واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا دفاعي ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته هو ميزائيلن ۽ ٻين اهم هٿيارن جي پيداوار 2 کان 4 ڀيرا تائين وڌائن، جيئن چين سان امڪاني تڪرار جي صورت ۾ هٿيارن جي کوٽ کان بچي سگهجي.
وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب، پينٽاگون آمريڪي هٿيارن جي گهٽ اسٽاڪ تي پريشان آهي ۽ انڪري پنهنجن ميزائيل فراهم ڪندڙن تي زور ڏئي رهيو آهي ته هو تيز رفتاري واري شيڊيول تحت پيداوار وڌائن.
ان حوالي سان پينٽاگون جي اعلى اختيارين ۽ آمريڪين ميزائيل ساز ڪمپنين جي نمائندن جي وچ ۾ ڪيئي اعلى سطحي اجلاس ٿي چڪا آهن،
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڊفينس سيڪريٽري اسٽيو فينبرگ ان عمل جي سڌي ريت نگراني ڪري رهيو آهي ۽ هفتيوار بنيادن تي ڪمپنين جي سربراهن سان رابطي ۾ رهي ٿو.
جون ۾ پينٽاگون اهم ميزائيل ساز ڪمپنين کي هڪ اجلاس لاءِ طلب ڪيو هو جنهن ۾ آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسٿ ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين به شرڪت ڪئي، انهيءَ اجلاس دوران لاڪ هيڊ مارٽن، ريٿيون، اينڊريل انڊسٽريز ۽ ٻين ڪمپنين جي نمائندن به شرڪت ڪئي هئي.
انهن ادارن چيو آهي ته اهي وڌيڪ ملازم ڀرتي ڪري رهيا آهن، ڪارخانن جي توسيع ڪري رهيا آهن ۽ واڌو پرزن جو اسٽاڪ تيار ڪري رهيا آهن ته جيئن ممڪن طلب کي پورو ڪري سگهجي.
اخبار موجب، جون ۾ ٽرمپ انتظاميا وڌيڪ جارحاڻي پيداوار جا هدف مقرر ڪيا هئا، انهي عرصي دوران اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ 12 ڏينهن واري جنگ ۾ آمريڪا سوين جديد ميزائيل استعمال ڪيا جهڙوڪ جنهن سبب آمريڪي اسٽاڪ وڌيڪ گهٽجي ويا.
ذريعن موجب، پينٽاگون چين سان امڪاني جنگ لاءِ 12 هٿيارن کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، جن ۾ پيٽرياٽ انٽرسپٽر ميزائيل، لانگ رينج اينٽي شپ ميزائل، اسٽينڊرڊ ميزائيل 6، پريسيجن اسٽرائڪ ميزائيل ۽ جوائنٽ ائير-سرفيس اسٽينڊ آف ميزائيل شامل آهن.
خاص طور تي پيٽرياٽ ميزائيل کي پهرين ترجيح ڏني پئي وڃي ڇو ته لاڪ هيڊ مارٽن عالمي طلب کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
دستاويزن موجب پينٽاگون ڪمپنين کي چيو آهي ته اهي 6، 18 ۽ 24 مهينن جي اندر پيداوار کي موجوده سطح کان 2.5 ڀيرا وڌيڪ ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪن.
سيپٽمبر ۾ آمريڪي فوج لاڪ هيڊ مارٽن کي لڳ ڀڳ 10 ارب ڊالر جو ٺيڪو ڏنو، جنهن تحت اها ڪمپني 2024 کان 2026 جي وچ ڌاران اٽڪل 2 هزار پي اي سي-3 ميزائيل تيار ڪندي، پينٽاگون چاهي ٿو ته مستقبل ۾ هر سال اهڙا ئي پيٽرياٽ ميزائيل ٺاھيا وڃن جيڪي موجوده پيداوار کان لڳ ڀڳ چار ڀيرا وڌيڪ هجن.
چين سان جنگ جو خطرو، آمريڪا جو دفاعي ڪمپنين کي ميزائلن جي پيدوار چئوڻي ڪرڻ جو حڪم
You might also like