ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انب مزيدار ۽ غذائيت سان ڀرپور ميوو آهي پر انب وڌيڪ کائڻ سان جسم تي ڪي ناڪاري اثر به پئجي سگهن ٿا.
انبن ۾ مٺاڻ وڌيڪ هوندو آهي ان جي ڪري چهري تي موهيڙن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، کل جي سوڄ ۽ سڻڀ جي پيداوار ۾ واڌ ڪري موهيڙن جي خرابي به ڪري سگهي ٿو.