عورتن جي تصويرن تان ڪپڙا هٽائڻ جو فيچر، عالمي دٻاءَ تي ايڪس گوڏا کوڙي ڇڏيا

ايلون مسڪ جي پليٽ فارم ايڪس اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي اي آءِ چيٽ بوٽ گروڪ کي حقيقي ماڻهن جي تصويرن تان ڪپڙا هٽائڻ يا کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.
اهو فيصلو عورتن ۽ ٻارن جي جنسي نوعيت جون تصويرون ٺاهڻ تي عالمي سطح تي سخت ردعمل کان پوءِ ڪيو ويو آهي.
ايڪس چيو آهي ته جن ملڪن ۾ اهڙو عمل غير قانوني سمجهيو وڃي ٿو، اتي گروڪ ۽ ايڪس جي سڀني واهپيدارن طرفان ماڻهن جي تصويرن کي ”بڪني، انڊر گارمينٽس يا اهڙي نوعيت جي لباس“ ۾ ٺاهڻ جي صلاحيت کي جيو بلاڪ، يعني علائقائي طور بند ڪيو ويندو.
ايڪس جي سيفٽي ٽيم هڪ بيان ۾ چيو ته اسان ٽيڪنيڪي قدم لاڳو ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن گروڪ اڪائونٽ حقيقي ماڻهن جي تصويرن کي بڪني يا ٻين نمايان لباسن ۾ ايڊٽ ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اها پابندي سڀني واهپيدارن تي لاڳو هوندي، جن ۾ معاوضي عيوض سبسڪرپشن وٺندڙ به شامل آهن.
اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن رڳو ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڪيليفورنيا جي اٽارني جنرل ايلون مسڪ جي ڪمپني ايڪس اي آءِ خلاف جاچ شروع ڪئي، جنهن جو واسطو تازن هفتن ۾ ”بنا رضامندي جي جنسي طور واضح مواد“ جي تياري سان آهي.
عالمي سطح تي ايڪس اي آءِ تي دٻاءُ وڌندو پئي ويو ته هو گروڪ تي ڪنٽرول آڻي، خاص طور ان جي ”اسپائسي موڊ“ فيچر کان پوءِ، جنهن ذريعي واهپيدار سادي لکيل هدايتن جهڙوڪ ”هن کي بڪني پارائي ڇڏيو“ يا “هن جا ڪپڙا هٽايو“ لکي عورتن ۽ ٻارن جون جنسي نوعيت جون ڊيپ فيڪ تصويرون ٺاهي سگهندا هئا.
انڊونيشيا ڇنڇر واري ڏينهن گروڪ تائين پهچ مڪمل طور بند ڪندڙ پهريون ملڪ بڻيو، جڏهن ته آچر تي پاڙيسري ملڪ ملائيشيا به ساڳيو قدم کنيو.
ڀارت آچر واري ڏينهن ٻڌايو ته سندس شڪايتن تي ايڪس هزارين پوسٽون ۽ سوين واهپيدار اڪائونٽ هٽائي ڇڏيا آهن.
برطانيا جي ميڊيا ريگوليٽر آف ڪام اعلان ڪيو آهي ته هو ان ڳالهه جي جاچ شروع ڪري رهيا آهن ته ڇا ايڪس جنسي نوعيت وارين تصويرن بابت برطانوي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي؟
فرانس جي ٻارن بابت ڪمشنر اڱاري ڏينهن چيو ته هن گروڪ پاران تيار ڪيل تصويرون فرانسيسي پراسيڪيوٽرز، ميڊيا ريگوليٽر آرڪام ۽ يورپي يونين ڏانهن موڪليون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.