بهادر ناري، قومي شعور ۽ جدوجهد جي علامت سعيده گوپانگ

ولي ناريجو

سنڌ جي بهادر، باهمت، باوقار ۽ قومي شعور سان سرشار ناري، سعيده گوپانگ جو ڪالهه جنم ڏينهن هو. سعيده گوپانگ انهن عورتن مان آهي، جن پنهنجي زندگي صرف ذاتي خواهشن تائين محدود نه رکي، پر قومي حقن، سماجي انصاف ۽ عورتن جي آزاديءَ جي جدوجهد کي پنهنجي وجود جو حصو بڻايو. هن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات نوجوان ناري طور عوامي تحريڪ کان ڪئي، جتي هن قومي سجاڳي، عوامي حقن ۽ ترقي پسند سوچ جي واڌاري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وقت سان گڏ سندس سياسي شعور، فڪري پختگي ۽ عوام سان وابستگي کيس هڪ منفرد سڃاڻپ عطا ڪئي.

سندس شخصيت ۾، فڪر، همت، ارادن ۽ پنهنجي قوم سان بي لوث محبت ۾ سمايل هوندي آهي. سنڌ جي خوشحالي، آزادي، ترقي ۽ سنڌي عوام جي ڀلائيءَ جا خواب هميشه سندس اکين ۾ روشن رهيا آهن، ۽ انهن خوابن جي ساڀيان لاءِ هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو جدوجهد جي راهه ۾ گذاريو آهي.

اسان جي سماج ۾، جتي عورتن جي سياسي ۽ سماجي ڪردار کي اڪثر محدود ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، اتي سعيده گوپانگ جهڙيون بهادر عورتون مزاحمت، شعور ۽ اميد جو استعارو بڻجي سامهون اچن ٿيون. هوءَ انهن ناري اڳواڻن مان آهي، جيڪي خوف، ڏاڍ ۽ رڪاوٽن کي للڪاريندي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي قومي سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ ميدان ۾ بيهنديون آهن. سندس جدوجهد سنڌي عورتن لاءِ صرف هڪ مثال نه، پر همٿ، حوصلي ۽ شعور جو روشن مينار آهي.

ڪجهه عرصو اڳ سعيده گوپانگ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، جتي هن وقت هوءَ سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ ڪراچي جي سرگرم ۽ متحرڪ اڳواڻ طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پارٽي ۾ ئي ساڻس منهنجي ويجهڙائپ ٿي، ۽ مون کي فخر آهي ته مون کي ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سندس ويجهو رهندي سندس فڪر، خلوص ۽ جدوجهد کي سمجهڻ جو موقعو مليو. هوءَ نه رڳو هڪ سياسي ڪارڪن آهي، پر پنهنجي ساٿين لاءِ حوصلي، محبت ۽ ثابت قدميءَ جو مثال پڻ آهي.

ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾، جتي سنڌي عوام کي ڪيترن ئي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اتي سعيده گوپانگ جو آواز سنڌي عورتن جي حقن، قومي سڃاڻپ، سماجي برابري ۽ سياسي شعور جي نمائندگي ڪري ٿو. سندس سرگرميون ۽ جدوجهد ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته باهمت عورتون قومن جي تاريخ جو رخ موڙڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.سعيده گوپانگ جي زندگيءَ جو سفر اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته مقصد سان وابسته، شعور سان مالامال ۽ عزم سان سرشار عورتون صرف پنهنجي ذات لاءِ نه، پر پوري قوم لاءِ تبديلي، اميد ۽ روشن مستقبل جو پيغام بڻجي وينديون آهن. سندس جدوجهد، قومي وابستگي، ثابت قدمي ۽ قربانيون بيشڪ احترام ۽ ساراهه جوڳيون آهن.

اميد آهي ته هوءَ مستقبل ۾ به سنڌ، سنڌي قوم، عورتن جي حقن ۽ ترقي پسند سياسي جدوجهد لاءِ پنهنجي ڪردار کي ساڳئي جذبي، همت ۽ ثابت قدمي سان جاري رکي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.