تيل، طاقت ۽ جنگ: اولهه ايشيا جو بحران ۽ عالمي نظام جو مستقبل

محمد احسان لغاري

2026ع جي شروعات ۾ عالمي سياست ۽ جنگي حڪمت عملي پوري دنيا کي ڏڪائي ڇڏيو آهي. اولهه ايشيا ۾ تيزيءَ سان بدلجندڙ صورتحال، خاص طور تي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي ٿيندڙ حملن ۽ ان جي نتيجي ۾ تهران پاران مختلف محاذن تان جوابي ڪاررواين، خطي کي هڪ اهڙي باهه جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جنهن جا اثر رڳو سرحدن تائين محدود ناهن. اڄوڪي دور جي اها ويڙهه ثابت ڪري ٿي ته جديد جنگي حڪمت عملي عالمي توانائيءَ جي سياست ۽ تيل جي وسيلن کان ڪنهن به صورت ۾ ناهي. جڏهن اسان ميزائلن جي تباهي ۽ ھوائي حملن جو تماشو ڏسون ٿا، تڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن جو 100 ڊالر کان مٿي وڃڻ اسان کي ٻڌائي ٿو ته عالمي معيشت جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل جنهن ’ آبنائي هرمز‘ مان گذري ٿو، تنهن سوڙھي سامونڊي گس جي ڪيتري  نه  وڏي اھميت آهي. هي صورتحال تيل، طاقت ۽ انسانيت جي وچ ۾ جاري هڪ تاريخي ۽ پيچيده ويڙهه جو نئون باب آهي.

هن بحران جي سڀ کان ڏکوئيندڙ حقيقت اها آهي ته ان جي انساني قيمت لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ هولناڪ آهي. آڪٽوبر 2023ع کان غزا ۾ شروع ٿيل جنگ ۾ انساني حقن جا سمورا عالمي قانون ۽ اخلاقي دعوائون بي معنيٰ نظر اچن ٿيون. اڄ تائين، غزا جي صحت اختيارين موجب، ستر هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ هڪ لک ستر هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، جن ۾ گھڻائي عورتن ۽ ٻارن جي آهي. پوريون وسنديون ميساريون ويون آهن، اسپتالون ڍير بڻجي چڪيون آهن ۽ امدادي رستن جي بندش سبب لکين ماڻهو بک ۽ بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن. اها بربريت ڏيکاري ٿي ته اسان جنهن کي جديد دور چئون ٿا، سو حقيقت ۾  ’اونداهي وارو دور‘ ئي آھي؛  فرق صرف ايترو آهي ته هاڻي تباهي آڻيندڙ اوزار وڌيڪ جديد ۽ خطرناڪ ٿي ويا آهن. دنيا تماشائي ٿي رڳو ڏسندي رهي آهي، جيڪو انسانيت جي مستقبل تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي.

هن پيچيده صورتحال کي سمجهڻ لاءِ اسان کي جنگ جي قديم ۽ جديد فلسفي تي غور ڪرڻو پوندو. اڻويهين صديءَ جو مشهور جنگي ماهر ڪارل وون ڪلازويٽس چيو هو ته جنگ سياست جو ئي تسلسل آهي، پر ان جا طريقا الڳ هوندا آهن. ڪلازويٽس جي نظر ۾ جنگ ڪا اتفاقي ڪارروائي ناهي، پر اها رياستن پاران پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جو هڪ رٿيل ۽ منطقي ذريعو آهي. صنعتي دور کان وٺي اڄ تائين اهي سياسي مقصد اسٽريٽجڪ وسيلن، خاص ڪري تيل تي قبضي سان جڙيل آهن. تيل اها قوت آهي جيڪا جديد فوجي مشينري، هوائي جهازن، بحري ٻيڙن ۽ بڪتربند فوجن کي چرپر ۾ رکي ٿي. تنهن ڪري، وچ اوڀر جي تيل جي کوهن ۽ اهم سامونڊي رستن تي قبضو ڪرڻ دراصل عالمي سياست ۾ پنهنجو اثر رسوخ ۽ برتري قائم رکڻ جي برابر آهي. اڄوڪي دؤر جي جنگ ۾ به رياستون تيل جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ يا دشمن جي رسد لائن کي ڪٽڻ لاءِ ئي سڀ کان وڌيڪ طاقت استعمال ڪن ٿيون. پر فرانسيسي فلسفي مشيل فوڪو، ڪلازويٽس جي ان نظريي کي ابتو ڪري پيش ڪندي هڪ نئين سوچ ڏني. فوڪو موجب، دراصل سياست پاڻ جنگ جو ئي هڪ تسلسل آهي. هن جو مطلب هو ته طاقت جي ويڙهه ڪڏهن به ختم ناهي ٿيندي؛ اها امن يا سفارتڪاريءَ جي لباس ۾ به هلندي رهندي آهي. توانائيءَ جي سياست ان جو سڀ کان وڏو مثال آهي. عالمي سطح تي تيل جي پيداوار، قيمتن جو مقرر ڪرڻ ۽ ان جو واپار هڪ اهڙو مقابلو آهي، جتي سئيز ڪينال يا باب المندب جهڙن سامونڊي رستن تي ضابطو رکڻ سان ڪنهن به طاقت کي عالمي معيشت تي قبضو ملي ويندو آهي. ان ڪري خليجي خطو رڳو توانائيءَ جو مرڪز ناهي، پر اهو عالمي طاقتن جي هڪ اهڙي لڪل ويڙهه جو ميدان آهي، جتي معاشي پابنديون، عالمي بئنڪنگ سسٽم تان ڪنهن ملڪ جو نالو ڪٽڻ ۽ فوجي صفبندي سڀ هڪ ئي جنگ جو حصو آهن

