سال ڏيڍ اڳ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪنهن پريس ڪانفرنس يا ڪنهن پروگرام ۾ صحافين سان ڳالهائڻ دوران سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪامران ٽسوري کان سوال ڪندي پڇيو هو ته ڇا اوهين سنڌ جي سموري عوام ۽ علائقن جهڙوڪ ڪنڌڪوٽ کان ابراهيم حيدري، جمع ڳوٺ، واهي پانڌي وغيره جا به جا گورنر آهيو يا وري لالو کيت، ڪورنگي ، اورنگي ۽ ناظم آباد جا؟ جنهن تي هن جواب ڏيندي چيو هو ته هو سڀني جو گورنر ۽ وفاق جو نمائندو آهي. مون سميت اتي موجود سواءِ ٽسوري جي ڇاڙتن جي باقي ٻين صحافين سڀ سمجهي ورتو هو ته موٽر سائيڪل جي ڦر کان وٺي ڪيترن ئي ٻين الزامن هيٺ آيل ملڪ تي قابض حڪمرانن ۽ سنڌ جي شهيدن جي جاگيردار جمهوريت ۽ دهشتگردن جي ڳٺ جوڙ جي نتيجي ۾ ڪامران ٽسوري گورنر ته ٿي ويو، پر هن اهو ثابت ڪيو ته هو هو ان عهدي، ڪرسيءَ تي ويهڻ جي لائق نه هو. هن جي هلڪڙي طبعيت ۽ سطحي ذهنيت ثابت ڪيو ته هو اورنگي ۽ ڪورنگي جي ڪيرم بورڊ جي راند ڪندڙ آواره ڇوڪرو هو ، جنهن کي غالب، مير تقي مير، جون اوليا، بانو قدسيه، خالد معين يا پيرزاده سلمان، زاهدا حنا، پيرزاده قاسم جهڙن اردو ٻوليءَ جي اديبن سان لڳاءُ رکڻ ۾ دلچسپي نه هئي، نه ئي هن جي مزاج ۾ سنڌي ٻوليءَ، ادب، شاعري، فن ۽ ثقافت سان قربت هئي.
هن سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ مخصوص ٽولي ۽ دهشتگردن لاءِ نه فقط گورنر هائوس جا دروازا کولي ڇڏيا پر ڪراچي تي قبضي جي لاءِ تبليغ ڪرڻ ۽ اردو آبادي کي گمراهه ڪرڻ جي سازش تي ڪم پڻ ڪيو، جنهن ڪري امن ۽ ڀائپي ۽ رواداري واري رستي تي سفر ڪندڙ ڪراچي ۾ گمرائي ۽ نفرت ايتري ته وڌي وئي جو هن جي ڪري ڪافي سنڌي آباديءَ طرفان اردو آباديءَ کي واپس ڀارت موڪلڻ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون. ڪامران ٽيسوري کي به خبر هئي ته ڪراچي سنڌ جي شاهه رڳ آهي، اها ڪٽجي نه ٿي سگهي ۽ جن کيس پنهنجن ذاتي سياسي مفادن لاءِ ملڪ تي قابض مالڪن، پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سميت استعمال ڪيو،
هاڻي انهن ئي هن مان هٿ ڪڍي ڇڏيا، گورنر هائوس تي لڳل گهنڊ ،هن جي خرچ تي پلجندڙ مخصوص صحافي، روزو پارٽين ۽ ٽڪي پئسي جي خيرات ڪم نه آئي، جيڪڏھن ٽسوري بردبار، سياسي طور تربيت ورتل ۽ دهشتگردن جو ساٿي نه هجي ها، ماضيءَ جي انهن وڏن عهدن تي ويٺل بشمول لياقت علي، اسڪندر مرزا، ايوب، يحييٰ، ذوالفقار علي ڀٽو، ضياءَ الحق، عمران خان، الطاف حسين، نواز شريف وغيره جهڙن ڪردارن جي انجام مان سبق سکي ڪنهن جي هٿن ۾ کيڏڻ بدران پنهنجي طبعيت ۾ عهدي جو توازن پيدا ڪري ناظم آباد ،گلبرگ جي خاص طبقي سان گڏ ڪشمور، جوهي، بدين ۽ ٿر جي وڏيرڪي جمهوريت جي قيدي عورت مرد غلامن جي عذابن ۽ اذيتن لاءِ گورنر هائوس جا ڪجهه دروازا کولي ڏئي ها، سنڌي ادب، ٻولي، اديبن، فنڪارن جي به سنڀال لهي ها، پر هاڻي