لاهور( عمران شفقت)ڇا صدرِ مملڪت آصف علي زرداري پاڪستان سان غداري ڪئي آهي يا اهو رڳو پروپيگنڊا آهي؟ ڇو ته هن وقت سندس خلاف گهڻو گوڙ ڪيو پيو وڃي۔گذريل ڪجهه ڏينهن کان اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته هن پاڪستان خلاف ڪجهه ڪيو آهي، پر اهڙي ڳالهه عقل ۾ نٿي اچي، ڇو ته هڪ صدر اهڙو قدم کڻي ئي نٿو سگهي۔ اهو وڌيڪ لڳي ٿو ته سياسي مخالفت ۽ سوشل ميڊيا جي پروپيگنڊا جو نتيجو آهي۔ساڳئي وقت سندن صحت بابت به افواهه هلن ٿا ته هو بيمار آهي، پر ويجهن ذريعن موجب هو ٺيڪ آهن۔ عمر جي ڪري ڪجهه مسئلا ٿي سگهن ٿا، پر ڪا ڳڻتي واري ڳالهه ناهي ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي اها مهم هلائي وئي ته زرداري يو اي اي جي حڪمرانن کي چيو آهي ته پاڪستان کان پئسا واپس گهرو، پر حقيقت ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. زرداري جي صحت بابت به افواهه هئا پر سليم مانڊوي والا وضاحت ڪئي آهي ته هو بلڪل ٺيڪ آهي. زرداري صاحب ۽ نواز شريف سي پيڪ ۽ چين سان لاڳاپن جا آرڪيٽيڪٽ آهن. زرداري صاحب ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ چين جو دورو به ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن ملڪ ۾ ٽرمپ جي آمد يا مذاڪرات جو معاملو آڏو نه آيو. هي دورو زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون لاءِ انتهائي اهم هوندو.