هيءَ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروِس آهي

تحرير: ياسرقاضي

سنگيتَ جي ٻولي ڌارَ ئي ٿيندي آهي. جيڪا بعضي ٿڌڙي هيرَ جيان سماعتن مان ٿيندي دل جي واديءَ ۾ گُهلندي اڄاتو قرار ڏيندي آهي، ته ڪڏهن ڪڏهن منَ جي ڦَٽن کي اُڊيڙيندي به آهي. سنگيت جي ٻولي سمجهڻ لاءِ  باذوق سماعت جو هجڻ به ڏات آهي. ڪي گهڻو سٺو سنگيت ٻُڌي ’ڪن ــ رَس‘ ٿين ٿا، ته ڪنهن جي خون ۾ اها شناسائي فطري طور موجود هوندي آهي. جڏهن مان الاهي ننڍو هئس ۽ اڃا صحيح معنيٰ ۾ ’غمَ‘ ۽ ’پِيڙَ‘ جي وصفَ به پوريءَ طرح سان خبر ڪانه هئي، تڏهن به مونکي ڪي منفرد ڌنُون ڌوڏي رکنديون هيون، جن کي ٻڌڻ سان اهڙي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي، جيڪا ڪنهن سان به بيان نٿي ڪري سگهجي يا ايئن کڻي چئجي ته جنهنجي بيان لاءِ لفظَ جُڙيا ئي ڪونهن. انهن ڌُنين منجهان هڪ ڌُن ’والٽر ڪافمين‘ نالي چيڪ ريپبلڪن گوري جِي ڪمپوز ۽ ڪنڊڪٽ ڪيل ’آل انڊيا ريڊيو‘ جي ’سگنيچر ٽِيُون‘ (مُک ڌن) آهي، جيڪا راڳ ’جئي جئي ونتيءَ‘ ۾ ڪمپوز ٿيل آهي ۽ ’آل انڊيا ريڊيو سروس‘ جي نشريات جي شروع ۾ وڄندي آهي. ننڍي لاءِ کان اها ڌُن ٻڌڻ سان هڪ عجيب پُراسراريت جو احساس ٿيندو هو ۽ ايئن لڳندو هو ته مان ڪنهن وشال ڀيانڪ واديءَ ۾ اڪيلو ڀَٽڪندو ٿو وتان ۽ ڪٿي به ڪنهن زندگيءَ جو ڪو آثار ڪونه ٿو نظر اچي. ٻئِي ڌُن به ’آل انڊيا ريڊيو‘ تان ئي ٻڌندو هئس، جيڪا آل انڊيا ريڊيي جي سنڌي سروس جي شروعات ۾ روز شامل ڪئي ويندي هئي ۽ اڃا به نشر ڪئي ويندي آهي. جيڪا شرناءِ تي وڄايل ڌُن آهي. خبر ناهي ته اها حَسِين ڌُن استاد بسم الله خان جي وڄايلَ آهي، يا ٻئي ڪنهن جِي (ڇاڪاڻ ته ان کي نشر ڪندي ڪڏهن به ان جي وڄتڪارَ جو نالو انائونس ڪونهي ٿيندو)، بس انائونسمينٽ ۾ ان کي ’شهنائيءَ تي منگل ڌُن‘ چيو ويندو آهي.

