عامر نواز وڙائچ شهيد بشير خان قريشي جو شعر پڙهي جيئي سنڌ جا نعرا هڻائي ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايس يو پي پاران سنڌ ۾ نون صوبن جي امڪاني سازش خلاف وحدت سنڌ مارچ ڪڍيو ويو.

ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين نڪتل پيادل مارچ ۾ سنڌ جي مختلف سياسي سماجي پارٽين، وڪيلن، پنجابي، پٺاڻ ۽ سرائيڪي اڳواڻن سميت هزارين سنڌ جي ماڻهن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي پريس ڪلب اڳيان ڪيل وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ خطاب ڪندي شهيد بشير خان قريشي جو شعر ”ڪيڏو به چاهي دشمن منهنجو ڊاهي نه سگهندو نقشو سنڌو، ڪرندو رهندو رت اسانجو چوندو رهندو جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ چئي عوامي سمنڊ کان جيئي سنڌ جا نعرا هڻائي ڇڏيا.

You might also like