ٺٽي جي سامونڊي پٽي جيڪا دنيا جي پنجين نمبر وڏي انڊس ڊيلٽا آهي، جتي سنڌو درياهه سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو جيڪا لاڳيتو مٺي پاڻيءَ جي کوٽ سبب تباهه ٿي رهي آهي، زمينون بنجر بڻجي رھيون آھين جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي، لڏ پلاڻ تيزيءَ سان وڌندڙ آھي، سامونڊي پٽي تي عالمي نظرون توڙي سنڌ سرڪار جون به نظرون کتل آهن سرڪار کي سامونڊي پٽي مال غنيمت سمجهي لٽڻي آھي
عالمي سطح تي سامونڊي پٽي ۾ وڏا مقصد آھن سون جھڙي سامونڊي پٽي جو پاڻي ھٿرادو بند ڪري تباهه ڪيو پيو وڃي 1991 ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ ڪري سامونڊي پٽي سمنڊ تباهه ڪري رهيو آهي. ماھرن موجب سمنڊ سنڌ جي سامونڊي پٽي جي ھر روز اڊائي ايڪڙ زمين تباهه ڪري رهيو آهي، مٺي پاڻيءَ جي لاڳيتي کوٽ سبب سمنڊ تيزيءَ سان وڌندي رهيو آهي ،سامونڊي پٽي پنهنجي سڃاڻپ سان گڏ ساوڪ به وڃائي ويٺي آهي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي لاڳيتي کوٽ جا اثر انڊس ڊيلٽا سان گڏ سڄي سنڌ تي ٿين ٿا.
اڏيرو بئراج جيڪو ساحلي پٽيءَ جي پاڻي جي فراهم ڪندڙ مکيه بئراج آھي، جنهن کي گھوڙا ٻاري لڳ ھٿرادو بند ڪري باقي علائقن جو پاڻي بند ڪيو وڃي ٿو، ھڪ ھفتو پاڻي ڏنو وڃي ٿو ، فصل جي پوکائي دوران يا آخري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ سان پاڻي بند ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب آبادگارن جو لکين روپيا جو نقصان پهچايو وڃي ٿو جنهن سبب ھو زمين آباد ڪرڻ بجاءِ زمين وڪرو ڪري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، نوي سيڪڙو ماڻهو لڏي ويا آهن ،ڪيٽي بندر جي ٻيٽن تي آباد سوين خاندان پڻ لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن سامونڊي پٽي ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪو مذاق ناهي.
ڀنڀور، ساڪرو، ٻھارا، ڳاڙھو، ٻگھاڻ، ڪيٽي کاروڇاڻ، چوھڙ، بدين ۽ زيرو پوائنٽ تائين ساڳي حالت آهي سڄي سامونڊي پٽي اقتداري ڌر کي گھربل ھئڻ ڪري سڄي علائقي جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي ، پاڻي جي کوٽ تي مقامي ماڻهن جا مختلف احتجاج پڻ ٿيا آهن پر کين دلاسا ڏجن ٿا ڪجھه ڏينهن پھريان به علائقي واسين ڪيٽي بندر جي سوين ماڻهن جو ڊي سي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو
ڪيٽي بندر جي انڊو ۽ دارسي شاخن ۾ ٻن مهينن کان پاڻي نه ڇڏڻ خلاف سوين زميندارن آبادگارن چيئرمين يوسي ٻيٽ ميهار الياس پيروزاڻي عثمان بلوچ ممتاز بلوچ اشرف اوٺو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي ٺٽو جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ھو جنهن بعد اي ڊي سي ون محمد علي خواجه ايس ڊي اي او ايريگيشن مجيد خاصخيلي احتجاج ڪندڙن جي وفد سان ڳالهيون ڪندي کين يقين ڏياريو ته مٿي ذڪر ڪيل شاخن جي پوڇڙ تائين 24 ڪلاڪن اندر پاڻي پهچائي شاخن تي سموريون ناجائزيون لفٽ مشينون هٽايون وينديون جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ايندڙ سومر تي ڊي سي ٺٽو ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي پر ٿيندو ڪجھه ڪونه اھو به ھڪ دلاسو ھو پلاننگ تحت سامونڊي پٽي جو پاڻي ھٿرادو بند ڪري تباهه ڪيو پيو وڃي.