عالمي درجي بنديءَ ۾ سنڌ جي يُونيورسٽين جي ٻُڏندڙ رينڪنگ

ياسر قاضي

عالمي سطح تي تعليمي معيار جي پرک ڪندڙ معتبر اداري ’ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي رئنڪنگ 2026ع‘ پنھنجي تازي رينڪنگ جي فھرست جاري ڪئي آهي، جنھن سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي زوال ۽ حڪومتي دعوائن جا پولَ پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. جتي پاڪستان جُون صرف 18 يونيورسٽيون هن عالمي فھرست ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن، اتي سڄيءَ سنڌ مان صرف ۽ صرف هڪ واحد مادرِ علمي ’ڪراچي يونيورسٽي‘ پنھنجو نالو منجهس شامل ڪرائي سگهي آهي، سا به انتھائي مايوس ڪندڙ حد تائين 1001 کان 1200 جي عالمي درجي جي وچ ۾ پڇاڙيءَ ۾ ٻُڏي ۽ لُڏي رهي آهي. هيءَ ڪا معمولي ڳالهه ناهي، پر سنڌ جي علمي، تحقيقي ۽ انتظامي زوال جي دردناڪ ڪھاڻي آهي، جنھن تي اڄ ڳوڙها ڳاڙڻ وارو ڪوبه ڪونهي.

گذريل 15 سالن دؤران سنڌ جي يونيورسٽين کي هڪ منظم طريقي سان ڄاڻي واڻي تباهيءَ ڏانھن ڌِڪيو ويو آهي. 2008ع کان 2012ع جي وچ واري عرصي ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي عالمي رئنڪنگ 600 جي آسپاس هئي. اڄ اها يونيورسٽي پنھنجي رينڪنگ جِي بقا جي جنگ وڙهندي 1000 کان به هيٺين درجي تي وڃي ڪِري آهي. 2012ع ۾ جڏهن هن يونيورسٽيءَ جي عالمي رئنڪنگ 601 هئي، تڏهن اميد هئي ته اها وڌيڪ اڳتي وڌندي. پر ريسرچ فنڊنگ جي کوٽ، سياسي مداخلتن ۽ نااهل انتظاميا سبب 2017ع ۾ هيءَ رئنڪنگ ڪِري 700 تائين پھتي. زوال جو اهو سفر اتي ئي ختم نه ٿيو، پر 2018ع ۾ هي ادارو 801 کان 1000 جي درجي تي هليو ويو. 2023ع ۾ تڏهن تاريخي پَستي ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ڪراچي يونيورسٽي عالمي سطح تي 1201 کان 1400 جي سڀ کان گهٽ درجي تي وڃي پهتي. هن سال 2026ع جي تازي رئنڪنگ ۾ اها بمشڪل هٿوراڻيون هڻي 1001 کان 1200 جي وچٿري درجي تي پھچي پنھنجو وجود مسَ بچائي سگهي آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ کي ڇڏي، باقي سڄيءَ سنڌ جون ڪروڙين روپيا بجيٽ کڻندڙ يونيورسٽيون عالمي اعليٰ تعليم جي نقشي تان مڪمل طور غائب ٿي چڪيون آهن. ڇا هيءَ صورتحال سنڌ جي حڪمرانن، اختيار ڌڻين ۽ تعليمي ماهرن لاءِ ڊيڄاريندڙ ناهي!؟

ڪجهه حلقا ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ان صورتحال کي سنڌ حڪومت جي ڪراچي شھر سان دشمني ٿا قرار ڏين، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ جي حڪمرانن تعليم دشمنيءَ جي معاملي ۾ سڄيءَ سنڌ کي برابر جا حق ڏنا آهن. سنڌ جي ٻين مادرِ علمين، جھڙوڪ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور يا نوابشاهه جي يونيورسٽين جو حال به انتھائي افسوسناڪ آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايشيائي سطح تي بدترين ناڪامي ڪنھن کان به ڳجهي ڪانھي. سنڌ جي هيءَ ٻين وڏي ۽ تاريخي درسگاهه عالمي رئنڪنگ جي فھرست ۾ ته پري پري تائين موجود ناهي، پر ايشيائي سطح جي درجه بنديءَ ۾ به ان جو حال ڏسي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا. سال 2019ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايشيائي رئنڪنگ 401 کان 450 جي وچ ۾ هئي. 2023ع ۾ اها تيزيءَ سان ڪِرندي 651 کان 700 تائين پھتي ۽ اڄ (2026ع ۾) اها وڌيڪ زوال جو شڪار ٿي 851 کان 900 جي درجي تي وڃي پھتي آهي. ايشيائي درجه بنديءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي صرف 7 سالن جي مختصر عرصي ۾ لڳ ڀڳ 450 درجن جي تاريخي لاٿ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. نتيجي طور، اڄ ڀارت، بنگلاديش ۽ سري لنڪا جھڙن ملڪن جون ڊزنين يونيورسٽيُون به تحقيقي معيار جي لحاظ کان سنڌ يونيورسٽيءَ کان گهڻو اڳتي نڪري چڪيون آهن.

