اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ فيض آباد پُل ويجهو فضا ۾ لامارا ڏيندڙ 2 يو اي ويز (ڊرون) ايئر ڊفينس سسٽم ذريعي ناڪارا بڻايا ويا.
سينيئر سيڪيورٽي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته اسلام آباد جي حدن اندر هڪ شڪي ڊرون ڪِيرايو ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڊرون مقامي نوعيت جا هئا ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهي افغانستان کان آيا.
ذريعن موجب، ان واقعي کانپوءِ اسلام آباد ايئرپورٽ کي ڪجهه دير لاءِ اُڏامن لاءِ بند ڪيو ويو هو، جڏهن ته بعد ۾ ٻيهر کوليو ويو.
جمعي جي شام اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ فيض آباد پل وٽ فضا ۾ اُڏامندڙ 2 شڪي ڊرون کي ڪيرايا ويا، جنهن کانپوءِ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪي ڊرون ناڪارا بڻائي ڪيرايا ويا، جنهن کانپوءِ اسلام آباد جي هوائي حدن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو ۽ ايئرپورٽ تان اُڏامن جي اچ وڃ معمول موجب بحال ڪئي وئي.
ان حوالي سان پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي آپريشنل سببن جي ڪري ڪجهه دير لاءِ فلائيٽ آپريشن ۾ معمولي آپريشنل ايڊجسٽمينٽ ڪئي وئي هئي.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايئرپورٽ تي هاڻي هڙئي اُڏامون معمول موجب آپريٽ ٿي رهيون آهن ۽ مسافرن کي گذارش آهي ته هو پنهنجي فلائيٽس بابت ڄاڻ لاءِ لاڳاپيل ايئرلائن سان رابطو ڪن.
ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس جي ترجمان چيو ته شهر ڊرون ڪِرڻ واري واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ ثبوت گڏ ڪيا پيا ، جنهن کانپوءِ ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ گذريل ٽن هفتن کان سرحدي ڇڪتاڻ جاري آهي ۽ پاڪستان ايئر فورس گذريل ڏينهن به افغانستان جي مختلف شهرن تي هوائي حملا ڪيا هئا.
اسلام آباد جي هوائي حدن ۾ ٻه شڪي ڊرون ڪِيرايا ويا، ايئرپورٽ اُڏامن لاءِ بند: سيڪيورٽي ذريعا
You might also like