سکر ۽ آسپاس ۾ ايڊز جي بيماري،20 ڏينهن ۾ 20 ڪيسن جي تصديق

سکر (رپورٽ :شفيع محمد ابڙو) سکر ۽آس پاس جي علائقن ۾ ايڇ آئي وي ايڊ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي، سکر سول اسپتال ۾ ايڇ آئي وي ايڊ لاءِ مختص او پي ڊي جي انگ اکرن موجب صرف سول اسپتال سکر ۾ اپريل مهيني جي ويهن ڏينهن ۾ 32 مريضن مان ويهن مريضن کي ايڇ آئي وي ايڊ جي تصديق ٿي آهي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته اڌ کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ايڊز ڦهلجي چڪي آهي، سکر سول اسپتال ۾ قائم ايڇ آءِ وي ايڊ سينٽر جي انگن اکرن موجب گذريل سال 2025 ۾ سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال سکر ۾ 1469 مريضن جا ايڇ آئي وي ايڊ  جزا چيڪ ڪيا ويا جن مان 204 ماڻهن کي ايڊز جي تصديق ٿي هئي ۽ ان مان ڇهن ماڻهن مان هڪ کي ايڊ جي تصديق ٿي هئي.

ايڊز بابت خبرون حقيقت جي ابتڙ آهن: صحت کاتو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي ۽ سي ڊي سي ون (CDC-I) ايچ آءِ وي/ايڊز سنڌ پروگرام ميڊيا ۾ شايع ٿيل تازين خبرن تي ڳڻتي ۽ مايوسي جو اظهار ڪيو آهي۔ صحت کاتي انهن خبرن کي حقيقت جي ابتڙ ۽ عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي۔ ميڊيا رپورٽن  ۾ 2026 جي پهرين ٽي مهينن دوران 894 نون ڪيسن ۽ 14 سال کان گهٽ عمر وارن 329 ٻارن ۾ ايچ آءِ وي جي سڃاڻپ جو ذڪر ڪيو ويو آهي۔ صحت کاتي موجب هي ڊيٽا غير مجاز ۽ غير تصديق ٿيل ذريعن (جنهن ۾ نجي ڊاڪٽر به شامل آهن) مان ورتو ويو آهي، جيڪو “ايچ آءِ وي ٽريٽمينٽ اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2013” جي ڀڃڪڙي آهي۔ سڀني تصديق ٿيل ڪيسن جو واحد تصديق ٿيل رڪارڊ صرف سي ڊي سي ون سنڌ وٽ محفوظ آهي۔ صحت کاتي واضح ڪيو آهي ته رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ اضافو ڪنهن ناڪاميءَ جو نتيجو نه پر تيز اسڪريننگ ۽ بهتر رپورٽنگ جو نتيجو آهي۔ هينئر تائين مجموعي طور 486,008 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي (جنهن مان 97,935 صرف 2026 ۾ ڪئي وئي)۔صوبي ڀر ۾ آگاهي جا 5,182 سيشن منعقد ڪيا ويا، جن ۾ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي۔ هڪ سال دوران ايچ آءِ وي سان متاثر 2,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي ٻيهر علاج جي عمل (ڪيئر) سان ڳنڍيو ويو آهي۔

پازيٽو رپورٽ تي مريضن کي دوائون ڏيندا آهيون:ڊاڪٽر رابيل ڀاڳت

سکر:سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال ۾ قائم ايڇ آئي وي ايڊ سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر رابيل ڀاڳت موجب اسپتال ۾ ٿيندڙ رپورٽ مان پازيٽو ايندڙ مريضن کي دوائون فراهم ڪري احتياطي تدبيرون اپنائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون وينديون آهن، هن بيماري جو ڦهلاءُ  رت جي ڏي وٺ، جنسي لاڳاپن ذريعي ٿيندو آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ هنگامي  بنيادن تي ماڻهن کي پاڻ کي ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ احتياطي تدبيرون اپنائڻ جي سخت ضرورت آهي.

سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ايڊز مريضن لاءِ الڳ وارڊ ناهن:ڊاڪٽر زاهد ملڪ

سکر:سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سول سول اسپتال جي ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر زاهد ملڪ عوامي آواز سان ڳالهائيندي سکر ۽ آس پاس ۾ ايڊز جي ڦهلاء توڙي مرض ۾ مبتلا مريضن جي موت بابaت چوڻ هو ته سکر سول اسپتال ۾ سرجري لاءِ ايندڙ هر مريض جي ايڇ آئي وي ايڊز رپورٽ مفت ڪئي ويندي آهي تہ جيئن آپريشن دوران مرض ۾ مبتلا مريضن جي بلڊ مان ٻيا ماڻهو توڙي عملو متاثر نہ ٿئي. ڊاڪٽر زاهد ملڪ موجب سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ايڊز جي  مريضن لاءِ الڳ وارڊ نہ آهن جڏهن ميڊيسن ڊپارٽمينٽ جا ڊاڪٽر سکر ۾ ايندڙ ايڊز جي مريضن جو علاج ڪندا آهن، تمام سيريس سرجري جي ايڊز واري مريض لاءِ او ٽي مڪمل بند ڪري، آپريش م ايندڙ اوزار الڳ ڪري سرجري ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي مڪمل پروٽوڪول سان موڪليو ويندو آهي تہ جيئن ان مريض مان ڪنهن ٻئي کي جراثيم شفٽ نہ ٿي سگهي. سکر سول اسپتال جي ڊاڪٽر موجب انتهائي سيريس مريض کي ميڊيڪل آئي سي يو ۾ چئن بيڊن تي مشتمل روم ۾ آئيسيوليٽ ڪيو ويندو آهي تہ جيئن عام ماڻهو متاثر نہ ٿئي، ڊاڪٽر زاهد ملڪ موجوده ايڇ آئي ايڊز ۾ تيزي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي ماڻهن کي مڪمل طور احتياطي تدڀيرون اپنائڻ تي زور ڏنو.

حڪومت کي تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن:سياسي سماجي اڳواڻ

سکر:ايڇ آءِ وي ايڊز ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ۾ سکر جي سياسي سماجي اڳواڻن ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت سنڌ کان اسپتالن ۾ مريضن لاءِ الڳ وارڊ ٺاهڻ سان گڏ فوري ۽ هنگامي طور تي عوام ۾ سڄاڳي آڻڻ لاءِ ڪارآمد مهم ۽ موبيزائليشن وڌائڻ سان گڏ هر ماڻهو جي ايڇ آئي وي ايڊ ٽيسٽ لازمي ڪرائڻ تي زور ڏنو  آهي ان لاءِ حڪومت کي ٽڪرا قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي

هر پنجون ماڻهو ايڊز ۾ وڪوڙجي ويو

سکر:سکر سول اسپتال ۾ سال 2026 جي شروعاتي ٽن مهينن ۾ ٿيندڙ ايڇ آئي وي ايڊز جي ٽيسٽن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، ۽ مليل انگ اکرن موجب هر چئن ماڻهن بعد پنجون ماڻهو ايڊز ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جڏهن هلندڙ مهيني اپريل ۾ ويهڻ ڏينهن ۾ 32 ماڻهن مان 20 ماڻهن کي ايڇ آئي وي ايڊ پازيٽو آئي آهي جيڪا  هڪ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، ايڊز جي تيزي سان وڌڻ سبب هر ماڻهو پريشاني واري صورتحال مان گذري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.