2012ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي دؤر ۾ نوابشاهه ۾ وڏين دعوائن سان ’شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي‘ قائم ڪئي وئي هئي، پر 14 سال گذرڻ باوجود هيءَ يونيورسٽي ڪنھن به عالمي يا علائقائي درجي بنديءَ ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهي آهي. تحقيقي ڪارڪردگيءَ جي انگن اکرن موجب، هي ادارو پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ 152هين نمبر تي ۽ ريسرچ انڊيڪس مطابق عالمي سطح تي تقريباً 12,000هين نمبر تي موجود آهي، جيڪو ان لسٽ ۾ نه هئڻ جي برابر آهي. اھڙيءَ ريت خانگي يونيورسٽين جي ڳالهه ڪجي ته محترمه بينظير ڀٽو جي قائم ڪيل اداري ”زيبسٽ يونيورسٽي“ ڳريون فيُون اڳاڙڻ جي باوجود به عالمي مقابلي واري منظرنامي تان غائب آهي ۽ عالمي رئنڪنگ ۾ ”زيبسٽ“ جو ڪوبه نالو نشان ڪونه ٿو ملي.

انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبي ۾ پڻ سنڌ جون پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون عالمي سطح تي پنھنجو اثر ڇڏڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. ڪراچيءَ جي مشھور ’اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي‘ عالمي رينڪنگ مان مڪمل ريت غائب آهي. (جتان پاڻ سنڌ جو وڏو وزير ۽ سنڌ جي يونيورسٽين جو چانسيلر، مراد علي شاھه پڙهيو آهي، پر ان جي باوجود سندس دؤر ۾ سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي تباهيءَ کان بچائي نه سگهيو آهي.) اين اِي ڊِي يونيورسٽي، ايشيا جي سطح تي501 کان 550 جي بينڊ ۾ پنھنجو وجود مسَ مسَ بچايون بيٺي آهي. اهڙيءَ طرح، ڄامشوري جي ’مھراڻ انجيئرنگ يونيورسٽي (MUET)‘ پڻ بين الاقوامي فھرست مان ٻاهر هجڻ سان گڏ ايشيائي رئنڪنگ ۾ 601 کان 650 جي درجي تي پھچي چڪي آهي.

هنن ادارن کانسواءِ سنڌ جون ٻيون سموريون اهم سرڪاري يونيورسٽيون، جھڙوڪ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، قائد عوام انجيئرنگ يونيورسٽي (QUEST) نوابشاهه، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS) ڄامشورو، ۽ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڪراچي، ’ڪيو ايس‘ جي مين اسٽريم پبلڪ يونيورسٽيءَ واري عالمي رئنڪنگ 2026ع مان مڪمل طور تي غائب آهن. جيتوڻيڪ ڊائو يونيورسٽيءَ جھڙا ڪجهه ادارا ميڊيڪل جي مخصوص سبجيڪٽ رينڪنگس ۾ جزوي طور نظر اچن ٿا، پر مجموعي طور سنڌ جو پبلڪ سيڪٽر عالمي تعليمي معيار ۽ تحقيقي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ ۾ مڪمل ريت ناڪام رھيو آهي. خانگي شعبي ۾ آغا خان يونيورسٽي 1001 کان 1200 جي عالمي بينڊ ۾ موجود آهي، پر سرڪاري سطح تي ميرٽ، تحقيقي فنڊنگ جي کوٽ ۽ انتظامي نااهليءَ سبب سنڌ جا عوامي ادارا ڏينھون ڏينھن زوال طرف وڌي رهيا آهن.

ياد رهي ته 18هين آئيني ترميم تحت 2018ع ۾ سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جا مڪمل انتظامي اختيارَ وڏي وزير جي حوالي ڪيل آهي. ان کانپوءِ سنڌ جي يونيورسٽين جو جيڪو حال ٿيو آهي، اهو مٿي ڏنل انگن اکرن مان صاف ظاهر آهي.

