ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان کي شڪست: ۽ جڏهن ورما ويرات بڻجي ويو!

دبئي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آچر جي ڏينهن ڀارتي ٽيم پاڪستان کي پنج وڪيٽن سان شڪست ڏئي نائين ڀيرو ايشيا ڪپ جو خطاب کٽي ورتو.
پر ميچ ختم ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا ۽ ايشيا ڪپ جي آفيشل براڊڪاسٽر تي جيڪڏهن ڪنهن هڪ شخص جي چرچا هئا ته اهو تِلڪ ورما هو.
تِلڪ ورما جي ان اننگز تي اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر عرفان پٺاڻ ان اننگز جي ڀيٽ 2022ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف کيڏيل ويرات ڪوهلي جي تاريخي اننگ سان ڪئي.
ميلبورن جي ميدان تي ويرات ڪوهلي 82 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي ڀارت هارايل ميچ ۾ فاتح بڻايو هو.
ميچ جي صورتحال
ايشيا ڪپ جي فائنل دنگل ۾ به ڪجهه اهڙي ئي قسم جي صورتحال نظر آئي.
147 رنز جي هدف جو پيڇو ڪندي ڀارت چئن اوورن ۾ 20 رنسن تي ٽي وڪيٽ وڃائي ويٺو، لڳي رهيو هو ته ڀارتي ٽيم لاءِ پاڪستان کي هارائڻ سولو نه هوندو.
پر تِلڪ ورما اڳوڻي ڪپتان روهت شرما جي هڪ ڳالهه کي لڳ ڀڳ چار ورهين بعدِ صحيح ثابت ڪري ڏيکاريو.

”تِلڪ ورما ۾ دم آهي“
آءِ پي ايل 2022ع لاءِ تِلڪ ورما کي ممبئي انڊينز سائن ڪيو هو.
هن پهرين ئي سيزن ۾ 14 ميچن ۾ 397 رنسون ٺاهيون هيو.
پهريون سيزن ڪامياب کانپوءِ روهت شرما هن بابت چيو هو ته ””تِلڪ ورما ۾ دم آهي “
تِلڪ ورما پهرئين سيزن جي ڪاميابي کي اڳتي به جاري رکيو ۽ آءِ پي ايل 2023ع ۾ 11 ميچن ۾ 343 رنسون ٺاهيون.
تِلڪ ورما جي اهڙي ڪارڪردگي کانپوءِ سينيئر اسپورٽس صحافي ۽ ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي لکيو ته ”مون پونئن سال به سوچيو هو ۽ هاڻي مون کي پَڪ آهي ته تِلڪ ورما هڪ خاص رانديگر بڻجڻ وارو آهي.“
ٻن سيزن جي ڪاميابي کانپوءِ ئي تِلڪ ورما لاءِ ڀارتي ٽيم جا در کُليا، آگسٽ 2023ع ۾ کيس ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڊيبيو جو موقعو مليو.
پر گذريل سال ڏکڻ آفريقا جي دوري دوران چئن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ تِلڪ ورما ڀارتي ٽيم ۾ پنهنجي سيٽ پَڪي ڪرائي ورتي.
پهرين ميچ ۾ تِلڪ ون ڊائون پوزيشن تي بيٽنگ ڪندي 56 بالن ۾ 107 رنسن جي اننگ کيڏي.
ٻي ميچ ۾ هن هڪ قدم اڳتي وڌي 47 بالن ۾ ئي ناقابل شڪست 120 رنز جي اننگ کيڏي ۽ پليئر آف دي ميچ سان گڏ پليئر آف دي سيريز جو جو ايوارڊ پڻ پنهنجي نانءُ ڪيو.

