اقرار الحسن جو ”پاڪستان عوام راج تحريڪ“ نالي سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان

لاهور (بيورو) ناليواري اينڪر اقرار الحسن نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اقرار الحسن ”پاڪستان عوام راج تحريڪ“ جي نالي سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته مان ڪڏهن به ڪو سياسي، پارٽي عهدو يا وري سرڪاري پوزيشن نه وٺندس، مون کي اميد آهي ته اسان جي پارٽي  پاڪستان ۾ نئين سياسي تبديلي آڻيندي ۽ اسان روايتي سياست جا رواج ٽوڙي عوام لاءِ اميد بڻجنداسين. سندس چوڻ هو ته مان تمام جلد پنهنجي جماعت جون سرگرميون سڄي ملڪ ۾ شروع ڪندس، اسان جي پارٽي هڪ جمهوري پليٽ فارم آهي، جنهن جو مالڪ سڄي ملڪ جو عوام آهي، ٻين جماعتن جيان ڪو خاندان يا شخصيت ان جو وارث ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.