جڏهن هن جي جاءِ تي نواز ليگ جو آزمايل ڪارڪن لڏي کان پنهنجي سفر ۾ نه ٿڪجندڙ نهال هاشمي سنڌ جو گورنر ٿي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارو آهي، تڏهن سنڌ جو عوام هن مان پهرين اميد اها رکي ٿو ته هو سڀ کان اول گورنر هائوس جي سياسي ۽ روحاني صفائي ڪرائي در تي لڳل مغل اعظم وارو گهنڊ لاهي ڦٽو ڪري ڪري، افطار پارٽين ۽ خيرات ورهائڻ ۽ ٻين اهڙن عملن ۾ لالو کيت کان اورنگي تائين رهندڙ غريب عورتن، ٻارن ۽ مردن کي گورنر هائوس تي ڌڪن ٿاٻن واري ذلالت ڏيڻ بدران روزگار ۽ تعليم جي پروگرامن تي سنجيده طور عمل ڪندي انهن پروگرامن ۾ جمع ڳوٺ، ريڙهي ڳوٺ، لياري سميت ٻين ڏتڙيل علائقن کي شامل نه ڪري، ان ڪري هاڻي نئين گورنر کي ڪامران خان جي دور ۾ تعصب جي بنياد تي نظرانداز سنڌي آبادي سميت ٻين آبادين کي اوليت جي بنياد خاص ڌيان ڏنو وڃي، مهاجر نالي جي آڙ ۾ غريب ريڙهي هلائيندڙ پورهيتن ،بي روزگار نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي.
سنڌي اردو اديبن ۽ فنڪارن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي، نهال هاشمي جو نالو گورنر لاءِ يقينن پارٽي جي مٿان ڏکين وقتن ۾ گڏ رهڻ ۽ ثاقب نثار جي عتاب ۽ سزا ۾ آزمائشن ۾ آزمايل ڪارڪن ڪري مٿي آيو آهي، هن کان اڳ به هو نواز شريف جي وزيراعظم جي دور ۾ هن جو قانوني صلاحڪار رهي چڪو آهي، هن کي ان ڪري ڪافي تجربو به آهي ۽ ڪامران ٽسوري جو تازو انجام به هن جي سامهون موجود آهي، اهڙي وقت ۾ هن کي سنڌ جي تخت گاهه جي وڏي گهر گورنر هائوس ۾ ويهڻ جو اعزاز ملي رهيو آهي، ان ڪري سنڌ جي عوام ۽ سنڌي ميڊيا جي انهن مطالبن تي به ڌيان ڏيڻو پوندو ته گورنر هائوس ۾ سنڌي ملازمن جو تعداد نه هئڻ برابر آهي، ان جو توازن قائم ڪيو وڃي، گورنر هائوس مان ڪوبه سنڌي ٻوليءَ جو هينڊ آئوٽ نه ٿو ڪري ان لاءِ هڪ سنڌي پي آر او جي به ضرورت آهي، گورنر هائوس ۾ سنڌي اديبن، دانشورن، سنڌي مشاعرن ،فنڪارن، نوان جتوئي سميت سنڌ جي ٻين علائقن جي عوام جي لاءِ بند دروازا کولڻا پوندا.
گورنر هائوس ۾ معتبر اردو دانن غازي صلاح الدين، پروفيسر توصيف احمد، ڊاڪٽر جعفر احمد سميت اهڙن لاتعداد معتبر اردو ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ دانشورن کي انهن جي گهربل اهميت احترام ۽ عزت ڏيڻي پوندي، جيڪا اردو ۽ سنڌي آباديءَ جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن، نهال هاشمي اوهان ڪراچي پريس ڪلب به ايندا رهيا آهيو، ٻين صحافين سان به اوهان جي ويجهي دوستي رهي آهي، اوهان ڪافي صحافين ۽ صحافتي ادارن کان واقف رهيا آهيو، يقينن اوھان کي اها به خبر هوندي ته ڪامران ٽسوري وٽ ڪيترن ئي جي ڳچين ۾ پٽو وڌو هو ۽ گورنر هائوس جي پي آر او سنڌي ميڊيا ۽ صحافين کي ڪيئن نظر انداز ڪيو هو، هاڻي اوھان کي ان جو ازالو ڪرڻو پوندو ۽ عملي طور سموري سنڌ جو پاڻ کي سنڌ جو گورنر ثابت ڪرڻو پوندو.