اسلام آباد(شڪيل ملڪ)سوشل ميڊيا جي اچڻ کانپوءِ روايتي ميڊيا جي اهميت گهٽجي وئي آهي ۽ اڄڪلهه خبرون وائرل ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال وڌيڪ ڪيو وڃي ٿو. ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ دوران پاڪستان جيڪو ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو، ان تي سڄي دنيا جي ميڊيا جي نظر هئي. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن اسلام آباد ۾ اهم ترين عالمي مهمان اچي رهيا هئا، تڏهن صدر مملڪت آصف علي زرداري اوچتو اسلام آباد ڇڏي ڪراچي هليو ويو.هن جنگ دوران وچ اوڀر ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان گڏيل عرب امارات جو ٿيو آهي. سوشل ميڊيا تي اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته يو اي اي جو شاهي خاندان، جنهن سان زرداري خاندان جا پراڻا واسطا آهن، پاڪستان جي ڪردار تي ناراض آهي. يو اي اي چاهي پيو ته آمريڪا ايران خلاف سخت ڪارروائي ڪري، پر پاڪستان جنگ کي روڪڻ ۽ سفارتڪاري ذريعي معاملا حل ڪرڻ تي زور ڏنو. چيو وڃي ٿو ته ان ڪري ئي يو اي اي پاڪستان کان پنهنجو قرض واپس گهرڻ شروع ڪيو آهي. ڪجهه حلقا اهو به چون ٿا ته زرداري شايد حڪومت جي ڪجهه فيصلن تي ناراض هو ، پر پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته صدر زرداري مڪمل طور تي آن بورڊ آهي.ڪجهه عرصو اڳ سينيئر صحافي اعزاز سيد دعويٰ ڪئي هئي ته هن ڪجهه اهڙيون فائلون ڏٺيون آهن جن موجب آصف علي زرداري کي عهدي تان هٽائي فيلڊ مارشل آصف منير کي صدر بڻائڻ جو پلان آهي. ان سان گڏ ملڪ ۾ پارلياماني نظام ختم ڪري صدارتي نظام لڳائڻ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا آئين ۾ ترميم کانسواءِ اهو ممڪن آهي؟ نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي جهڙيون سياسي جماعتون ڪڏهن به صدارتي نظام جي حمايت نه ڪنديون، تنهنڪري اهي ڳالهيون صرف سوشل ميڊيا جي حد تائين پچيده لڳن ٿيون.هڪ اهم خبر اها آهي ته صدر آصف علي زرداري ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ چين جو هڪ انتهائي اهم دورو ڪرڻ وارو آهي. هن دوري کي اڃا تائين ڳجهو رکيو ويو آهي. جيڪڏهن اسلام آباد ٽاڪس جو ٻيو رائونڊ شروع ٿئي ٿو ۽ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاڪستان اچي ٿو، ته پوءِ هي دورو اڳتي وڌائي سگهجي ٿو، ڇو ته سفارتي پروٽوڪول موجب صدر جو ملڪ ۾ هجڻ ضروري آهي.پاڪستان مخالف قوتون ۽ ڪجهه سياسي حلقا دعويٰ ڪري رهيا هئا ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري ويندو، حڪومت هلي نه سگهندي، يا اوورسيز پاڪستاني پئسا موڪلڻ بند ڪري ڇڏيندا. پر انهن سڀني دعوائن جي ابتڙ، پاڪستان نه صرف ڊيفالٽ کان بچيو پر 47 سالن کانپوءِ ايران ۽ آمريڪا کي هڪ ميز تي ويهاري عالمي سطح تي تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي. هي سسٽم جنهن کي ڪجهه ماڻهو "هائبرڊ پلس” چون ٿا، هينئر تائين ڪاميابي سان هلي رهيو آهي.