ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي قومپرستن، وڪيلن، اديبن ۽ دانشورن سميت پنجابي، پختون توڙي سرائيڪي اڳواڻن ھر محاذ تان سنڌ جي تحفظ جو اعلان ڪندي چتاءُ ڏنو آھي ته جيڪڏھن سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين سخت مزاحمت ڪئي ويندي.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ لائرز فورم جي سڏ تي ڇنڇر ڏينهن ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين وحدتِ سنڌ مارچ ڪيو ويو. هزارين ماڻهو سنڌ اسيمبلي ۾ نثار کهڙي واري رٿ پيش ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪندي، وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت توڙي نثار کهڙي خلاف نعرا هڻندا رهيا.
مارچ ۾ وڪيلن، شاگردن، دانشورن، اديبن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن سنڌ جي تاريخي، جاگرافيائي، سياسي ۽ انتظامي وحدت جي تحفظ ۽ درياهه سنڌ، سنڌ جي پاڻي، زمين، ساحل ۽ قدرتي وسيلن تي قبضي خلاف نعريبازي ڪئي.
مارچ جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي قائم مقام صدر روشن علي ٻرڙي، سنڌ بار جي اڳواڻ حسيب جمالي، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، ڪي بي لغاري، آفتاب خانزاده، خواجه نويد ايڊووڪيٽ، امير آزاد پنھور، علامه اياز قمي ٻين ڪئي.
مارچ ۾ مظهر مغل، غفار چانڊئي، خميسي خان، قمر مشواڻي، اعجاز سامٽيي، اعظم راجپر، منير حيدر شاهه، سھڻي پارس، لياقت جلباڻي، عوامي نيشنل پارٽي اڳواڻن بسم الله ڪاڪڙ حنيف شاهه، عاقب راجپر ايڊووڪيٽ، الاھي بخش بڪگ، ايڊووڪيٽ، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ، ايڊوڪيٽ رحمان ڪورائي، ايڊووڪيٽ فهيم ضياء، ايڊوڪيٽ فياض ميتلو ۽ سماجي اڳواڻ شيما ڪرماني سميت ٻيا سگواڻ به شريڪ ھئا.
مقررن خطاب ڪندي سنڌ کي نون صوبن يا انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ جي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته سنڌ جي وحدت تي ڪوبه ٺاھ نه ٿيندو.
اڳواڻن چيو ته سنڌ کي ڪنهن به نالي، فارمولي يا طريقي سان ورهائڻ جي ڪا به ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي. سنڌ جي انتظامي وحدت رڳو نقشي تي ليڪو نه آهي پر صدين تي ٻڌل تاريخي، جاگرافيائي، تهذيبي ۽ سياسي حقيقت آهي.
هنن چيو ته انتظامي يونٽن جي نالي تي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش رد ڪريون ٿا. نئين انتظامي يونٽ جو نعرو سنڌ جي وحدت تي حملو آهي. سنڌ هڪ تاريخي ۽ آئيني اڪائي آهي ۽ ان جي وحدت کي ڪمزور ڪرڻ نه رڳو سنڌ جي مفادن جي خلاف آهي پر ملڪ جي سالميت ۽ وفاقي نظام لاءِ به خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
مقررن چيو ته 1940ع جي قرارداد لاهور جي بنيادي تصور کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان هڪ گهڻ-قومي وفاق آهي جنهن جي مضبوطي باهمي احترام، آئيني بالادستي، صوبائي خودمختياري ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورهاڱي ۾ آهي. زبردستي سان رياستون ۽ وفاق نٿا هلي سگهن.
هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ورهاست يا نون صوبن بابت سازش ۾ ملوث عنصرن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 سميت قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي.
مقررين حڪومت کي خبردار ڪيو ته سنڌ جي ورهاست، نون صوبن يا نون انتظامي يونٽن جي نالي تي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کان فوري طور باز اچي وڃي. اهو به واضح ڪيو ته هي جدوجهد ڪنهن ٻولي يا برادري جي خلاف ناهي. سنڌ ۾ رهندڙ سڀ شهري جيڪي سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا، اهي هن ڌرتي جا برابر جا وارث آهن.