ماسٽر ڪلاس اننگ
هاڻيڊگهو سفر طئي ڪندي تِلڪ ورما ايشيا ڪپ ۾ ڀارت جي سوڀ ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڏکين حالتن ۾ هڪٻئي پٺيان ڪِرندڙ وڪيٽن جي وچ ۾ 22 ورهين جي تِلڪ ورما 69 رنسن جي ناٽ اننگ کيڏي ڏيکاريو ته منجهس ميچ ”فنش“ ڪرڻ جي صلاحيت آهي.
ميچ کانپوءِ شُڀمَن گِل، ڪُلديپ يادَو ۽ ڀارتي ٽيم جو بالنگ ڪوچ مورني مورڪل هڪ ئي سُر ۾ تِلڪ ورما جي واکاڻ ڪندا نظر آيا.
ڪلديپ يادَو چيو ته ”تِلڪ ورما جي اننگ ماسٽر ڪلاس هئي، توهان ڄاڻو ٿا، اڄ سندس ڪو جواب نه هو.“
شُڀمَن گِل تسليم ڪيو ته چئن اوورن ۾ ويهه رنسن ٽي وڪيٽ وڃائڻ کانپوءِ ان هدف جو پيڇو ڪرڻ سولو نه هو، پر تِلڪ ورما جي اننگ انهيءَ فتح کي ممڪن بڻايو.
”هدف وڏو نه هو. پر ٽي وڪيٽ جلدي ڪِرڻ کانپوءِ اهو مشڪل لڳي رهيو هو. تِلڪ ورما جيئن سنجو سيمسن سان گڏ بيٽنگ ڪئي، اِها شاندار هئي.“
”فائنل ۾ گهڻو ڪجهه داءُ تي لڳل هو. پر تِلڪ ورما جي سنجو سيمسن ۽ شيوم دوبَي سان گڏ جيڪا ڀائيواري قائم ڪئي اِها اهم ثابت ٿي.“
22 تِلڪ ورما ايشيا ڪپ جي فائنل مقابلي ۾ گهڻي پختگي ڏيکاري. جيڪڏهن ڀارتي ٽيم 3 وڪيٽ وڃائڻ کانپوءِ هڪ ٻي وڪيٽ جلدي وڃائي ها ته ميچ جو نتيجو ڪجهه ٻيو ٿي سگهي پيو.
پر تِلڪ ورما پهرين سنجو سيمسن سان چوٿين وڪيٽ لاءِ 57 رنز جي پارٽنرشپ ڪئي ۽ پوءِ پنجين وڪيٽ لاءِ شيوم دوبَي سان گڏجي 60 رنسون ٺاهيون.
آخر ۾ هو ڀارت کي ايشين چيمپيئن بڻائي وريو.

هڪ شاندار نوجوان رانديگر
تِلڪ ورما به مڃيو ته مٿس گهڻو دٻاءُ هو. ميچ کان پوءِ هن چيو ته”گهڻو دٻاءُ هو. هو سٺي بالنگ ڪري رهيا هئا، سيمسن سٺو ساٿ ڏنو، دوبَي جي اننگ به بهترين رهي.“
سندس چوڻ هو ته ”مون گهڻي محنت ڪئي هئي ۽ هي منهنجي زندگي جي سڀ کان خاص اننگز مان هڪ آهي، اِها سمورين ديس واسين لاءِ آهي.“
ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز مقابلن ۾ تِلڪ ورما جو رڪارڊ به هن پاسي اشارو ڪري ٿو ته هو ڀارت لاءِ هڪ سٺو فنشر ثابت ٿي سگهي ٿو.
تِلڪ ورما جي ٽيم ۾ رهندي ڀارت کي جيڪي 11 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کٽڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي، انهن ۾ هن 92.50 جي ايوريج سان 370 رنسون ٺاهيون آهن. ان دوران هن ٽي ففٽيون اسڪور ڪيون ۽ سندس اسٽرائيڪ ريٽ لڳ ڀڳ 135 رهيو آهي.
تِلڪ ورما ڀارت لاءِ 32 ٽي 20 انٽرنيشنلز ۾ 53 جي ايوريج ۽ 149 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 962 رنسون ٺاهيون آهن، جنهن ۾ چار ففٽيون ۽ ٻه سينچريون شامل آهن.
هرشا ڀوگلي تِلڪ ورما بابت خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ” ”اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته تِلڪ ورما هڪ شاندار نوجوان رانديگر آهي. پر هي تِلڪ ورما جي بڻجڻ جي شروعات آهي. دٻاءُ ۾ هن تمام شاندار اننگ کيڏي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.