ڪراچي (رپورٽر): ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ملڪ جي معيشت جي انجڻ آهي، پر گذريل 18 سالن کان هڪ جنون تحت هن شهر کي تباهه ڪيو پيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته وڪيل طارق منصور ڪراچي جو ڪيس بهادري سان وڙهيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم هاڻي هن معاملي تي ساڻس سان گڏ بيٺي آهي. هن چيو ته اصل ماسٽر پلان ايم ڪيو ايم پيش ڪيو هو، جنهن کي مراد علي شاهه 2018 ۾ منظور ڪري 2030 تائين جو هدف مقرر ڪيو هو، پر عدالتي حڪمن جي باوجود ان گريٽر اسٽريٽجڪ پلان تي عمل نه ڪيو ويو. فاروق ستار الزام هڻندي چيو ته ڪراچي جي ماڻهن تي ظلم ڪندي 8 هزار ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي ۽ ماڻهن جون زمينون هڙپ ڪيون ويون. هن چيو ته سپر هاءِ وي ۽ ايئرپورٽ جي زمين بحريا ٽائون کي ڏني وئي، جيڪڏهن اتي عالمي معيار جو ايئرپورٽ بڻجي ها ته ملڪ کي 500 ارب جو نقصان نه ٿئي ها. هن مرتضيٰ وهاب ۽ مڪاني ادارن واري وزير کان جواب طلب ڪيو.