واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جو چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي صحيحون جمعي جي ڏينهن سوئيٽزرلينڊ ۾ ڪيون وينديون.
هڪ انٽرويو دوران هن ٻڌايو ته ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر محمد باقر قاليباف به موجود هوندا.
جي ڊي وينس موجب، معاهدي جا ڪيترائي معاملا اڃا طئي ٿيڻا آهن، پر آمريڪا کي اميد آهي ته آبناءِ هرمز وارو سامونڊي لنگهه عرصي تائين بنا ڪنهن رنڊڪ جي کليل رهندو.
ٻئي پاسي ايران جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آهي ته اڃا اهو واضح ناهي ته ايران طرفان معاهدي تي صحيح ڪير ڪندو.
هن واضح ڪيو ته ايران ٽول وصول ڪرڻ جو خواهشمند ناهي، پر هو خدمتون مهيا ڪرڻ جي خرچن جي اوڳاڙي ضرور ڪندو.
You might also like