نئون چيف جسٽس نئون امتحان

تحرير: غلام حسين لغاري

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي مدت ملازمت پوري ٿيڻ ۽ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ  نامزد چيف جسٽس جناب جسٽس قاضي فائز عيسي ڪالهه پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي ۽ اڄ کان باقائده نيون ذميواريون سنڀاليندو۔نيون بئنچون جوڙي سپريم ڪورٽ ۾ التوا ۾ پيل نوان پراڻا ڪيس هلائيندو جن ۾ حساس نوعيت جا به ڪيس هوندا جن ۾ ملڪ جي آئنده  سان وابسته ڪيس به هوندا جيڪي ماضي قريب ۾ تڪراري بڻيل رهيا آهن ۔صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ڪالهه کائنس ايوان صدر ۾ هڪ پروقار تقريب ۾ کيس قسم کڻايو جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فوجي سربراهن عدليا  جي ججن سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سندس ڀرپور نموني آجيان ڪئي۔نئين چيف جسٽس طور قسم کڻڻ تي پوري قوم سياسي ڌرين ۽ عالمي سطح تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي تي نظرون آهن ته هو ملڪ جي هن مک اداري کي ڪهڙي طرح سان ڪاميابي طرف وٺي وڃي ٿو۔ مستقبل جي قومي آئيني قانوني معاملن تي ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو ڪهڙا فيصلا ڏيندو جنهن سان ملڪ آئين ۽ جمهوريت جي بقا ممڪن ٿئي۔

نئين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي پروفائيل تي هڪ نظر وجهبي ته پاڻ تحريڪ پاڪستان جي صف اول جي بلوچستان سان واڳيل  اڳواڻ قاضي محمد عيسيٰ  جو فرزند ۽ اڳوڻي رياست قلات جي وزيراعظم قاضي جلال الدين جو پوٽو آهي جيڪو 26 آڪٽوبر 1959 ۾ پشين ۾ پئدا ٿيو۔لنڊن مان بار ايٽ لا ڪرڻ بعد 1985 ۾ ڪراچي ۾  وڪالت جي شعبي ۾ پير وڌو ۽ هڪ ڪامياب وڪيل طور اڀريو۔1998 ۾ سپريم ڪورٽ طرف وک وڌائي اتي به وڪالت شروع ڪئي۔بار ڪائونسلن جو سرگرم اڳواڻ رهيو ۔ بطور وڪيل سپريم ڪورٽ جي هن اڳوڻي ڊڪٽيٽر جي پي سي او تحت قسم کڻندڙ ججن جي آڏو پيش ٿيڻ ۽ وڪالت ڪرڻ کان پري رهيو آزادانه وڪالت ڪري نالو ڪمايو۔سندس خلاف سازشون ٿيون ريفرنس داخل ٿيا پر انهن مان به باعزت بري ٿيو۔قاضي فائز عيسيٰ صاحب ملڪ جو پهريون چيف جسٽس پاڪستان هوندو جنهن جي پهرين تقرري به بطور چيف جسٽس 15 آگسٽ 2009 بلوچستان هاءِ  ڪورٽ جي ٿي هئي۽ 2014 ۾ سپريم ڪورٽ جو جج ٿيو۔اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطابنديال جو دور ڪيئن رهيو هن قومي نوعيت جي معاملن کي ڪهڙي رخ سان ورتو ڪهڙا فيصلا ڪيا اهي قوم آڏو آهن قوم ئي فيصلو ڪندي پر جسٽس عمر عطا بنديال جو گذريل ٻن سالن وارو دور انتهائي متنازعه رهيو ۽ مٿس ڇتي تنقيد ٿيندي رهي۔ بنديال دور ۾ عدليا  اختلافن جو شڪار رهي عدليا  تي آڱريون کڄنديون رهيون پاڪستان بار ۽ سپريم ڪورٽ بار به سياسي گروهبندي جو شڪار نظر آئي۔سياسي ڌرين عدالتن کي پنهنجي انا وارن قومي مسئلن تي مصروف رکيو جنهنڪري عوامي ڪيس متاثر ٿيا۔عدالتن تي اهي به آڱريون کڄيون ته جج سياست ۽ طاقتور ڌرين آڏو مجبور آهن ۽ دٻاء تحت فيصلا ڏئي رهيا آهن جنهن تاثر کي هاڻ ختم ڪرڻ لاءِ  نئين چيف جسٽس جناب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي پنهنجو آئيني ۽ عهدي جو احترام واري جذبي تحت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ  نئين چيف جسٽس پاڪستان کي نوان چئلينج سامهون آهن۔نئين چيف جسٽس کي پهريان ته عدالتي ماحول کي بهتر بنائڻ ۽ عوامي اعتماد بحال ڪرائڻو پوندو جيڪو ماضي ۾ بگڙجي چڪو آهي۔جن به عدالتي فيصلن تي عمل ناهي ٿي سگهيو انهن تي عمل ڪرائڻ ۽ قوم کي سستو انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ  اثرائتا اپاءُ  وٺڻا پوندس۔سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي گروهه بندي ۽ موجود اختلافن کي ختم ڪرائڻ لاءِ  سمورن ججن کي پاڻ سان گڏجي کڻي هلڻ ۽  ڪنهن به تڪراري صورتحال کان ٻاهر ڪڍڻو پوندو ۔

اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي دور ۾ جناب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صاحب ازخود نوٽيس تحت ڪافي اهڙن ڪيسن تي اختلافي فيصلا ڏنا جن کي چيف جسٽس عمر عطا بنديال رد ڪندو رهيو جنهن رويي به ٻنهي جسٽسن کي هڪٻئي کان پري رکيو۔ سياسي ڌرين پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر جسٽس بنديال کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ سندس فيصلن کي رد ڪنديون رهيون جنهن سان به عدليا  جي وقار کي وڏو ڌڪ لڳو۔جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ازخود نوٽيس وٺڻ لاءِ  سينيئر ججن سان مشاورت ڪرڻ بئنچ جوڙڻ وارو  فيصلو ڏنو جيڪو چيف جسٽس عمر عطا بنديال رد ڪيو هو جنهن کانپوءِ  به سخت رد عمل آيو۔ڏسجي ته نئون چيف جسٽس هاڻ پنهنجي ان رد ٿيل فيصلي کي ڪهڙي رخ ۾ ٿو کڻي ۽ ڪهڙو ٿو فيصلو ڏئي يا خاموشي اختيار ٿو ڪري۔

پارليامينٽ پاران منظور ڪيل سپريم ڪورٽ پروسيجر بل تي به ٻڌڻي هاڻ نئين چيف جسٽس جي اڳواڻي ۾ ٿيندي جيڪا لارجر يا فل بئنچ ئي ڪندي جو سپريم ڪورٽ جي بقا ان بل سان وابسته آهي۔ممڪن آهي ته نئين چيف جسٽس جي سربراهي ۾ نئين بئنچ اڄ کان ٻڌڻي ڪري جنهن لاءِ  پي ڊي ايم ۾ شامل سياسي پارٽين کي به هن ڪيس جي فيصلي جو وڏو انتظار آهي۔اڳوڻي چيف جسٽس پارليامينٽ ۾ منظور ڪيل نيب ترميمن کي رد ڪرڻ واري نظرثاني درخواست به ممڪن آهي سپريم ڪرٽ ۾ وڌي وڃي جيڪڏهن وڌي وڃي ٿي ته ان جي ٻڌڻي ۽ فيصلو به پنهنجي نوعيت جو تاريخي ٿيندو۔ميان محمد نواز شريف جيڪو نيب ڪيسن ۾ سزا کائڻ بعد بيماري بهاني سالن کان لنڊن ويٺل آهي جتان سياسي سرگرميون ويٺو هلائي سو به پنهنجي سزا خلاف نظرثاني واريون درخواستون تيار ڪيون ويٺو آهي جيڪي پڻ نئين چيف جسٽس لاءِ  ڪنهن امتحان کان گهٽ نه هونديون جن تي پڻ آئيني ۽ قانوني فيصلو ڪيو ويندو۔اهڙي طرح نوي ڏينهن اندر چونڊن ڪرائڻ وارو فيصلو به اهم نوعيت وارو ڪيس هوندو جيڪو پي ٽي آءِ ٻيهر داخل ڪرائڻ پئي وڃي ۽ ممڪن آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن واري فيصلي تي عمل نه ڪرڻ بابت توهين عدالت جي درخواست داخل ٿئي۔خاص فوجي عدالتن ۾ سول ڪيسن جي منتقلي وارو ڪيس به پنهنجي نوعيت جو مک اهميت ڀريو ڪيس هوندو جنهن تي به قوم فيصلي جي منتظر آهي۔مطلب ته نئين چيف جسٽس لاءِ  امتحانن جو دور اڄ کان شروع ٿيندو۔

بهرحال پوري قوم نئين چيف جسٽس جناب قاضي فائز عيسيٰ کي عهدو سنڀالڻ تي سندس آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪري ٿي ته نئون چيف جسٽس ملڪ ۾ سستي انصاف ۽ فيصلن تي عمل ڪرائڻ لاءِ  ڀرپور ڪردار ادا ڪندو۔ملڪ مان بک بيرزگاري مهانگائي جي خاتمي لاءِ  به الڳ اپاءُ  وٺندو جنهن سان ملڪ خوشحالي طرف وڃي قانون و آئين جي بالادستي قائم رهي۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.