دادو جي ڪچي ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا مارجي ويا

دادو(ويب ڊيسڪ)ڪچي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ، 8 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس موجب ٻنهي برادرين وچ ۾ زمين جو تڪرار هلندڙ هو ۽ رستو ڪڍڻ تان جهيڙو ٿيو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڳوٺ دانو چانڊيو ۾ فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي قيمتي انساني جانيون زيان ٿيڻ تي افسوس ۽ وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو.

وڏي وزير آءِ جي پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن کي فوري طور قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.

مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

You might also like