استادن جو احتجاج، تعليمي عمل جاري رکي ممڪن بڻايو وڃي

تحرير: شوڪت لاشاري

تاريخ گواهه آهي ته جن قومن پنهنجن استادن کي عزت ڏني ۽ کين وسيلا فراهم ڪيا، اهي قومون ئي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي منزلون طي ڪري سگهيون۔ قومن جي ترقي ۽ سماجي شعور جي واڌاري ۾ استادن جو ڪردار ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿو۔ اهو ئي طبقو آهي جيڪو ايندڙ نسلن جي ذهني، اخلاقي ۽ عملي تربيت ڪري ٿو ۽ کين هڪ ڪارآمد ۽ ذميوار شهري بڻائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو۔ استادن جي محنت، اخلاص ۽ ڪردار معاشري جي مستقبل جي ضمانت آهي۔ تنهن ڪري انهن جي خدمت دراصل قوم جي خدمت آهي۔

رياست ۽ سماج جو فرض آهي ته اهي انهن  قوم جي معمارن جي جائز مطالبن کي عزت ۽ احترام سان ٻڌن ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده قدم کڻن۔ جيڪڏهن حڪومت تعليمي ادارن جو معيار بلند ڪرڻ چاهي ٿي ته سڀ کان پهرين استادن جا مسئلا حل ڪرڻ لازمي آهن۔ انهن جي مالي، انتظامي ۽ بنيادي ضرورتن جو خيال رکڻ کانسواءِ تعليمي نظام ۾ سڌارو ممڪن ناهي، پر ان سچائيءَ سان گڏوگڏ هيءَ حقيقت به پنهنجي جاءِ تي قائم آهي ته جيڪڏهن استاد احتجاج ۽ مطالبن جي طريقيڪار ۾ اهڙي حڪمت نه وٺن جنهن سان شاگردن جي تعليم متاثر ٿئي ته ان جو نقصان سڌو سنئون معاشري ۽ ايندڙ نسلن کي پهچي ٿو۔ خاص طور تي اهي صوبا يا علائقا، جيڪي اڳ ئي تعليمي پسماندگيءَ جو شڪار آهن، اتي اسڪولن جي تالا بندي ۽ تدريسي عمل جي بندش حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ٿي۔

سو ضروري آهي ته مطالبن لاءِ احتجاج ڪندي معزز استاد تنظيمن پاران اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي جنهن ۾ تدريسي عمل جاري رهي ۽ رڳو دفتري ۽ انتظامي معاملن کي نشانو بڻايو وڃي ، مثال طور استاد پنهنجن آفيسن يا انتظاميا جي مرڪزن ۾ تالا بندي يا علامتي احتجاج ڪري سگهن ٿا، پر ڪلاس رومز کي بند نه ڪن۔ اهي تدريسي عمل جاري رکندي سرڪاري آفيسرن کي سرڪاري خط، رپورٽون ۽ ٻيون ڪاغذي ڪارروائيون ڏيڻ کان انڪار ڪندي به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن ٿا۔ هن طريقيڪار سان نه رڳو شاگرد ۽ سندن والدين استادن سان همدردي ۽ حمايت جو اظهار ڪندا پر حڪومت تي به دٻاءُ وڌندو ته جيئن پرامن ۽  مؤثر احتجاج ڪندڙ استادن جا مسئلا حل ڪري ، استادن لاءِ اهو به ضروري آهي ته اهي پنهنجن تنظيمن جي پليٽفارم تان اهڙو لائحه عمل ترتيب ڏين جيڪو جمهوري ۽ آئيني دائري ۾ هجي ۽ عوامي همدردي حاصل ڪرڻ جو ذريعو به بڻجي۔

 اهڙو احتجاج جنهن ۾ سماج جي سڀ کان نازڪ طبقي يعني شاگردن کي نقصان نه پهچي، وڌيڪ ديرپا اثر ڇڏي ٿو ۽ عوامي حمايت به ملي ٿي ، حڪومت کي گهرجي ته اها نه صرف استادن جا مسئلا حل ڪري پر انهن لاءِ پيشاوراڻي ترقي  جا موقعا به فراهم ڪري۔ انهن جي پگهارن ۽ مراعات ۾ سڌارو آڻڻ سان گڏوگڏ تدريسي ماحول کي به جديد ضرورتن سان هم آهنگ بڻائي۔ جڏهن استاد معاشي طور مطمئن ۽ انتظامي طور بااختيار هوندو ته يقيناً تعليم جي ميدان ۾ به سڌارو ايندو، ان کان علاوه، تعليم کاتي کي به پنهنجي اندر سڌارا آڻڻ گهرجن۔ استادن جي ڪارڪردگي جانچڻ سان گڏوگڏ انهن جي رهنمائي لاءِ تربيتِي ورڪشاپس ۽ جديد تدريسي طريقن تي مشتمل پروگرام ترتيب ڏنا وڃن۔ شاگردن جي ڪارڪردگيءَ جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ استادن کي جديد ٽيڪنالاجي، تدريسي مواد ۽ تحقيقي موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي۔

 جيڪڏهن استاد پاڻ علمي ۽ پيشاوراڻي طور مضبوط هوندو ته هو شاگردن کي به بهتر ۽ جديد تعليم ڏئي سگهندو ، استادن کي به هيءُ ياد رکڻ گهرجي ته انهن جو پيشو رڳو نوڪري نه پر هڪ مشن آهي۔ هي اهو پيشو آهي جنهن ۾ قرباني، صبر ۽ ايثار جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هوندي آهي۔ جيڪڏهن استاد پنهنجا فرض خوش اسلوبي سان نڀائي، ايستائين جو مشڪل حالتن ۾ به شاگردن جي تعليم متاثر نه ٿيڻ ڏي، ته اهو سندس ڪردار ۽ اخلاقي عظمت جي علامت آهي،اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته استادن جو احترام ۽ انهن جي جائز حقن جي فراهمي حڪومت ۽ سماج ٻنهي جي گڏيل ذميواري آهي۔ ساڳئي وقت استادن جو هيءَ اخلاقي فرض به آهي ته اهي احتجاج ۽ مطالبن جا اهڙا طريقا اختيار ڪن جن سان نئين نسل جو مستقبل متاثر نه ٿئي۔ اسان سڀ استادن جي جائز مطالبن جا حامي آهيون پر ساڳئي وقت اهو به چاهيون ٿا ته تعليمي عمل بنا رڪاوٽ جاري رهي.

 اسڪولن جي تالا بندي ۽ تدريسي عمل جي بندش حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ٿي۔ سو ضروري آهي ته مطالبن لاءِ احتجاج ڪندي معزز استاد تنظيمن پاران اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي جنهن ۾ تدريسي عمل جاري رهي ۽ رڳو دفتري ۽ انتظامي معاملن کي نشانو بڻايو وڃي ، مثال طور استاد پنهنجن آفيسن يا انتظاميا جي مرڪزن ۾ تالا بندي يا علامتي احتجاج ڪري سگهن ٿا، پر ڪلاس رومز کي بند نه ڪن۔ اهي تدريسي عمل جاري رکندي سرڪاري آفيسرن کي سرڪاري خط، رپورٽون ۽ ٻيون ڪاغذي ڪارروائيون ڏيڻ کان انڪار ڪندي به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن ٿا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.