منهنجي زندگيءَ جي پهرين پيشاوراڻِي ڪمائي 1995ع ۾ ريڊيي پاڪستان لاڙڪاڻي جا ڊسمبر ۾ مليل لڳ ڀڳ ٻن ٻن هزارن جا پهريان ٻه چيڪَ هئا، جن منجهان هڪ چيڪ مان مون پنهنجي ڪمري لاءِ، پنهنجو سامان رکڻ لاءِ ننڍي ٻن دروازن واري الماري خريد ڪئي هئي، ته ٻئي چيڪَ مان مون 2000 روپين ۾ ٻن اسپيڪرن واري آڊيو پليئر ڊيڪ ورتي هئي. اتفاق سان جن ڏينهن ۾ مون اها نئين ڊيڪ ورتي هئي، انهن کان ڪجهه ڏينهن بعد ئي رمضان شريف جو مهينو شروع ٿي ويو هو. سحريءَ ڪرڻ کانپوءِ جڏهن نماز وغيره پڙهي سمهبو هو ته ان وقت مان پنهنجي کٽ تي ليٽي، ڀت واري پاسي کان رکيل ان ڊيڪ تي ريڊيو ’ٽيُون‘ ڪندو هئس ۽ اسٽيشنون سرچ ڪندو هئس. هڪ صبح سوير مونکي اسٽيشنون ڳوليندي ’آل انڊيا ريڊيو‘ جي اها سگنيچر ٽيُون ٻڌڻ ۾ آئي، جنهن جي پُراسراريت مونکي روڪي ڇڏيو ۽ مون اسٽيشن ڳولڻ وارو ’ناب‘ ڦيرائڻ بند ڪيو. ڪمري جي لائيٽ بند هوندي، اها پُراسرار موسيقي عجيب تاثر پيدا ڪري رهي هئي. اها ڌُن جيئن ئي پوري ٿِي ته ان ئي اسٽيشن تان سنڌيءَ ۾ انائونسمينٽ ٿيڻ شروع ٿي: ’هيءَ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس آهي.‘ پوءِ ته مونکان اسٽيشن مَٽائڻ ئي وسري وئي ۽ مان هيري ٺڪُر جي آواز ۾ سماچار ٻڌڻ سميت پوري ڪلاڪ جي صبح سوير جي سنڌي مجلس ٻڌندو رهيس. ان ئي ڏينهن مون پروگرامن جي وچور کان فوراً پوءِ اها ’شهنائيءَ تي منگل ڌُن‘ به پهريون ڀيرو ٻُڌي. ٻنهي ڌُنين پهرين ڌڪ ۾ مونکي سوگهو ڪري وڌو. پوءِ اهو پورو رمضان جو مهينو صبح جو سحريءَ پُڄاڻان آل انڊيا ريڊيو ’ٽيُون‘ ڪرڻ منهنجو معمُول بڻجي ويو ۽ ان ’والٽر ڪافمين‘ واري ’سگنيچر ٽيُون‘ ۽ ’شرناءِ تي منگل ڌُن‘ سان منهنجي شناسائي ڏينهن به ڏينهن وڌندِي وئي. هڪ مونکي عجيب ڊپَ ۾ پُراسرار نموني مبتلا ڪرڻ ۽ ٻي اڄاتل غم جي ڪيفيت ۾ اداس ڪرڻ جي باوجود منهنجيون دوست بڻيبيون ويون ۽ ڄڻ مان انهن ٻنهي ڌُنين کي ٻُڌڻ جو عادي ٿي ويس. ڄڻ اهي ٻئي مونسان مخاطب ٿيڻ لڳيون… ڳالهائڻ لڳيون… پر 1995ع جي آخر ۽ 1996ع جي شروع ڌاري پنهنجي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ليٽي اهي ڌُنون ٻُڌندڙَ، ڪڏهن ڪونه سوچيو هو ته ان کان ٺيڪ ٻه ڏهاڪا پوءِ هو پاڻ ’آل انڊيا ريڊيو‘ جي دهلي اسٽوڊيو ۾ ويهي پاڻ اها ’شهنائيءَ تي منگل ڌُن‘ نشر ڪندو ۽ ان جي انائونسمينٽ ڪندو.

