حيدرآباد ۾ حيسڪو جي غفلت سبب 3 ٻارڙا بجلي جي تارن ۾ وچڙي فوت

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي اسلام آباد پاڙي ۾ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو بجلي جون لٽڪيل تارون لڳڻ سبب شادي جي تقريب ۾ آيل 3 معصوم ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا، جنهن بعد شادي جون خوشيون ماتم ۾  تبديل ٿي ويون آهن. شهدادپور مان شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيل مهمانن جا ٻارڙا رات جو گهر جي ڇت تي ستا پيا هئا ته گهر مٿان لٽڪيل حيسڪو ڦليلي سب ڊويزن جي 11 هزار وولٽيج جي تارن ۾ ڦاسي پيا. فوت ٿيل ٻارڙن ۾ 14 سالن جو عبدالرحمان، 10 سالن جو فرحان ۽ 12 سالن جو فيضان شامل آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته عبدالرحمان کي پهريان ڪرنٽ لڳو، جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ٻئي سڳا ڀائر فرحان ۽ فيضان پڻ بجلي جي تارن جي لپيٽ ۾ اچي ويا. ٻارڙن جي رڙين تي گهرڀاتي پهتا، پر بجلي جي تيز ڪرنٽ سبب کين بچائي نه سگهيا ۽ ٽئي ٻارڙا موقعي تي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي فوت ٿي ويا. واقعي بعد شادي واري گهر ۾ قيامت صغريٰ جو منظر برپا ٿي ويو ۽ شادي جا سهرا ڳائيندڙ عورتون اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪرڻ لڳيون. اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن ۽ پوليس پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه شهدادپور روانا ڪيا ويا آهن. علائقي واسين حيسڪو اختيارين کي واقعي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪرڻ باوجود لٽڪيل تارون مرمت نه ڪيون ويون، جنهن ڪري هي وڏو حادثو پيش آيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.