پلندري (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف آزاد ڪشمير جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن سان خطاب ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن رياست ٽيڪس نه وٺندي ته مراعتون ۽ پگهارون ڪيئن ڏيندي؟ احتجاج حق آهي پر وڳوڙن سان معيشت کي نقصان ٿئي ٿو.
پندرنهن سيپٽمبر تي پلندري ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر شاگردن ۽ استادن جي سوالن جا جواب ڏنا هئا، جن مان ڪجهه حصا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن.
عوامي ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه واري سياست بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سياسي سسٽم ڪم ڪري رهيو آهي، تعليم، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جا اشارا بهتر آهن. جيڪڏهن رياست ٽيڪس نه وٺندي ته مراعتون ۽ پگهارون ڪيئن ملنديون؟ آزاد ڪشمير جا 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو سرڪاري نوڪري ڪن ٿا، احتجاج حق آهي پر وڳوڙن سان معيشت کي نقصان ٿيندو.
هن چيو ته الله ڪشمير کي نعمتن سان نوازيو آهي، پاڪستان جو خواب ڏسندڙ جو تعلق به ڪشمير سان هو، فوج ۾ ڪيترائي آفيسر ۽ جوان ڪشميري آهن، ڪشمير جو مستقبل ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان“ آهي.
هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مهانگائي گهٽ آهي، بجلي ۽ اٽو سستو آهي، جيڪڏهن ماڻهن جا مسئلا آهن ته سسٽم ۾ اچي ڳالهه ٻولهه ڪن، 300 ارب جي بجيٽ مان 150 ارب پگهارن ۽ پينشنز تي خرچ ٿئي ٿي، جيڪڏهن حڪومت پگهار ڏيڻي آهي ته ٽيڪس وٺڻو پوندو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جو چوڻ هو ته ڪشمير ميوو پيدا ڪري سڄي خطي کي فراهم ڪري سگهي ٿو، ڪشمير ڏيڻ وارو هٿ بڻجندو، ڪشميرين جا هر مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، بجلي ۽ اٽو سستو ڪرڻ جو فائدو ماڻهن کي پهتو آهي.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو اٽو ۽ بجلي سستي ڪرائن ٿا، انهن کي اڳتي ماڻهن تائين پهچائڻ گهرجي، ڳالهه ٻولهه سان مسئلا حل ٿيندا، پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا مسئلا ۽ انهن جا حل گڏيل آهن، وسيلا وڌائڻ لاءِ آءِ ٽي، منرلز، زراعت، اي آءِ ۽ ڪرپٽو تي ڪم ٿي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ۾ ٻه ليفٽيننٽ جنرل ۽ ميجر جنرل ڪشمير سان واسطو رکن ٿا، تنقيد ۽ احتجاج حق آهي، پر عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي قيمت تي نه، جيڪڏهن احتجاج بند ڪري محبت ۽ امن سان سڏ ڏنو ويندو ته پاڪستان سميت پوري دنيا مان ماڻهو ايندا.
300 ارب جي بجيٽ مان 150 ارب پگهارن ۽ پينشن ۾ هليا وڃن ٿا، مسئلا آهن ته سسٽم ۾ اچي ڳالهايو: ڊي جي آءِ ايس پي آر
You might also like