سال هو 2016ع… مهينو هو سيپٽمبر جو… جڏهن مان پنهنجي امريڪي مادرِعلميءَ ”اِيسٽ ويسٽ سينٽر“ پاران ”دنيا ڏکڻ ايشيا ڏانهن نهاري ٿي“ جي عنوان سان دهليءَ ۾ منعقد ڪيل عالمي صحافتي ڪانفرنس جي مندُوبَ جي حيثيت سان شرڪت لاءِ ڀارتي راڄڌانيءَ پهتس ۽ پنهنجي محبوبَ، ناليواري سنڌي شاعرَ، محقق ۽ براڊڪاسٽر، سائين هيري ٺَڪُرَ سان سندس شهر ۾ پهچي رابطو ڪيم. هن 10 سيپٽمبر 2016ع تي منهنجي ڪانفرنس جي جاءِ جي ڀرسان ئي منعقد ٿيندڙ سنڌين جي هڪ ثقافتي ميڙاڪي ۾ شرڪت لاءِ زور ڀريو، جنهن ۾ مان وڃي پهتس ۽ کوڙ سارن سنڌي اديبن، واپارين، پَترڪارن ۽ ٻين شعبن سان سلهاڙيل سنڌين سان مُکا ميلي جو موقعو مليو. انيلا سندر ۽ سندس ساٿين سميت ٻين نرتڪارن جو نرت ڏسڻ ۽ ڀارت ۾ سرجندڙ سنڌي سنگيت ٻڌڻ جو موقعو مليو. رات 10:00 لڳي جي آسپاس جڏهن اهو ’ڪاريڪرم‘ پُورو ٿيو ته هيري سائينءَ سان ٻئي ڏينهن ملڻ جو پروگرام طئي ڪرڻ لڳس. جنهن هال ۾ سنڌي سنگتين جو اهو پروگرام ٿيو، اسان (مون، انيلا سندر ۽ سائين هيري) اُن هال جي ٻاهران بيهي ڪچهري پئي ڪئي. هيري اهو پروگرام پئي طئي ڪيو ته هو سڀاڻي مونکي منهنجي ڪانفرنس واري هنڌَ ’انڊيا هيبيٽاٽ سينٽر‘ (جيڪو هُوبهُو ڪراچيءَ جي ايڪسپو سينٽر جهڙو آهي ۽ ان جيان ئي دهلي شهرَ جي وچَ ۾ واقع آهي) تان شام جو ’پِڪ‘ ڪندو ۽ پوءِ اسان هيري جي گهر وينداسين. مون هيري کي چيو ته سڀاڻي اوهانجي گهر هلون نه هلون، پر مونکي ’آل انڊيا ريڊيو‘ ضرور وٺي هلو ۽ ان جو نشرگاهه ڏيکاريو. طئي اهو ٿيو جو سڀاڻي ’انڊيا هيبيٽاٽ سينٽر‘ کان مان پاڻ سڌو ڪا رڪشا پڪڙي ’آل انڊيا ريڊيو‘ پهچندس. جتي هيرو ايندو. مين گيٽ تي مونسان ملندو. پوءِ ريڊيو گهمي، ان بعد اسان سندس گهر وينداسي ۽ سانجهاندو اتي ڪنداسين. اهو پروگرام طئي ٿيڻ مهل ئي اتي ئي منهنجي سامهون هيري، آل انڊيا ريڊيي جي سنڌي سروس جي انچارج ’ريني ميراجا‘ سان ڳالهائي کيس ٻڌايو ته ”سڀاڻي سنڌ مان آيل هڪ مهمان توسان ملرائڻ لاءِ وٺي ايندس. تُون ڪائين لڳي ايندينءَ!؟“ ايئن هيري ٻئي ڏينهن اسانجي آل انڊيا ريڊيو جي دؤري جو انتظام ڪري ورتو.