سنڌ جي اعليٰ تعليم جي هن تباهيءَ جي ذميوار رڳو سنڌ سرڪار ناهي، پر ان ۾ وڏي ذميواري وفاقي هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي به آھي. هن ڪميشن تي عوام جا اربين کربين روپيه خرچ ٿي چڪا آهن، پر ان جي ڪارڪردگيءَ جو اهو حال آهي ته ملڪ جي هڪ به يونيورسٽي دنيا جي پھريُن 100 يونيورسٽين ۾ شامل ناهي ٿي سگهي. ان سڄي معاملي ۾ وفاقي تعصب ۽ فنڊن جي غير منصفاڻي ورڇ واري عنصر کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

سنڌ جي تعليمي حلقن پاران ’ايڇ اِي سيءَ‘ تي سنگين ترين الزام لڳايا ويندا آهن ته هي ادارو هن وقت لساني ۽ علائقائي تعصب جو شڪار بڻجي چڪو آهي. تحقيقي (ريسرچ) فنڊنگ جو هڪ تمام وڏو حصو رڳو اسلام آباد ۽ لاهور جي وفاقي ادارن کي ڏنو پيو وڃي، جنھنڪري سنڌ جون يونيورسٽيون صوبائي بي حسيءَ ۽ وفاقي لاتعلقيءَ جي ور چڙهيلَ آهن. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي ته تعليم سان ڪا دلچسپي ناهي، تنھنڪري انهن کي ان صورتحال جي ڪا پرواهه به ناهي. ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان جي يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊِي استادن جو سخت ڏڪر آهي. عالمي معيار جا پي ايڇ ڊِي پروگرام نه سنڌ ۾ موجود آهن ۽ نه ئي نوان متعارف ڪرايا پيا وڃن. ’ايڇ اِي سيءَ‘ تي اهو واضح الزام آهي ته ان پاران گهڻا تڻا انٽرنيشنل پي ايڇ ڊي اسڪالرشپ پروگرامَ لاهور ۽ اسلام آباد جي يونيورسٽين کي نوازيا ويندا آهن. جيڪڏهن گذريل 15 سالن ۾ سرڪاري خرچ تي امريڪا، برطانيه ۽ يورپ جي ٻين يونيورسٽين ڏانھن موڪليل پنجاب ۽ سنڌ جي شاگردن جو انگ ڪڍيو وڃي، ته اهو فرق واضح نظر ايندو. هي ادارو پاڪستاني سرڪاري يونيورسٽين جو عالمي ادارن سان اشتراڪ ڪرائڻ ۾ به مڪمل ريت ناڪام رھيو آهي. ٻي وڏي مشڪري ’امپيڪٽ رئنڪنگ‘ رستي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش طور ڪئي پئي وڃي.

جڏهن تحقيقي معيار ۾ ناڪامي ملي، ته ’سنڌ هاير ايجوڪيشن ڪميشن‘ پنھنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ’دي امپڪيٽ رينڪنگ‘ ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جو انگ 16 مان وڌائي 44 ڪري ڇڏيو ۽ ان کي هڪ وڏي عالمي ڪاميابي قرار ڏنو. پر حقيقت اها آهي ته هي ڪو اصل تحقيقي معيار ناهي، پر صرف گڏيل قومن جي ترقياتي مقصدن (SDGs) تي رپورٽنگ ڪرڻ جي هڪ ترتيب آهي، جنھن جو عالمي رينڪنگ سان ڪوبه تعلق ناهي. اختيارين کي گهرجي ته اهي عوام کي اهڙن گمراهه ڪندڙ انگن اکرن سان بيوقوف بڻائڻ ۽ بَھلائڻ بند ڪن.

سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ اڄ احتساب جي شديد کوٽ آهي. وائيس چانسلرن جون تقرريون ميرٽ جي بنياد تي نه، پر سياسي لاڳاپن ۽ وفادارين جي بنياد تي ڪيون وڃن ٿيون. رئنڪنگ ۾ هيڏِي تاريخي لاٿ لاءِ اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به وائيس چانسلر يا انتظامي اختيارين کي جوابدي ناهي بڻايو ويو. افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته اسانجي ميڊيا جو تعليمي تباھيءَ جي موضوعن سان ڪوئي واسطو ئي ناهي، تنھنڪري اها ڪڏهن به اهڙن اهم تعليمي مسئلن ۽ معاملن تي سوال نٿي اٿاري. نه ته هن ملڪ ۾ اعليٰ تعليمي ادارن ۽ تعليمي بورڊز جي بدانتظاميءَ ۽ ڪرپشن کان وڏي ڪا خبر نه هجڻ کپي.

اسانجي پرائمري تعليم جو ته هونئن ئي حال پورو آهي ۽ تعليم جو وزير پاڻ ٿو چوي ته سنڌ جا 44 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر آهن، پر سنڌ جي ڊگري اِوارڊ ڪندڙ ادارن جو به سج لٿل آهي ۽ لکين روپيه پگهار کڻندڙ يونيورسٽين جا اڪثر پروفيسرَ پنھنجا ڪلاس وٺڻ کان به لنوائن ٿا. تعليم ڪنھن به قوم جُون اکيُون هوندي آهي. جيڪڏھن اسان اڃا به پنھنجي اعليٰ تعليمي ادارن جي ان حد تائين بُري ڪارڪردگيءَ تي به اکيون نه کوليون، ته هن قوم جُون اکيون کسجي وينديون ۽ اسان عالمي مقابلي جي مانڊاڻ ۾ ڪٿي به نه هونداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.