روٽ پرمٽ بنا هلندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي جو حڪمروٽ پرمٽ بنا هلندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ ھلندڙ پبلڪ سروس گاڏين خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام  ميمڻ چيو آھي تھ روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ ھلندڙ پبلڪ سروس گاڏين خلاف سخت ڪارروائي لاءِ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ضلعي ريجنل ٽرانسپورٽ اختيارين کي باضابطا طور تي لکيو ويو آھي. ھن چيو ته وڏي تعداد ۾ گاڏين جي روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽس جو مدو ختم ٿي چُڪو آھي، جنھن تي لاڳاپيل اختيارين کي ھدايت ڏني وئي آھي تھ اھي سمورين گاڏين موٽر وھيڪل آرڊيننس 1965 ۽ موٽر وھيڪل رولز 1969 تحت لازمي دستاويزن سان گڏ گاڏيون روڊن تي ھلايون وڃن،هن چيو ته روٽ پرمٽس ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل نظام متعارف ڪيو ويو آھي، فٽنيس سرٽيفڪيٽس مڪم،ل طور تي آن لائن جاري ڪيا پيا وڃن، جڏھن تھ شھرن اندر ۽ انٽر ڊسٽرڪٽ روٽس جا پرمٽ بھ خودڪار نظام ذريعي ڏنا پيا وڃن ۽ جلد ئي منيوئل پرمٽس کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽرز کي سبسڊي ڏئي رھي آھي، پر اھو شرط رکيو ويو آھي تھ 27 فيبروڳري کان اڳ وارا ڀڙا وصول ڪيا ويندا، اُن باوجود ڪيتريون ئي شڪايتون مليون آھن تھ ڪيترائي ٽرانسپورٽر واڌو ڀاڙو وصول ڪري شھرين جو استحصال ڪري رھيا آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل اختيارين کي خصوصي چيڪنگ مھم شروع ڪرڻ، بنا درست روٽ پرمٽ يا فٽنيس سرٽيفڪيٽ جي ھلندڙ گاڏين خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ ۽ سمورين پبلڪ سروس گاڏين ۾ ڪرائي نامو نمايان طور تي لڳائڻ جي ھدايت ڪئي آھي تھ جيئن عوام کي مڪمل آگاھي ملي سگھي. ھن چيو تھ اسڪول وينز ۽ انٽر ڊسٽرڪٽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سي اين جي ۽ ايل پي جي جي استعمال تي لاڳو پابندي تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي بھ ھدايت ڪئي وئي آھي، جڏھن تھ اختيارين کي واضح طور تي چيو ويو آھي تھ ڪنھن بھ گاڏي کي مڪمل دستاويزن کانسواءِ ھلڻ جي اجازت نھ ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.