ايران جنگ جي آخري ڏينهن آمريڪا ۾ ڇا ٿيندو؟ مشهور پروفيسر وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

چين جي مشهور پروفيسر شوڪن جيانگ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري جنگ جي پڄاڻي بابت نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
شوڪن جيانگ کي دنيا ۾ ”چين جو نوسٽراڊيمس“ سڏيو ويندو آهي ۽ هو ماضي ۾ ڪيترين عالمي اڳڪٿين بابت صحيح ثابت ٿي چڪو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پروفيسر جيانگ چيو آهي ته آمريڪا جو اصل مقصد رڳو ايران کي شڪست ڏيڻ ناهي، پر مارچ 2027 تائين مڪمل زميني حملي جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ آهي ته ٽرمپ هن جنگ کي پنهنجي سياسي طاقت مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو.
پروفيسر جيانگ خبردار ڪيو آهي ته آمريڪي فوج ايڪويهين صدي جي ”ايسيميٽرڪ وارفيئر“ لاءِ مڪمل طور تي تيار ناهي.
هن تاريخي مثال ڏيندي چيو ته 415 قبل مسيح ۾ اٿينس جي سگهاري فوج پنهنجي دشمنن کي گهٽ سمجهڻ سبب تباهي جو منهن ڏٺو هو.
شوڪن جيانگ اها به اڳڪٿي ڪئي آهي ته جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿي وئي ته ٽرمپ ”ايمرجنسي وار پاورز“ استعمال ڪري صدارتي چونڊون ملتوي ڪري سگهي ٿو ۽ اقتدار جي ٽئين دور لاءِ رستو ڪڍي سگهي ٿو.
آمريڪي آئين جي 22هين ترميم باوجود، هنگامي حالتن ۾ هو ڊگهي عرصي تائين صدر رهڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو، جيئن فرينڪلِن ڊي روزويلٽ ڪيو هو.
پروفيسر شوڪن جيانگ ٻه سال اڳ پنهنجي يوٽيوب ولاگ سيريز ”دي ايران ٽريپ“ ۾ اڳ ئي اها اڳڪٿي ڪري چڪو هو ته ٽرمپ ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ايران سان سخت جنگ شروع ڪندو ۽ جوهري صلاحيتون ختم ڪرڻ لاءِ فوجي طاقت جو ڀرپور استعمال ڪندو.
سندس چوڻ آهي ته ٽرمپ هن جنگ کي ”جمهوريت جي بحالي“ ۽ ”دهشتگردي جي خاتمي“ جي نالي تي جائز قرار ڏيندو.
واضح رهي ته ماضيءَ ۾ شوڪن جيانگ جون ڪيتريون اڳڪٿيون صحيح ثابت ٿي چڪيون آهن، ايستائين جو جنگ شروع ٿيڻ جو سبب به سندس بيان موجب سامهون آيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.