اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سينئر صحافي ۽ تجزيي نگار رؤف ڪلاسرا وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي حوالي سان حيران ڪندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته گذريل ٽن چئن سالن دوران پاڪستان مان 100 ارب ڊالر مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهر موڪليا ويا آهن. گهرو وزير ڪراچي ۾ واپارين کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته لنڊن ۾ مني لانڊرنگ ڪيئن ڪئي وڃي ٿي ۽ واٽس اپ تي هڪ پائونڊ جي نوٽ تي لکيل نمبر ذريعي رقم جي منتقلي جو کليل کيل هلي رهيو آهي.رپورٽ موجب، جن ٽن چئن سالن ۾ هيڏي وڏي رقم ٻاهر وڃڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اهو اهو ئي دور آهي جنهن ۾ شهباز شريف وزيراعظم ۽ محسن نقوي پاڻ پنجاب جو نگران وڏو وزير رهيو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته گذريل ٻن سالن کان گهرو وزير طور محسن نقوي جي ماتحت ادارا مني لانڊرنگ روڪڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ۽ هاڻي هو پاڻ تسليم ڪري رهيو آهي ته ملڪ جو 100 ارب ڊالر هنڊي ۽ حوالي ذريعي ٻاهر هليو ويو آهي.هڪ طرف پاڪستان جي ڪوششن سان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي ٿيڻ ڪري عالمي معيشت کي 3 هزار ارب ڊالرن جو فائدو پهتو آهي، جنهن جي ڪري دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تاثر اڀريو آهي، پر ٻئي طرف ملڪ جي پنهنجي حالت اها آهي ته گڏيل عرب امارات پنهنجا ساڍا ٽي ارب ڊالر واپس گهري ورتا آهن. پاڪستان کي اهي پئسا واپس ڪرڻ لاءِ سعودي عرب کان قرض گهرڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستانين جا 100 ارب ڊالر دبئي ۽ ٻين ملڪن جي جائيدادن ۾ لڳل آهن.رؤف ڪلاسرا ياد ڏياريو ته 2014 ۾ اسحاق ڊار هڪ سمري ڪابينا ۾ پيش ڪئي هئي، جنهن موجب سويس بينڪن ۾ پاڪستانين جا 200 ارب ڊالر موجود هئا. سويٽزرلينڊ جي حڪومت پاڪستان سان معاهدي لاءِ تيار هئي، پر جڏهن اسلام آباد ۾ عمران خان جو ڌرڻو شروع ٿيو ته نواز شريف کي آصف علي زرداري جي مدد جي ضرورت پئجي وئي.مبينه طور تي آصف علي زرداري ان شرط تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ته سوئس بينڪن سان ڊيٽا جي حصيداري جو معاهدو نه ڪيو ويندو، ڇو ته اتي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جا وڏا فنڊز موجود هئا. نتيجي ۾ نه صرف معاهدو روڪيو ويو، پر ان ايماندار آفيسر (ڊاڪٽر اشفاق احمد) خلاف انڪوائري شروع ڪئي وئي جنهن اهو معاهدو لڳ ڀڳ فائنل ڪري ورتو هو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان مان ٿيندڙ مني لانڊرنگ جي فهرست ۾ سول ۽ ملٽري آفيسر، سياستدان، اينڪرز ۽ ڪاروباري شخصيتون شامل آهن. جتي ملڪ جي صدر جو محل ٻاهر هجي، وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن جا ڪاروبار ٻاهر هجن ۽ اڳوڻا ڊي جي آءِ ايس آءِ ريٽائرمينٽ بعد ٻاهر نوڪريون ڪندا هجن، اتي احتساب جو عمل تمام ڏکيو ٿي پوي ٿو.نتيجي طور، جنهن ملڪ جا پنهنجا 300 ارب ڊالر ٻاهر پيا هجن، اهو ملڪ اڄ يو اي اي جا 3 ارب ڊالر واپس ڪرڻ لاءِ در در جا ڌڪا کائي رهيو آهي.