اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مقرر مدي کان اڳ 1200 ارب رپين جو قرض ادا ڪري ڇڏيو، جيڪا هن وقت تائين هڪ ئي ڀيري قرض جي سڀ کان وڏي اڳواٽ ادائيگي آهي.
مقرر مدي کان اڳ ادا ڪيل قرضن جو گڏيل حجم وڌي 5 هزار 920 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.
ناڻي واري وزارت قرضن جي اڳواٽ ادائيگي کي فعال قرض انتظامڪاري ڏانهن اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان ٻيهر قرض حاصل ڪرڻ جو خطرو ۽ مستقبل ۾ ادائيگين جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو، جڏهن ته سرڪاري ماليات مضبوط ٿيڻ سان معيشت لاءِ وڌيڪ مالي گنجائش پيدا ٿيندي.
ناڻي واري وزارت موجب پاڪستان قرض جي مد ۾ سڀ کان وڏي 1200 ارب رپين جي اڳواٽ ادائيگي ڪري ڇڏي آهي.