چاغي ۾ هٿياربندن جو حملو،ڏهرڪي واسي سميت 9 پورهيت قتل

ڪوئيٽا/ڏهرڪي (بيورو+ن ع آ) بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ ٽامي ۽ سون جي مائيننگ پروجيڪٽ سائيٽ تي اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا. مائيننگ ڪمپني نيشنل ريسورسز  لميٽيڊ موجب، هي حملو اربع جي شام جو ٿيو. حملي بعد فرنٽيئر ڪور ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي ڪارروائي ڪندي علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. چاغي انتظاميا جي هڪ اعليٰ آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي تصديق ڪئي آهي ته حملي ۾ 9 ملازم مارجي ويا آهن، جن ۾ 2 سيڪيورٽي گارڊ پڻ شامل آهن. پوليس موجب، سمورن پورهيتن جا لاش دالبندين جي پرنس فهد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.  رپورٽ موجب تفتان ۾ هٿياربندن پورهيتن جي گاڏي تي حملو ڪيو.  حملي ۾ مارجي ويلن ۾ ڪمائڻ لاءِ ويل ڏهرڪي جي شهر ڀرچونڊي واسي واسي نوجوان وڪرم لال مينگهواڙ پڻ شامل آهي.  مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته سندن نوجوان پنهنجي مائيٽن سان گڏجي پورهيي لاءِ ويو هو. وارث سندس مڙهه کڻائڻ لاءِ روانا ٿي ويا. ٻئي پاسي ڪمپني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو بلوچستان جي ترقي ۽ مقامي ماڻهن کي بااختيار بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ مائيننگ سائيٽ تي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ عملو مقامي آهي. ياد رهي ته نيشنل ريسورسز لميٽيڊ پاڪستان جي ٽن وڏن گروپن (لڪي سيمينٽ، فاطما فرٽيلائيزر ۽ لبرٽي ملز) جو گڏيل ادارو آهي، جيڪو چاغي ۾ معدنيات جي ڳولا تي ڪم ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.