سياسي ماهر ميري ڪالڊور پاران پيش ڪيل ”نئين جنگ“ جو تصور هن وقت جي صورتحال کي اڃا وڌيڪ واضع ڪري ٿو. ماضيءَ جي روايتي جنگين ۾ ٻن رياستن جون فوجون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هونديون هيون، پر ميري ڪالڊور موجب اڄوڪي دور جون جنگيون ”نيٽ ورڪڊ/ واڻيل ڄار“ آهن. انهن ۾ رڳو رياستي فوجون ناهن، پر ان ۾ مختلف مليشيا، خانگي گروهه، پراڪسي قوتون ۽ غير رياستي اداڪار شامل آهن. لبيا، شام، عراق، افغانستان، يوڪرين ۽ ھاڻ ڪنھن حد تائين اولهه ايشيا جو ھاڻوڪو بحران ان ئي ڳنڀرتا کي ظاھر ڪري ٿو۔ انهن ”نئين جنگين“ ۾ هڪ خاص قسم جي جنگي معيشت جنم وٺي ٿي، جتي جنگي گروهه تيل جي اسمگلنگ، وسيلن جي ناجائز قبضي ۽ اغوا جي رقم ذريعي پنهنجي مالي گهُرجون پوريون ڪندا آهن. هن ڏَس ۾ تيل رڳو هڪ اسٽريٽجڪ مقصد ناهي، پر اها ويڙهه کي سالن تائين جاري رکڻ واري مالي سگهه پڻ آهي.

جديد دور جي جنگ جو سڀ کان هاڃيڪار پاسو عام شهرين جي وڌندڙ غير محفوظ صورتحال آهي. قديم زماني جي جنگين ۾ اڪثر فوجي محاذ تي هڪ ٻئي سان وڙهندا هئا، پر ميري ڪالڊور موجب هاڻوڪي دور ۾ عام شهري ئي جنگ جو سڀ کان وڏو نشانو بڻجن ٿا. غزا جي تباھي ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي، جتي لکين ماڻهو بي گهر ۽ هزارين موت جو شڪار بڻيا آهن. اسپتالن، اسڪولن ۽ رهائشي علائقن تي حملا اهو ثابت ڪن ٿا ته هاڻي شهر ئي جنگ جا ميدان بڻجي ويا آهن. ان کي ”اربي سائڊ“ يعني شهرن جو قتلِ عام سڏيو وڃي ٿو. جڏهن گهر، اسڪول، يونيورسٽيون ۽ تاريخي ماڳ ميساريا وڃن ٿا، ته ان جو مقصد رڳو دشمن کي شڪست ڏيڻ ناهي هوندو، پر هڪ قوم جي سڃاڻپ ۽ ان جي جياپي جي اميد کي ختم ڪرڻ هوندو آهي. ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل تي حملا ۽ سندن ليڊرن جا بيان پڻ ان حڪمت عملي جو اگھاڙو اظھار آھي۔   سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ معصوم انسانن جي رت جي هولي کي هڪ حڪمت عملي طور استعمال ڪرڻ جديد دنيا جي سڀ کان وڏي ناڪامي آهي.

پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ اهي پري جون جنگيون رڳو اخبارن جي سرخين يا ٽي وي جي خبرن تائين محدود ناهن، پر اهي اسان جي معيشت تي سڌو ۽ سخت اثر انداز ٿين ٿيون. پاڪستان، جيڪو پنهنجي توانائيءَ جي ضرورتن لاءِ گهڻي حد تائين ٻاهران گهرايل تيل ۽ گئس تي ڀاڙي ٿو، تنهن لاءِ اولهه ايشيا ۾ ٿيندڙ ڪا به ڇڪتاڻ مهنگائيءَ جو هڪ نئون طوفان آڻي ٿي. تيل جي قيمتن ۾ ٿوري واڌ به ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ، بجلي، زراعت ۽ عام واهپي جي شين کي مهانگو ڪري ڇڏي ٿي، پر اسان وٽ ته سترھن سيڪڙو جي ڪاپاري واڌ ٿي چڪي آھي. پاڪستاني عوام، جيڪو اڳ ئي معاشي بدحالي ۽ بيروزگاريءَ سان وڙهي رهي آهي، تنهن لاءِ عالمي توانائي جي رستن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪا به رڪاوٽ زندگي گذارڻ کي محال ڪري ڇڏي ٿي. ان ڪري، هي رڳو هڪ علائقائي تڪرار ناهي، پر هڪ اهڙو عالمي بحران آهي جنهن جو اثر هزارين ميل پري رهندڙ عام ماڻهوءَ جي رويي ۽ ان جي بقا جي ويڙهه تي به پوي ٿو.

اولهه ايشيا جو هي بحران اسان کي ڪجهه بنيادي سبق سيکاري ٿو. پهريون سبق اهو آهي ته عالمي برادري کي انساني حقن جي نالي تي جاري ٻٽي معيار کي هاڻي ختم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اڄ غزا ۾ جاري قتلِ عام کي نه روڪيو ويو، ته پوءِ مستقبل ۾ ڪنهن به طاقتور رياست کي ڪمزور قوم کي ميسارڻ کان روڪڻ ناممڪن ٿي پوندو. ٻيو ايران جي شھرين تي لڳاتار حملا ۽ جوابي حملا انسانن کي ئي مٽائي رھيا آھن، جنھن کي عالمي امن لاءِ شديد ڇيھو سمجھي گڏجي روڪڻ ئي سمجھ ڀريو عمل آھي۔ ٽيون سبق پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ آهي ته انهن کي پنهنجي بقا لاءِ توانائي جي عالمي سياست ۽ تيل جي محتاجيءَ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو. اسان کي متبادل توانائيءَ جي وسيلن، جهڙوڪ شمسي ۽ هوائي توانائي، ڏانهن وڌڻو پوندو ته جيئن اسان جي معيشت عالمي طاقتن جي جنگين جي يرغمال نه بڻجي.

اولهه ايشيا جو موجوده بحران اهو واضع ڪري ٿو ته جنگ جو فلسفو ۽ انداز وقت سان گڏ بدلجي چڪو آهي. ڪلازويٽس، فوڪو۽ ميري ڪالڊور جا نظريا اسان کي اها حقيقت سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا ته جيستائين عالمي معيشت جو ساهه تيل جي وسيلن ۾ اٽڪيل هوندو، تيستائين طاقت جي اها راند ۽ تشدد جو اهو سلسلو جاري رهندو. غزا کان وٺي خليج تائين پکڙيل هيءَ انساني الميو رڳو هڪ علائقائي تڪرار ناهي، پر اهو توانائي، طاقت ۽ تشدد جي ان گهري ۽ پراڻي رشتي جو عڪاس آهي، جيڪو جديد عالمي نظام جي بنيادن ۾ شامل آهي. تيل جي سياست انسانن کي رڳو هڪ انگ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، جتي قيمتن جو وڌڻ انساني جانين جي وڃڻ کان وڌيڪ اهم سمجهيو وڃي ٿو. هي بحران اسان کي اھو سوچڻ جو سڏ ڏئي ٿو ته ڇا اسان واقعي هڪ مهذب دنيا ۾ رهون ٿا يا وري هڪ اهڙي دور ۾ موٽي آيا آهيون جتي رڳو طاقتور کي جياپي جو حق حاصل آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.