ملڪ جي سياست ۾ روزانو ڪا نه ڪا نئين ڪهاڻي جنم وٺي ٿي. اقتدار جا مزا ماڻيندڙ وڏيون پارٽيون اڪثر پنهنجا موقف بدلائينديون رهن ٿيون .عوام حيران ٿي وڃي ٿو ته اوچتو ڇا ٿي ويو….؟ تازو تڪرار پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد تي شدت اختيار ڪري ويو آهي. ٻنهي پارٽين پاران هڪٻئي خلاف بيانن ۽ پريس ڪانفرنسن جو سلسلو جاري آهي۔
ٻوڏ صورتحال جي متعلق پهرين ڏينهن کان اين ڊي ايم اي واضح ڪري ڇڏيو هو.ان جي باوجود پنجاب حڪومت پلاننگ نه هجڻ ۽بروقت انتظام ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. جنهن ڪري ايترو نقصان ٿيو.پر ن ليگ جي صوبائي حڪومت فوري طور پرمتحرڪ ٿي وئي هرهنڌ پهچي متاثرن جي مدد ڪئي. وفاقي .صوبائي وزير ۽ سڀ تنظيمون علائقن ۾ موجود رهيون. ٻئي طرف جيڪڏهن پ پ پ جي ڳالھه ڪئي وڃي ته گورنرپنجاب، ايم اين ايز ، ايم پي ايز ۽ سڄي پارٽي ٻوڏ دوران ڪٿي به نظر نه آئي.پوءِ انهن کي احساس ٿيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ساڻ ڪري ڪجهه ضلعن جودوروڪرايو۽ متاثرن ۾امداد ورهائي وئي.
مسلم ليگ (ن) جو موقف آهي ته متاثرن کي سڌي ريت امداد ڏني وڃي، جيئن اصل مستحق ماڻهو به فائدو وٺي سگهن جيڪي بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ناهن. سندن خيال ۾ جيڪڏهن امداد صرف ان پروگرام وسيلي ڏني ويندي ته ڪيترائي متاثر رهجي ويندا۔ ٻئي طرف وڏي وزير پنجاب مريم نواز بار بار اها پڪ ڏياري رهي آهي ته صوبائي حڪومت شروع کان متاثرن سان گڏ بيٺي آهي ۽ کين اڪيلو نه ڇڏيندي۔ پيپلز پارٽي جو موقف ان کان مختلف آهي۔ سندن چوڻ آهي ته ٻوڏ کان متاثر ٿيل آبادگارن لاءِ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ۽ مالي امداد رڳو بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڏني وڃي۔ پارٽي قيادت جو چوڻ آهي ته هي پروگرام صاف شفاف آهي، انهيءَ تحت ئي متاثرن کي مدد پهچائي سگهجي ٿي۔
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته وزيراعظم شهباز شريف عالمي ادارن کان امداد جي اپيل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وڏي وزير پنجاب مريم نواز جو هن معاملي تي ڪجهه مختلف موقف آهي۔ لڳي ٿو ڄڻ وزيراعظم ۽ وڏي وزير پنجاب هڪ صفحي تي ناهن۔ منهجي معلومات مطابق اختلاف رڳو امداد تائين محدود ناهي ان جي پويان ڪا ٻي ڪهاڻي به لڪل آهي؟ هي به ياد رکڻ گهرجي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي پيپلز پارٽي هميشه پنهنجي ڪاميابي طور پيش ڪندي آئي آهي، جڏهن ته ٻين پارٽين کي ان تي اعتراض رهيو آهي۔ ماضي ۾ تحريڪ انصاف به هن پروگرام کي ختم ڪرڻ بدران "احساس پروگرام” جي نالي سان نئون نظام آندو هو۔ هاڻي موجوده حڪومت ۾ به بحث جاري آهي ته ڇا هن پروگرام کي صوبن حوالي ڪيو وڃي يا موجوده شڪل ۾ برقرار رکيو وڃي۔
ذريعن موجب ڪجهه حلقا چاهين ٿا ته ان سلسلي ۾ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي، جيڪا اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين ترميم تي به اثرانداز ٿي سگهي ٿي۔ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پريس ڪانفرنس ۾ انهيءَ امڪان ڏانهن اشارو ڪيو هو ته جيڪڏهن وفاق ڪا تجويز آڻي ٿو ۽ اسانجي حوالي ڪري ٿوته پوءِ انهن تجويزن کي پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي آڏو پيش ڪيو ويندو۔
انهيءَ لحاظ سان چئي سگهجي ٿو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ بظاهر امداد جي طريقي ڪار تي اختلاف آهي، پر اصل ڪهاڻي شايد ڪجهه ٻي آهي، جيڪا وقت سان گڏ سامهون اچي ويندي۔
ڪجهه حلقا چاهين ٿا ته ان سلسلي ۾ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي، جيڪا اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين ترميم تي به اثرانداز ٿي سگهي ٿي۔ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پريس ڪانفرنس ۾ انهيءَ امڪان ڏانهن اشارو ڪيو هو ته جيڪڏهن وفاق ڪا تجويز آڻي ٿو ۽ اسانجي حوالي ڪري ٿوته پوءِ انهن تجويزن کي پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي آڏو پيش ڪيو ويندو۔انهيءَ لحاظ سان چئي سگهجي ٿو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ بظاهر امداد جي طريقي ڪار تي اختلاف آهي، پر اصل ڪهاڻي شايد ڪجهه ٻي آهي، جيڪا وقت سان گڏ سامهون اچي ويندي۔