ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي صوبي جي خانگي اسڪولن لاءِ فيسن جي اوڳاڙي بابت نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر رجسٽريشن رفيعا جاويد موجب، صوبي ۾ نئون تعليمي سال 2026-27 پهرين اپريل کان شروع ٿي چڪو آهي، ان ڪري ميٽرڪ جي شاگردن کان رڳو مارچ 2026 تائين جي فيس ورتي وڃي. هن واضح ڪيو ته ميٽرڪ جا امتحان 10 اپريل کان جاري آهن، تنهنڪري امتحان ڏيندڙ شاگردن تي ڪا به واڌو فيس نه وڌي وڃي. جڏهن ته نائين کان ڏهين درجي ۾ ويندڙ شاگردن لاءِ فيس شيڊول موجود آهي. رفيعا جاويد وڌيڪ چيو ته خانگي اسڪول اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ جون ۽ جولاءِ 2026 جي فيس وٺي سگهن ٿا. نئين فيس نظام ۾ پري پرائمري کان نائين درجي تائين جا شاگرد به شامل آهن. تعليم کاتي اسڪول انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته فيسن جا الڳ وائوچر جاري ڪيا وڃن، جنهن ۾ جون جا وائوچر 30 جون تائين ۽ جولاءِ جا وائوچر 31 جولاءِ 2026 تائين ڪارائتا رهندا.