ايشيا ڪپ فائنل ۾ ڀارت کان شڪست ۽ ان کانپوءِ ٽرافي واري تڪرار تي پاڪستان جي ڪيترن ئي اڳوڻن رانديگرن سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
ڪجهه اڳوڻن رانديگرن ٽيم جي بيٽنگ ۽ ڪپتاني تي سوال اُٿاريا، ته ڪجهه ڀارتي ٽيم جي ٽرافي نه وٺڻ واري فيصلي کي ڪرڪيٽ جي اصل روح خلاف قرار ڏنو.
دبئي ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي نائون ڀيرو ايشين چيمپيئن بڻي.
پاڪستان جي ڏنل 147 رنسن جو هدف ڀارت 19.4 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
تلڪ ورما ناٽ آئوٽ 69 رنس ٺاهيا، جڏهن شِوَم دوبَي 33 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
ميچ کان پوءِ ٽرافيءَ جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو پهريان ڪڏهن به ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ناهي ڏٺو ويو.
ڀارتي ٽيم ، پي سي بي چيئرمين، اي سي سي جي صدر ۽ گهرو وزير محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پاڪستان جي ڪارڪردگيءَ تي سوال
اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل بيٽنگ کي ٽورنامينٽ جي سڀ کان وڏي ڪمزوري قرار ڏنو.
هن چيو ته ٽيم رڳو” ماڊرن ڪرڪيٽ“ جو نعرو لڳائي رهي آهي، پر تياري ۽ سليڪشن ۾ سنجيدگي ناهي.
يوٽيوب چينل ”دي گيم پلان“ تي ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته ” رڳو ماڊرن ڪرڪيٽ جو نعرو هڻڻ سان ٽيم ناهي ٺهندي، ان لاءِ رانديگرن کي صحيح نموني تيار ڪرڻو پوندو، صحيح چونڊ ڪرڻي پوندي ۽ دنيا جي ڪرڪيٽ ڏسي کيڏڻو پوندو.“
هن چيو ته ۾ سڄي ايونٽ ۾” بيٽنگ جدوجهد ڪندي رهي… ظاهر آهي ته بيٽنگ ۾ توازن ئي ناهي، هر ڀيري تجربا ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، جنهن نمبر جو رانديگر آهي، ان کي ساڳي نمبر تي کيڏڻو آهي، ٻي صورت ۾ وڏين ٽيمن خلاف اهو ئي حال ٿيندو.“
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ به حالتن کي سمجهڻ ۾ غلطي ۽ ”گيم اويئرنس“ جي کوٽ تي سوال اٿاريا.
شعيب ملڪ چيو ته ”سڀ کان پهرين ڏسو ته اوهان ڪنڊيشنز کي سمجهيو ئي ناهي، بيٽنگ ۾ به غلطي ٿي ۽ بالنگ ۾ به ۽ وري فيلڊنگ به خراب ڪئي جڏهن ٽي وڪيٽون ڪِري پيون هيون، تڏهن ميچ تبديل ڪرڻي هئي پر اوهان ساڳيون غلطيون ورجايون، گيم اويئرنس ٻُڙي هئي ۽ مٿان ڪپتان ڇا ڪيو؟ ڀائو پاڻ نه وڃو، اهڙن بيٽرن کي موڪليو جيڪي فارم ۾ آهن، جيڪڏهن توهان کان رنسون نه پيون ٺهن ته فارم وارا بيٽر اڳ موڪلڻ گهرجن، هڪ سئو ويهه بال کيڏڻا آهن ته اُهي رانديگر کيڏن جيڪي فارم ۾ آهن.“
ڪپتاني ۽ مئنيجمينٽ تي تنقيد
اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر ايشيا ڪپ فائنل ۾ شڪست جو سڌو سنئون ٽيم مئنيجمينٽ ۽ ڪپتاني کي ذميوار قرار ڏنو.
