78 سالن کان ٺڳي ٿي آهي، سنڌ مستقبل وطن جي معاهدي سان ملڪ ٺاهيو هو: مولانا اياز قمي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ وحدت سنڌ مارچ کي خطاب ڪندي مولانا اياز قمي چيو ته سنڌ خلاف ڪا به سازش قبول ناهي.

هي ملڪ اسلام جي نالي تي ٺاهيو ويو، جن ٺاهيو هو، انهن سان گذريل 78 سالن کان ٺڳن، ٺڳي ڪئي آهي.

مولانا اياز قمي خطاب ۾ چيو ته الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته جيڪو معاهدن تان ڦري وڃي اهو منهنجي لعنت جي زَد ۾ آهي، اسلام آباد معاهدي تان ڦري وئي آهي.

هن جو چوڻ هو ته زنده ۽ غيرتمند قومون پنهنجي جنازن کي به ناهن وسارينديون، سنڌ جي وڪيلن اڄ برطانيا جي شهنشاهه کي به سورهيه بادشاهه جي ڏوهه ۾ ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو آهي، اسلام آباد کي چتاءُ ٿو ڏيان ته جيڪي پيرا اسانجي وڪيل برادري کنيا آهن ان مان توهان سمجهو ته اسان جي آڏو توهان جو پيءُ برطانيا به ڪجهه ڪونهي ته اوهان ڪير ٿيندا آهيو؟

هن وڌيڪ چيو ته اسان اسلام آباد سان معاهدو ڪيو هو ته اسانکي آزاد فيڊريشن کپي، سنڌ اسانجو مستقل وطن آهي، جنهن تان ڦري سنڌ سان ڌوڪيباري ڪئي وئي آهي، اسان معاهدي ۾ سنڌ جي ورهاست، تيل، ڪوئلي ۽ ٻين ذخيرن جي ڦرلٽ جي ڪا به ڳالهه نه ڪئي هئي، اهي اسلام جا پيروڪار نه پر وقت جا يزيد آهن.

هن سنڌ اسيمبلي جي ايم پي ايز کي گذارشن ڪندي چيو ته جنهن ڏينهن اسيمبلي ۾ سنڌ جي وحدانيت خلاف ڳالهه ٿئي ته توهان نثار کهڙي جي  ڪنهن بحث واري رٿ کي ٿڏي فوري طور تي اسيمبلي مان نڪري اچي سنڌ جي غيرتمند پُٽ هجڻ جو ثبوت ڏجو.

مولانا اياز قمي عالم دين کي گذارش ڪندي چيو ته مسجد ۾ پنهنجي جماعتين ۽ ٻارن کي سنڌ جي مسئلن بابت آگاهي ڏيو، دين قوم جي بقا سوشل ڪانٽيڪٽ جو نالو آهي.

عالم دين مولانا اياز قمي خطاب دوران سنڌ ورهائيندين پادر کائيندين جا نعرا هڻايا.

You might also like