ٻيو ڏينهن آچر 11 سيپٽمبر 2016ع مون لاءِ هڪ خواب وانگر هو. ’انڊيا هيبيٽاٽ سينٽر‘ (جتي منهنجي صحافتي ڪانفرنس پئي هلي) جي ٻاهران رڪشا وارن جي اسٽاپ تي پهچي چيم: ”آل انڊيا ريڊيو جانا هي…“ اها ڳالهه ڪنهن به رڪشا واري نه پئي سمجهي. ڇاڪاڻ ته ’آل انڊيا ريڊيو‘ کي ڀارت اندر سڀ ’آڪاشواڻيءَ‘ جي نالي سان سڃاڻندا آهن. ان جو نالو ’آل انڊيا ريڊيو‘ ملڪ کان ٻاهر وارن لاءِ اُچاريو ويندو آهي. هڪ آٽو واري کان پڇيم… ٻئي کان پُڇيم… ٽئين کان پُڇيم… سڀني چيو: ”پتا نهين… يه ڪون سي جگهه هي…“ مان حيران ٿي پيو چوانِ: ”ڪمال هي ڀائي، آپ ڪو آل انڊيا ريڊيو ڪا نهين پتا؟ اتني مشهور جگهه ڪا…!؟“ نيٺ هڪڙي رڪشي واري پنهنجي ساٿين کي چيو: ”ڀائي آڪاشواڻي ڀَوَن ڪا ڪهه رهي هونگي…“ تڏهن ڪل پيم ته ’آل انڊيا ريڊيو‘ جي نشرگاهه کي ملڪ اندر ’آڪاشواڻي ڀَوَن‘ چيو ويندو آهي، جيڪا ان جاءِ کان ڪا گهڻي پري ڪانه هئي. 10 منٽن اندر آل انڊيا ريڊيو جي گيٽ تي پهتس. جهٽ سوا ۾ ئي طئي ٿيل وقت تي هيرو ٺڪر اچي پهتو. مون سيڪيورٽي روم ۾ ئي سندس انتظار پئي ڪيو. هن رجسٽر ۾ مهمان طور پنهنجي هٿ اکرن سان منهنجي ’انٽري‘ ڪئي. هيرو ٺڪر آل انڊيا ريڊيي جو ئي رٽائرڊ ملازم آهي، تنهنڪري هتان جي هر ڪارڪنَ نه رڳو کيس سُڃاتو پئي، بلڪه ادب مان ’رام رام… نمشڪار‘ به ڪيو پئي. نشرگاهه جا ڪشادا ڪاريڊور گهمندا هڪ ڪاريڊور ۾ اڌڙوٽ عمر وارِي، 80 سيڪڙو چانديءَ ــ وارن سان ’جِينز‘ چوليءَ ۾ ملبُوس ايندڙ هڪ سنهڙي سيپڪڙِي پر ’گريس فُل‘ خاتون سان سامهان ٿياسين. اها ريني ميراجا هئي…سنڌي سروس جي تڏهوڪي انچارج (هاڻي اها به رٽائر ٿي چڪي آهي). ملڻ سان مونکي ’ادلَ‘ چئي مخاطب ڪيائين ۽ مون کيس ’دِيدي‘ چئي… اڪير سان ڀليڪار ڪيائين. ان ۽ هيري جي ساٿ ۾ لڳ ڀڳ سڄو براڊڪاسٽنگ هائوس گهميوسين… اهو اسٽوڊيو جتان گانڌي خطاب ڪندو هو… اهو اسٽوڊيو، جتي سائين جي ايم سيّد انٽرويو ڏئي چڪو آهي… ڊبنگ رُومس… ايڊيٽنگ ارينا وغيره…

آل انڊيا ريڊيي جي ڍاٻي نما ڪينٽين تي ’پيپر ڪَپس‘ ۾ شام جي چانهه جا ’اڌڙَ‘ پي، اندر ڪاريڊور ۾ آياسين ته ريني ميراجا، هيري کي چيو: ”ڇو نه اڄ ادلَ کان پنهنجي ٽرانسميشن ڪرايئُون!؟“ هيري چيس: ”پُڇ ياسرَ کان… جي ان کي اعتراض نه هجي ته…“ انڌو گُهري الله کان ڇا؟ ٻه اکيون! مان ڇو انڪار ڪيان ها! دراصل اهو آچر جو ڏينهن هو ۽ ڪنهن ڪمپئر نه هجڻ سبب ان ڏينهن سنڌي نشريات جي ميزباني رينيءَ کي پاڻ کي ڪرڻي هئي، جنهنڪري هن کي اهو سلاٽ مونکي آڇڻ ۾ دير نه لڳي! مون لاءِ اهو لمحو ڪنهن خواب کان گهٽ نه هو ته ان ريڊيي جي نشريات، جيڪا هزارين ڪلوميٽر پري ويهي ٻڌندي عجيب ڪيفيت ٿيندي هئي. اها اڄ آءٌ پاڻ ڪندس!؟

