ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ماضي ۾ اداڪاري جي حوالي سان اهم انڪشاف ڪيا آهن.
شرميلا فاروقي چيو ته مان پنهنجو ڊرامو ان وقت ڪيو، جڏهن اسڪول پڙهندي هيس، ان وقت منهنجي عمر 15 سال هئي ۽ مان رڳو اداڪاري آزمائڻ پئي چاهي، ان وقت مان گهڻي ٿُلهي هيس.
هن چيو ته مان پنهنجي پيءُ کان اجازت گهري ته ڊرامو ڪري ٿي سگهان ۽ اتفاق سان اسان جي گهر ڀرسان ئي پي ٽي وي اسٽيش هئي، منهنجي پيءُ کي پي ٽي وي جو پروڊيوسر حيدر امام رضوي به سڃاڻيندو هو ۽ مون کي هڪ مک ڪردار جي آڇ ٿي.
سندس موجب مان رڳو هڪ ڊرامو ڪيو، ڇو ته مون کي ان شعبي ۾ ڪيريئر نه ٺاهڻو هو، مون وٽ ايترو وقت نه هو، ڇو ته پڙهي رهي هيس.
شرميلا فاروقي چيو ته اها پاڪستان جي پهرين پرائيويٽ پراڊڪشن هئي جنهن کي عبدالله ڪدواني ٺاهيو ۽ اها حيدر امام رضوي لکي هئي، ان پراجيڪٽ ۾ گهڻو وقت گهربل هو، جيڪو مون وٽ نه هو، تنهن ڪري مان هڪ ئي ڊرامو ڪيو پر هاڻ ٻيو ڊرامو ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪو ڪنهن سماجي مسئلي تي هجي.
You might also like