ميرپورخاص (رپورٽ:غفار رند) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ميرپورخاص سنڌڙي پوليس طرفان مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان خانو مري جي ڪيس ۾ سنڌڙي ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او خدابخش رانجھاڻي سميت ٻن پوليس اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌڙي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان خانو مري جي وارثن پاران انصاف لاءِ پريس ڪلب آڏو عورتن ۽ ٻارن سميت مسلسل احتجاج ڪيو ويو، عدالت ۾ داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي دوران سيشن ڪورٽ حڪم جاري ڪندي ڄاڻايل اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، واقعي کان پوءِ وارثن سنڌڙي-کپرو روڊ تي مقتول جو لاش رکي ڌرڻو هنيو هو ۽ الزام هنيو هو ته نوجوان کي پوليس اهلڪارن هڱورنو هوٽل تان کنيو ۽ بعد ۾ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ هو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هوڏانهن پوليس پنهنجي موقف ۾ چيو ته خانو مري ڏوهاري هو ۽ مختلف ڪيسن ۾ گهربل پڻ رهيو هو، جڏهن ته مقابلي دوران سندس پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو.