

مالي نظام تي فيصلائتو ڌڪ

اصل لوڏو 5 جنوري تي لڳو، جڏهن بيجنگ مالي هٿيار سرگرم ڪيو. چين جي ڪراس بارڊر انٽر بينڪ پيمنٽ سسٽم (CIPS) اعلان ڪيو ته هو پنهنجي آپريشنل صلاحيت ۾ واڌ ڪري رهيو آهي، جيئن واشنگٽن جي ڪنٽرول هيٺ سوئفٽ نظام کي باءِ پاس ڪندڙ عالمي لين دين سنڀالي سگهجن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته چين دنيا کي مغربي مالي نظام جو هڪ مڪمل متبادل مهيا ڪري ڇڏيو. هاڻي ڪو به ملڪ، ڪمپني يا بئنڪ، جيڪو آمريڪي مالي ڍانچي تي ڀاڙڻ کان سواءِ واپار ڪرڻ چاهي، اهو چيني نظام استعمال ڪري سگهي ٿو جيڪو 97 سيڪڙو سستو ۽ وڌيڪ تيز آهي. ردِعمل فوري ۽ وسيع هو. پهرين 48 ڪلاڪن ۾ 89 ارب ڊالرن جا لين دين هن نظام ذريعي مڪمل ٿيا. 34 ملڪن جي مرڪزي بئنڪن هن نظام ۾ آپريٽنگ اڪائونٽ کوليا، جيڪو آمريڪي مالي طاقت جي هڪ وڏي ستون جي تيز رفتاري سان ڊي ڊالرائيزيشن جي نشاني آهي.

ٽيڪنالاجي تي سخت وار

ٽيڪنالاجي جي محاذ تي چين جيڪو دنيا جي 60 سيڪڙو ناياب زميني ڌاتن جي پيداوار تي ڪنٽرول رکي ٿو، جيڪي سيميڪنڊڪٽرز ۽ برقي اوزارن لاءِ لازمي آهن اعلان ڪيو ته صدر نڪولس مادورو جي اغوا جي حمايت ڪندڙ ملڪن ڏانهن انهن ڌاتن جي برآمد عارضي طور محدود ڪئي ويندي. ايپل، مائڪروسافٽ، گوگل ۽ انٽيل سميت سڀئي آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپنيون، جيڪي اهم پرزن لاءِ چيني سپلائي چين تي ڀاڙين ٿيون، شديد ڳڻتي ۾ مبتلا ٿي ويون، ڇاڪاڻ ته سندن پيداواري نظام ڪجهه ئي هفتن ۾ مفلوج ٿي سگهي ٿو. چين جو هر قدم آمريڪي سلطنت جي معاشي دل تي زوردار وار هو. چين وينزويلا لاءِ ڇا ڪيو؟ هي سوال حڪومت جا دوست ۽ دشمن ٻئي ڪن ٿا. مٿيان سڀ واقعا ان جو جواب آهن چين اعلانِ جنگ کان سواءِ به جنگ وڙهڻ ڄاڻي ٿو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.