متعلقه اسٽوڊيو ۾ آياسين ڪمپيوٽر تي نشر ٿيندڙ مواد ’لائين اَپ‘ ڪري ڏنو ويو. اسڪرپٽ ڏنو ويو. جنهن ۾ مون پنهنجيءَ سهولت آهر ڪي لفظَ مَٽايا. مثال طور: ان اسڪرپٽ ۾ روز لفظَ ’وچُورَ‘ کي مونث ڪري اچاريو ويندو آهي. مون رينيءَ کي ٻڌايو ته اهو لفظ مذڪر آهي ۽ مون ان کي مذڪر طور ئي اُچاريو. وغيره. هي هڪ سپنو هو، جڏهن مون آل انڊيا ريڊيو جي دهلي اسٽوڊيو مان 11 سيپٽمبر 2016ع تي ويهي هي شبدَ اُچاريا (جيڪي اڄ به مون وٽ موجود اسڪرپٽ ۾ محفوظ آهن(:

”ميڊيم ويوز 12 سؤ 15 ڪلوهرٽز، ايف ايم 102 ڏهائي 6 ميگا هرٽز ۽ ’ڊِي آر ايم‘ يعني ’ڊجيٽل مونڊيال ريڊيو‘ 810 ڪلوهرٽز تي، هيءَ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس آهي. هيءَ آڪاشواڻيءَ جي سنڌي سروس آهي. (اهي ٻئي سٽون ڌار ڌار اُچاربيون آهن. هڪ ڀارت اندر موجود ٻڌندڙن لاءِ، ٻي عالمي ٻڌندڙن لاءِ!) هن ڪاريڪرم سان گڏ آءٌ آهيان ياسر قاضي. اسانجي هن مجلس جي نشريات موبائيل ائپ ’نيُوز آن ايئر‘ تي پڻ ٻڌي سگهجي ٿي. پيش ڪجي ٿو اسانجي اڄوڪي سنڌي نشريات ۾ شامل پروگرامن جو وچُور… هاڻي کان ٿوري دير پوءِ سڀني کان پهريان پيش ڪئي ويندي شهنائيءَ تي منگل ڌُن… جنهن کانپوءِ ڀڳت ڪنور رام جي آواز ۾ ڀَڄن پيش ڪيو ويندو. سياسي سماجي ٽپڻيءَ تي ٻَڌل پروگرام پيش  ڪيو ويندو: ’اڄ جِي ڳالهه‘… ان کانپوءِ اوهين ريٽا شاهاڻيءَ کان هڪ تقرير ٻڌي سگهندا. جنهن بعد سنڌي نغمن جا ريڪارڊ پيش ڪيا ويندا… هيءَ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس آهي. اچو ته ٻڌئُون: ’شهنائيءَ تي منگل ڌُن‘ “۽ پوءِ اها ڌُن آن ايئر ٿيڻ ويلَ سمجهو مان جتي هئس، اتي نه هئس. اها عجيب ڌُن، جيڪا جوانيءَ کان من ۾ عجب جولان برپا ڪندي هئي ۽ نرالي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪندي هئي… اڄ مان ان ڌُن کي پاڻ نشر ڪري رهيو هئس… اهو منهنجي براڊڪاسٽنگ جي ڪيريئر جي يادگار ترين لمحن منجهان هڪ لمحو هو. ان نشريات ڪرڻ دؤران مان ڪهڙي ڪيفيت مان پئي گذريس، ان جو اندازو نه هيري ٺڪُر کي هو، نه ريني ميراجا کي… (هنن جي نظرن ۾ مان هڪ عام ريڊيو پروگرام ڪري رهيو هئس) پر مان عجيب ڪيفيت ۾ پنهنجي پيشاوراڻي سفر جا اهي لمحا ماڻي عجب طرح سان سرشار هئس. سڀاڻي، پهرين آڪٽوبر تي جڏهن مان پنهنجي ريڊيو براڊڪاسٽنگ جي سفر جا 30 سالَ پُورا پيو ڪريان، تڏهن اهو ۽ ان جهڙا ڪجهه ٻيا يادگار لمحا ياد ڪري دل، تشڪر جي احساسَ ۾ شاد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.