هن چيو ته ” اڄ 175 رنس ٺهي پيون سگهن، جيڪو مقابلو جهڙو ٽوٽل هجي ها، پر افسوس ائين نه ٿيو، رڳو رانديگرن جو نه پر مئنيجمينٽ جو به مسئلو آهي، صحيح طريقيڪار نظر نه پيو اچي مان چوڻ نٿو چاهيان پر هي بيڪار ڪوچنگ آهي، اسان جو مڊل آرڊر اڳ ئي مسئلو رهيو آهي.“
هن ڪپتاني تي به سوال اٿاريا ۽ چيو ته ” تبديلين ۾ عقل کان ڪم نه ورتو ويو، اسپنر مزو نه پيا ڪن ته حارث رئوف کي ڇو آندو ويو؟ غلطيون ڊگهيون آهن ۽ هاڻي فوري سڌاري جي ضرورت آهي.“
ڀارتي رانديگرن جي واکاڻ پاڪستاني ٽيم لاءِ صلاحون
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين رمياز راجه پنهنجي يوٽيوب چينل تي چيو:
”پاور پلي ۾ پاڪستان ميچ ۾ پوزيشن مضبوط ڪري ورتي هئي، اوپنرن جارحاڻي انداز سبب ڀارت بيڪ فٽ تي هلي ويئي هئي، رن ريٽ 10 في اوور تائين پهچي چڪو هو ۽ ڀارتي بالر دٻاءَ ۾ هئا، پر ان کانپوءِ حالتون اوچتو مٽجي ويون ۽ پاڪستان مضبوط پوزيشن مان ڪمزور ٿي ويو.“
شعيب ملڪ چيو ته ” سوال اهو آهي ته پاڪستان ڪيستائين کٽيل ميچون مخالفن کي ڏيندو رهندو؟ اِهو پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، ڀارت ڏيکاري ڇڏيو ته ڏکين حالتن ۾ به ڪيئن واپسي ڪبي آهي، ڪلدپ يادَو ۽ جسپريت بُمرا جهڙا بالر ميچ هٿ مان نڪرڻ کا پوءِ به ڦيرائي سگهن ٿا، جڏهن ته پاڪستان وٽ اها صلاحيت ناهي.“
ٽرافي نه وٺڻ تي راءِ
ڪامران اڪمل ٽرافي واري تڪرار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن اوهان کي هٿ ملائڻو نه هو يا ٽرافي نه وٺڻي هئي ته پهرين ئي کتو جواب ڏئي ڇڏيو ها، ايشيا ڪپ جي اجلاس ۾ اها ڳالهه رکو ها، اوهان ميچ کٽي، نمبر ون ٽيم آهيو، ته ٽرافي وٺڻ گهرجي ها، پر جڏهن رانديگر ٽرافي وٺڻ ئي نه آيا ته سڄو مزو خراب ٿي ويو.“
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان جي ڪپتان سلمان آغا چيو ته ”جيڪڏهن توهان ڪرڪيٽ ڏسو ته سندن هٿ نه ملائڻ يا اهڙو رويو اسان جو نه پر ڪرڪيٽ جو بي ادبي آهي، ۽ جيڪو ڪرڪيٽ جي بي عزتي ڪري ٿو، اهو ڪٿي نه ڪٿي سامهون اچي ٿو، اڄ به انهن( ڀارتي ٽيم) جيڪو ڪيو، منهنجي خيال ۾ ڪا به سٺي ٽيم ائين ناهي ڪندي، سٺي ٽيم اسان وانگر هوندي آهي، جيڪا اڪيلي وڃي ٽرافي سان تصوير ڪڍرائي ۽ پنهنجا ميڊل وٺي.“
پاڪستاني مداحن جو ردعمل
اسلام آباد سميت ڪيترن شهرن ۾ شوقينن وڏي اسڪرينن تي ميچ ڏٺي، ميچ کانپوءِ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
ڪجهه ٽيم جي شروعاتي بيٽنگ ۽ بالنگ جي تعريف ڪئي، پر گهڻن مڊل آرڊر جي مسلسل ناڪامي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،
مداحن ڪپتاني تي به سوال اٿاريا ۽ چيو ته جيڪڏهن حڪمت عملي بهتر هجي ها ته نتيجو مختلف ٿي پئي سگهيو.
ان جي باوجود ڪيترن شوقينن ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪرڪيٽ اَپس اينڊ ڊائون جي راند آهي، هار کٽ ٿيندي رهندي آهي، مستقبل ۾ پاڪستان سٺو کيڏندو.