ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس يوسف علي سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ليمون ڳوٺ نالي جي متاثرن کي متبادل گهر ۽ ٻيون سهولتون نه ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت چيف سيڪريٽري کان هڪ هفتي اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي گجر نالي، اورنگي ٽائون ۽ محمود آباد نالي جي متاثرن کي متبادل جاين سوڌو ٻيون سهولتون ڏنيون ويون آهن، حاجي ليمون ڳوٺ گلشن اقبال نالي جي متاثرن کي اهي سهولتون فراهم نه ڪيون پيون وڃن.